ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اسٽيبلشمنٽ – پيپلز پارٽيءَ جو نئون لو افيئر

Editorial-Article- Allahbux Rathor

ناڻو ۽ اقتدار اهڙا موهه آهن، جيڪي نه فقط رت جي رشتن کي خراب ڪندا آهن، پر سالن ۽ صدين جي رشتن ۽ ناتن کي وکيري ڇڏيندا آهن. اقتدار جي حاصلات لاءِ ڪيئن حڪمرانن ڀائرن جون سسيون ڌڙ کان ڌار ڪري پيءُ ڏانهن “سوکڙي” طور موڪليون؟ هي تاريخ جو حصو آهن. موجوده دور ۾ هي ڳالهه عام طور چئي ويندي آهي ته پيار ۽ جنگ ۾سڀ ڪجهه جائز آهي. ساڳي ڳالهه سياست تي به پوري لهي ٿي، اهي جيڪي، حب علي يا بغض معاويا ۾ هڪٻئي جا ساٿي يا اتحادي بڻيا، ساڳيا ئي وري هڪٻئي جا مخالف ٿيا، ايستائين جو دشمني تي حد تائين ويا. ان ڪري چيو وڃي ٿو ته سياست ۾ دوست ۽ دشمن مستقل نه ٿيندا آهن، اهي حالتن مطابق تبديل ٿيندا رهندا آهن، اهو ئي سڀ ڪجهه موجوده دور ۾ به ٿي رهيو آهي.
هيءَ ڳالهه چوڻ وقت کان اڳ ٿيندي ته اسٽيبلشمنٽ ايتري ڪمزور آهي، جو اها (ن) ليگ جي شرطن تي ان کي اقتدار منتقل ڪندي. ميان نوازشريف سمجهي ٿو ته 15 مهينن جي اقتدار دوران، جيڪو هن سياسي سرمايو سيڙايو يا وري نقصان ڪيو، اهو مارڪ اپ سميت واپس ڪرڻو آهي، ان ڪري، واڳ ڌڻي انهن جي شرط تي نه آيا ته هو اينٽي اسٽيبلشمنٽ بيانيو اختيار ڪندا ۽ عوام کين ووٽ جي طاقت سان اقتدار ۾ آڻيندو. شريف ڀائر سمجهن ٿا ته انهن جن پنجن اهم شخصيتن جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي، ان تي عمل نه ٿيو ته پوءِ هو اينٽي اسٽيبلشمنٽ ٿي ويندا. حقيقت هي آهي ته (ن) ليگ اندر پرو ۽ اينٽي اسٽيبلشمنٽ ڌريون موجود آهن. اُٺ پکي جيان (ن) ليگ کي جنهن وقت اسٽيبلشمنٽ سان گڏجي ڪم ڪرڻو هوندو ته ميان شهباز شريف جو سافٽ مُک موجود آهي، باقي اينٽي ٿيڻ لاءِ ميان نواز شريف جي روپ ۾ مريم نواز موجود آهي. جيڪڏهن ضرورت پئي ته ميان صاحب پاڻ به اسڪرين تي نظر ايندو. هي هيل تائين ٿيندو رهيو آهي. ممڪن آهي ته هينئر (ن) ليگ واڳ ڌڻين کي پنهنجن شرطن تي ڪمزور وڪيٽ تي آڻي مطالبا مڃرائڻ گهرندي هجي. پر ان لاءِ زميني حقيقتون، (ن) ليگ جو ساٿ نٿيون ڏين.
