ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪراچي، ماحولي گدلاڻ ۽ گرمي

Editorial

ڪراچي شهر ۾ گدلاڻ ايڏي ته وڌي وئي آهي جو اهو ڪجهه ڏينهن کان دنيا جو گدلو ترين شهر بڻجي ويو آهي. ڪراچي جي فضا ۾ ايڏي ته گدلاڻ آهي جو ماڻهو ساهه به نٿوکڻي سگهي. ان ڪري ڪراچي جي آبادي لاءِ هن وقت گدلاڻ صحت جو سڀ کان وڏو مسئلو ٿي سامهون آيو آهي. ٻئي پاسي سامونڊي هوائون بند ٿيڻ ۽ اتر کان ۽ بلوچستان کان هوائون لڳڻ سبب ڪراچي ۾ ڪالهه سال جو گرم ترين ڏينهن رڪارڊ ڪيو ويو ۽ پارو 40 ڏهائي 6 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو. موسميات کاتي موجب هوا ۾ گهم رڳو 26 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي موجب، شهر ۾ گرمي جي لهر اڱاري تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي. گرمي پد اڄ آچر ۽ سڀاڻي سومر تي 41 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي سگھي ٿو. هي انتهائي ڳڻتي واري صورتحال ان ڪري به آهي جو صحت جي عالمي اداري موجب، سڄي دنيا ۾ هوا ۾ گدلاڻ سبب ساليانو ستر لکن کان وڌيڪ ماڻهو وقت کان اڳي پنهنجون زندگيون وڃائي رهيا آهن ۽ جيڪڏهن فضائي گدلاڻ تي ضابطو نه آندو ويو ته صورتحال اڃا وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.
ٻئي پاسي عمان ۾ هڪ نئين تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته فضائي گدلان پنجن ڏينهن اندر فالج جو خطرو وڌائي سگهي ٿي. يعني جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنجن ڏينهن تائين فضائي گدلاڻ واري ماحول ۾ رهي ٿو ته ان جي اپاهج ٿيڻ جا امڪان گهڻا وڌيڪ ٿي وڃن ٿا. يونيورسٽي آف اردن جي طب جي شعبي جي محققن ايشيا، يورپ ۽ اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ 110 مشاهداتي مطالعي مان ڊيٽا جو جائزو ورتو. ان مطالعي ۾ محققن کي معلوم ٿيو ته پنجن ڏينهن تائين نائٽروجن ڊاءِ آڪسائيڊ جي سامهون اچڻ وارن ماڻهن ۾ فالج جي خطري ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته ڪاربان مونو آڪسائيڊ جي نمائش 26 سيڪڙو، سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ 15 سيڪڙو ۽ اوزون 5 سيڪڙو وڌي وئي. مطلب اهو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو رڳو پنجن ڏينهن تائين فضائي گدلاڻ واري ماحول ۾ رهيو ته ان جي صحت وڌيڪ خراب ٿي ويندي.
هوڏانهن وري جاپان ۾ محققن ڪڪرن ۾ مائڪرو پلاسٽڪ جي موجودگي ۽ موسمياتي تبديلي تي ان جي اثرن جو جائزو ورتو آهي، جنهن تحقيق ۾ معلوم ٿيو آهي ته مائيڪرو پلاسٽڪ جو وڏو مقدار ساهه ذريعي انسانن ۽ جانورن ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ ڦڦڙن، دل، رت ۽ آنڊن ۾ جذب ٿي وڃي ٿو. تحقيق موجب، 10 لک ٽن پلاسٽڪ جا ذرڙا سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ داخل ٿين ٿا، جنهن بعد اهي بخارات ۾ تبديل ٿي فضا ۾ داخل ٿين ٿا. ان جو مطلب اهو آهي ته مائڪرو پلاسٽڪ ڪڪرن جو هڪ لازمي حصو بڻجي ويا آهن جيڪي مينهن ۾ گڏ ڪن ٿا، ۽ اهڙي ريت پلاسٽڪ هر شيءَ کي گدلو ڪري ٿو جيڪو اسان کائيندا ۽ پيئندا آهيون. مطالعي ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته جيڪڏهن پلاسