ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ميان صاحب! هاڻ دير ٿي وئي آهي

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

2018ع جي چونڊن ۾ نواز شريف جي پارٽي مسلم ليگ (ن) اسٽيبلشمينٽ مخالف نعري هيٺ ميدان ۾لٿي هئي ۽ ان ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو ڏئي عوام جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر جيئن ته اهو طئي ٿي چڪو هو ته اقتدار عمران خان نيازيءَ کي ڏنو ويندو، ان ڪري سادي اڪثريت جيتريون سيٽون نه ماڻيندڙ عمران خان نيازيءَ کي اقتدار ڏئي نواز شريف کي اقتدار کان ٻاهر ڪيو ويو. پر ان وقت جڏهن نواز ليگ خلاف ماحول تيار ٿي چڪو هو ۽ اسٽيبلشمينٽ سڄي دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهندي اقتدار عمران خان نيازي حوالي ڪري ڇڏيو ته ان وقت اسٽيبلشمينٽ مخالف نعرو نواز ليگ جي گهڻو ڪم آيو هو. ان کان پوءِ پي ٽي آءِ جيئن اقتدار ۾ آئي ته ان ملڪ کي هڪ اهڙي بحران ۾ وجهي ڇڏيو، جنهن مان نڪرڻ هاڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

هاڻ جڏهن عمران خان نيازي اقتدار کان ٻاهر آهي ۽ اهو جيل ۾ واڙيل آهي ته نواز ليگ لاءِ ميدان صاف آهي. ميدان صاف ضرور آهي پر ان ميدان ۾ لهي مقابلو ڪرڻ ايترو سولو ڪونهي. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جنهن نريٽو سان هاڻ ميدان ۾ موجود آهي، اهو اسٽيبلشمينٽ مخالف آهي. ملڪ ۾ سدائين ووٽ اسٽيبلشمينٽ مخالف نعري کي پوندو آهي. تنهنڪري هڪ ڀيرو وري نواز شريف اها ڪوشش ڪري رهيو آهي ته اهڙو بيانيو مارڪيٽ ۾ آڻجي جنهن سان نواز ليگ کي وڌ کان وڌ ووٽ ملي سگهي.
تازو هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف، جنرل قمر جاويد باجوه، اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل فيض حميد، اڳوڻن چيف جسٽسن، ثاقب نثار ۽ آصف سعيد کوسي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ان کان اڳ به نواز شريف اڳوڻي آمر پرويز مشرف خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو هو ۽ ان جي نتيجي ۾ کيس گهڻو ڀوڳڻو پيو هو. جيڪڏهن نواز ليگ پنهنجا معاملا اسٽيبلشمينٽ سان سڌا ڪري چڪي آهي ۽ اها اقتدار ماڻڻ واري آهي ته پوءِ هاڻ اسٽيبلشمينٽ مخالف نعرو هڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، جڏهن ته هاڻ اهو نعرو ڪم جو به ناهي، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جي سڄي دور ۾ نواز ليگ اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين وسيلي پنهنجا معاملا سڌا ڪيا. عمران خان نيازيءَ کي اقتدار کان هٽائڻ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ فائدو نواز ليگ کي ٿيو. جيتوڻيڪ حڪومت پي ڊِي ايم جي هئي پر ان جو گهڻي کان گهڻو فائدو نواز ليگ ورتو. شهباز شريف وزير اعظم ٿيو ۽ هن نئون آرمي چيف مقرر ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته شهباز شريف ايترو ئي بدترين وزير اعظم ثابت ٿيو، جيترو عمران خان هو. ٻنهي جي حڪومتن ۾ عوام کي ڪو رليف ڪونه ملي سگهيو هو.
نواز شريف شايد اهو سمجهي رهيو آهي ته جيڪڏهن هو اسٽيبلشمينٽ مخالف يا انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندو، جيڪي سندس اقتدار وڃائڻ جو سبب بڻيا ۽ ان سان کيس وڏي اڪثريت ۾ ووٽ ملندو ته اها سندس ڀل آهي، اهو ان صورت ۾ ٿي پئي سگهيو، جڏهن عمران خان کي اقتدار مان هٽائڻ کان پوءِ نواز ليگ اقتدار ۾ ڪو حصو پتي نه وٺي ها پر هاڻ نواز شريف کي اهو سمجهڻو پوندو ته گهڻي دير ٿي وئي آهي ۽ هن وقت ان نعري جي سري هيٺ کيس ووٽ ڪونه ملي سگهندا. بلڪه ان سان نواز ليگ کي گهڻو نقصان پئجي سگهي ٿو. تنهنڪري ايندڙ وقت ۾ جڏهن هو لاهور ۾ اچي لهندو ته عوام کي ڏيڻ لاءِ هن وٽ ڇا هوندو، اهو وڌيڪ اهم هوندو.
هن وقت عمران خان اسٽيبلشمينٽ مخالف نريٽو سان بيٺو آهي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت کان سواءِ چونڊون ٿين ٿيون ته ان جو سڀ کان وڏو فائدو پي ٽي آءِ کي ٿيندو. سو ميان صاحب کي ياد رکڻ گهرجي ته هاڻ دير ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button