(ن) ليگ جو “ووٽ کي عزت ڏيو”، بيانيو يا سوچ ماضي جو حصو بڻجي وئي آهي. ان سان گڏ ايندڙ چونڊن ۾ (ن) ليگ وٽ، ووٽ وٺڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. هو عوام کي ڇا ڏيندا؟ عوامي ڀلائي لاءِ ڇا ڪندا؟ عام ماڻهوءَ جو ڪچونبر نڪري ويو آهي. هڪ طرف عمران خان مهانگائيءَ جي سونامي آندي، رهيل ڪسر اتحادي حڪومت پوري ڪري ڇڏي. هي مهانگائيءَ جي ٻوڏ لهي ئي نٿي ۽ عام ماڻهو چيڀاٽجي ويو آهي. (ن) ليگ هينئر به نان اشوز تي راند کيڏڻ گهري ٿي، جيڪا ممڪن نظر نٿي اچي. هينئر جنهن نوعيت جي صورتحال آهي، ان ۾ سموري رياستي ڍانچي تي واڳ ڌڻين جو قبضو آهي. انهن جي چوڻ آکڻ کانسواءِ ڪک پن به نه چري رهيو آهي. هو اڇي ڪاري جا مالڪ آهن. عمران خان جيڪو سياسي خال پيدا ڪيو، اهو به سياسي پارٽين نه ڀريو آهي، پر ان تي واڳ ڌڻي قابض آهن. هنن ملڪي معيشت کان وٺي پرڏيهي پاليسي تائين سڀ ڪجهه پنهنجي قبضي ۾ ڪيو آهي. ائين لڳي ٿو ته پهريان پي ٽي آءِ ۽ ان کانپوءِ اتحادي حڪومت سمورا معاملا واڳ ڌڻين کي آئوٽ سورس ڪري ڇڏيا. جڏهن واڳ ڌڻي ايترا بااثر آهن ته انهن کي صرف شرطن رکڻ سان ڪمزور ڪري نه سگهبو. ان لاءِ هر محاذ تي ويڙهه وڙهڻي پوندي. ان ويڙهه لاءِ ڪابه سياسي پارٽي تيار ناهي ۽ اهي رڳو سوديبازي ڪرڻ گهرن ٿيون. سياسي ڌرين جي ڪيمسٽري کان واڳ ڌڻي، دائي جيان دُن کان واقف آهن، انهن کي اها به خبر آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به ڌر کي اقتدار جو آسرو ڏنو ويو ته اها وٺڻ لاءِ پهچي ويندي. جنهن ملڪ جا اڪثر سياستدان پاڻ کي اسٽيبلشمنٽ جو سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن، اهي مزاحمت ڪهڙي ڪندا؟
هن ملڪ ۾ ووٽرن جو انگ ڪيترا ڪروڙ آهي؟ ان جي گهڻي اهميت ناهي. اهي ووٽرز توڙي جو اهميت رکن ٿا، پر ووٽ جي عمل کي جنهن طريقي سان Manipulate ڪيو ويندو آهي، ان جي نتيجي ۾ عوام جي راءِ واضح نه ٿيندي آهي. جيڪڏهن چونڊ عمل ئي شفاف نه هجي ته ووٽ جي حيثيت ڪيتري رهجي وڃي ٿي. هي تاثر به موجود آهي، ووٽن وجهڻ جي گهٽ شرح به هڪ خاص سوچ جو نتيجو ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن من پسند اميدوارن کي کٽرائڻو هوندو ته اها شرح گهٽائي ويندي، اهڙي صورتحال پيدا ڪئي ويندي، جو عوام ووٽ وجهڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. جيڪڏهن عوام کي ووٽ وجهڻ لاءِ آمادهه ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي ته ان حوالي سان ڪيترائي ماڊل موجود آهن. اهي ملڪ جتي ووٽن وجهڻ جي شرح گهٽ آهي، اتي ووٽ ڪنهن جي حق يا مخالفت ۾ وجهڻ سان گڏ “ڪنهن کي ووٽ نه ڏيڻ”(Say No to all) جو آپشن سامهون ايندو آهي. ان حوالي سان دنيا جي سو کان وڌيڪ ملڪن ۾ ته ڪنهن کي به ووٽ نه ڏيڻ جو ٽيون آپشن، اليڪشن ڪميشن ڏيندي آهي، جنهن مان خبر پوندي آهي ته عوام سياسي قيادت مان ڪيترو بيزار آهي.
