هڪ اهڙي دنيا جيڪا گهڻو ڪري ورڇ سان ڀريل آهي، اتي محبت هڪ پل وانگر بيٺل آهي، جيڪا ماڻهن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي. سرحد، ثقافتن ۽ عقيدن کي پار ڪري انهن کي هڪ ڪريو ڇڏي.
انهيءَ عالمگير جذبي جو گهرائيءَ سان اڀياس ڪرڻ لاءِ اسان پنهنجون نظرون مقدس الهامي ڪتابن ۽ صوفي بزرگن جي روشن حڪمت ڏانهن ڦيرايون ٿا.
اسان سان گڏوگڏ سماجيات جا عالم به اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته محبت ڪيئن اسان جي جوڙجڪ ڪري ٿي. اها ڪهڙي ريت دنيا ۾ ڪروڙين انسانن کي هڪٻئي سان ملائي ڇڏيندي آهي، جڏهن ته انسان وٽ ٻولي، ثقافت ۽ خطن جو فرق صدين کان هلندو پيو اچي. جيئن روشنيءَ جو ڪرڻو اسان تائين صبح جو پهچي ٿو. بائيبل ۾ لکيل آهي ته پيار صبر آهي، پيار رحم آهي، پيار حسد ناهي. پيار غرور ناهي. پيار ڪنهن جي تذليل نٿو ڪري. پيار خوديءَ جي تلاش به ناهي. پيار تڪڙي اشتعال ۾ ايندڙ ڪا شيءِ به ناهي. پيار ڪنهن کي به برباد نٿو ڪري. پيار برائيءَ جو جشن ملهائڻ به ناهي. دراصل پيار هڪ سچ جي مسرت آهي. پيار اعتبار جو نالو آهي. پيار محافظ آهي. پيار ڪڏهن ناڪام ناهي ٿيندو. پر اهي سڀئي اڳڪٿيون آهن، جيڪي رد ٿين ٿيون.
جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه هوندي ته ان مان خوشي جنم وٺندي ۽ جتي علم هوندو آهي، اهو به وقت سان گڏ مٽجي ويندو آهي. پر پيار هر حال ۽ هر صورت ۾ موجود آهي. قائم دائم آهي. هيءَ دنيا جيڪا ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي ۽ مادي هڻ وٺ ذريعي هلي رهي آهي، اتي غير مادي ثقافت جي گهري اثر کي انظرانداز ڪرڻ آسان آهي، تخيل انساني وحدت جو ذريعو آهي، انسان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ تخيل جا اثرا تمام گهڻا آهن. انساني ترقيءَ جي انجڻ آهي.
سائنسي دريافتن کان وٺي فن جي شاندار ڪم تائين اهو تخيل ئي آهي، اهو تصور ڪرڻ جي صلاحيت آهي، جيڪا اڃا تائين موجود آهي، اسان جي مستقبل کي تشڪيل ڏيڻ جي صلاحت لاءِ بنيادي جز آهي جيڪي غير مادي ثقافت سان جڙيل آهن، جتي قدر عقيدا ۽ جذبا هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن.
مادي ثقافت سماج جي مختلف حصن تي آڌاريل هوندي آهي، ان ۾ قدر، روايتون، عقيدا ۽ خاص طور تي محبت ۽ همدرديءَ جي صلاحيت اچي وڃن ٿا. اهي جذبا يا خيال ۽ تصور هڪ زرخيز زمين ٺاهين ٿا. جنهن تي ترقيءَ جا ٻج ڇٽيا وڃن ٿا. محبت جو تصور سماج جي غير مادي ڪلچر ۾ تمام گهڻو جڙيل آهي. ترقي خوشحاليءَ لاءِ هڪ اهم اتساهه محبت آهي. اهو مضبوط تعلق جي پالنا ڪري ٿي. ماڻهن کي همت ڏئي ٿي ۽ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ، همدردي ڪرڻ ۽ مدد ڪرڻ ۾ ڪارائتي آهي. ائين ڪرڻ سان سماج ۾ اجتماعي ترقي ڪرڻ جو تصور اڀري ٿو. اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ رهون پيا جتي مادي شيون ئي زندگيءَ جو محور بڻيل آهن. ان کان اڳ ڪوبه اهڙو دور مادي پرست نه رهيو آهي، جهڙُو اڄوڪي دنيا جو اسين مشاهدو ڪري رهيا آهيون. اڄ جي دور ۾ تمام گهڻي ضرورت محسوس ٿئي ته اسان غير مادي ثقافت جي گهري اثر کي سڃاڻو خاص ڪري محبت جي تصور کي. محبت اسان جي گڏيل مشڪلاتن کي حل ڪرڻ ۽ رڪاوٽن کي پار ڪرڻ ۽ سماجي ڀلائيءَ لاءِ بنيادي طور ڪم ڪري ٿي. اسان کي اهو هرگز نه وسارڻ گهرجي ته مادي ترقيءَ جي پويان غير مادي بنياد هوندو آهي.
ڪنهن ڏاهي چواڻي ته محبت اها واحد قوت آهي، جيڪا دشمن کي دوست ۾ تبديل ڪري سگهي. مهاتما گانڌي موجب جتي پيار آهي، اتي زندگي آهي. سو اسان کي پنهنجي نئين نسل کي انهن جذبن، خيالن ۽ تصورن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو ته جيئن دنيا امن ۽ پيار جو محور ٿي سگهي.