ملڪ ۾ هن وقت اکين کي متاثر ڪندڙ وائرس هلي رهيو آهي، جنهنڪري ٻار ان بيماريءَ جو گهڻو شڪار ٿي رهيا آهن، تازي وائرس جي ڪري سڄي ملڪ ۾ لکين ماڻهو هيستائين متاثر ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ به صورتحال ڪا گهڻي بهتر ڪونهي ۽ امڪان اهي آهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ ماڻهو ان وائرس سبب متاثر ٿي سگهن ٿا. ڪالهه پنجاب جي اسڪولن کي سومر ڏينهن تائين بند ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اتي اهي ڪيس وڌي ويا آهن. ڪالهوڪي آيل خبر موجب پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي هدايت تي تعليم کاتي 28 کان 30 سيپٽمبر تائين اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. نگران وڏي وزير محسن نقوي لاهور ۾ گورنمنٽ گرلز هاءِ اسڪول راوي روڊ جو دورو ڪيو، ان موقعي تي اکين جي وائرس ۾ ورتل ٻارن جي اسڪول ۾ حاضريءَ تي نگران وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن سيڪريٽري اسڪولز کي ترت طلب ڪري ورتو ۽ پنجاب جي سڀني نجي توڙي سرڪاري اسڪولن ۾ خميس ۽ ڇنڇر تي موڪل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. تنهنڪري سڄي پنجاب ۾ ٻارن کي ان وائرس کان بچائڻ لاءِ اسڪولن کي موڪل ڏني وئي آهي. نگران وڏي وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته اکين جو وائرس اسڪولن ۾ تيزيءَ سان پکڙي رهيو آهي، هر ڪلاس ۾ 6 کان 7 بار ان وائرس جي ڪري متاثر ٿيا آهن. جيڪڏهن ٻار 4 ڏينهن گهرن ۾ رهندا ته ان وائرس کي پکڙجڻ کان بچائي سگهجي ٿو.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان اکين کي متاثر ڪندڙ وائرس تيزيءَ سان هر ڄمار جي ماڻهوءَ کي متاثر ڪري رهيو آهي، پر لڳي ائين رهيو آهي ته ان کان بچاءُ لاءِ ڪي به اپاءَ ڪونه ورتا ويا آهن ۽ نه ئي صحت کاتو ان پاسي ڌيان ڏئي رهيو آهي. تنهنڪري ايندڙ وقت ۾ مريضن جو انگ وڌڻ جا چٽا امڪان پيدا ٿي ويا آهن. اسان جي ملڪ ۾ جڏهن ڪوبه مرض منهن ڪڍندو آهي ته ان کي منهن ڏيڻ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺڻ ۾ بنهه گهڻي دير ڪئي ويندي آهي، اها دير ايتري هوندي آهي جو ان مرض کي پکڙجڻ ۾ آساني ٿي ويندي آهي، نتيجي ۾ اهو هڪ وڏي آبادي تائين پکڙي ويندو آهي ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهن کي متاثر ڪندو رهندو آهي پر صحت کاتو اگهور ننڊ ستو پيو هوندو آهي. سنڌ جي صورتحال جو جائزو وٺجي ته لاڙڪاڻي جي جي گجڻ پور اسڪول ۾ 250 شاگرد اکين جي وائرس ۾ ورتل آهن. شاگردن جي بيماري سبب سرڪاري اسڪولن ۾ حاضري گهٽجي وئي آهي. اکين جو انفيڪشن تيزي سان وڌي رهيو آهي. اسڪول انتظاميا جو چوڻ آهي ته ان وائرس کان بچاءُ لاءِ اڃا تائين اسڪول ۾ ميڊيڪل جون ٽيمون ڪونه پهتيون آهن. هي رڳو لاڙڪاڻي ضلعي جي صورتحال آهي.
اسين سمجهون ٿا ته اکين جو وائرس وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري سنڌ حڪومت کي به احتياطي اپاءَ وٺڻ ۽ وائرس بابت ڄاڻ ڏيڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن وڌ کان وڌ ٻارن ۽ وڏي ڄمار جي ماڻهن کي ان وائرس کان بچائي سگهجي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ميڊيڪل ٽيمون موڪلي وائرس جو علاج ڪيو وڃي.