جيستائين (ن) ليگ جو واسطو آهي ته پروجيڪٽ عمران خان دوران، جنهن وقت ليگي اڳواڻن جي پڪڙ ڌڪڙ شروع ٿي ته انهن جنرل باجوا کي ايڪسٽينشن ڏيڻ واري قانون سازي جي حمايت ڪرائي، پاڻ لاءِ سافٽ ڪارنر پيدا ڪرايو. جنهن جو اعتراف راڻا ثناءُ الله هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ به ڪيو. (ن) ليگ جي سياسي اڳواڻن توڙي ورڪرن ۾ اينٽي اسٽيبلشمنٽ دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي ڪيتري سگهه آهي، اهو اسان ماضي قريب ۾ ڏسي چڪا آهيون. ان جي قيمت وڌيڪ شريف خاندان کي ادا ڪرڻي پئي.
هينئر واڳ ڌڻين اڳيان ٽي آپشن موجود آهن:
1-(ن) ليگ جي مطالبن کي مڃيندي اڳوڻي آرمي چيف، ڳجهي اداري جي اڳوڻي سربراهه ۽ ٽن ججن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
2-پيپلز پارٽي، واڳ ڌڻين جي اتحادين ۽ آزاد اميدوارن کي گڏائي مرڪز ۽ ٽن صوبن ۾ حڪومت قائم ڪئي وڃي.
3-پ پ، تحريڪ انصاف ۽ اليڪٽيبلز تي ٻڌل حڪومت جو وري نئون تجربو ڪيو وڃي، جنهن ۾ رڳو پنجاب ۾ (ن) ليگ اقتدار ۾ رهي.
انهن ٽنهي آپشنر کانسواءِ انتهائي انتهاپسندي وارو آپشن، فوج جو سڌو اقتدار سنڀالڻ به آهي، پر ان تي هينئر ڪا اڳڀرائي نه ٿي رهي آهي. (ن) ليگ جي مطالبن جي مڃتا جا گهٽ امڪان آهن، ڇاڪاڻ ته واڳ ڌڻين وٽ ٻه ٻيا آپشن موجود آهن. پهرين آپشن تي عمل نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ ايترو ضرور ٿيندو ته سياسي ڇڪتاڻ، جيڪا ميثاق جمهوريت جي نتيجي ۾ ختم ٿي. اها ٻيهر ڪر کڻي سگهي ٿي. پرويز مشرف کي گرفتار ڪرڻ وارو تجربو سڀني کي سامهون آهي.
ٻئي آپشن طور پ پ ۽ واڳ ڌڻين جي اتحادين تي ٻڌل حڪومت ۾ اچڻ سان سياسي تضاد ته وڌندا، پر اسٽيبلشمنٽ ان آپشن تي عمل ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته ٽئين آپشن تي في الحال ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي. اهو آخري حل به ٿي سگهي ٿو. آصف زرداري چوڌري شجاعت حسين کان وٺي، جن اڳواڻن سان ملاقون ڪيون، انهن ذريعي هي سگنل به ڏنو پيو وڃي ته اينٽي (ن) ليگ حڪومت قائم ڪئي ويندي. هي حلقا چون ٿا ته پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي فيصلي تحت آصف زرداري سمورن آپشنز ۽ رابطن کي آزمائي رهيو آهي، ممڪن آهي ته هو پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿي وڃي. گهٽ ۾ گهٽ لنڊن ۾ (ن) ليگ قيادت جي اجلاس جي اندران جيڪا خبر آئي آهي. ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته نواز شريف هارڊ لائين اختيار ڪرڻ گهري ٿو ۽ سندس هي سوچ کيس سياسي نقصان به پهچائي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button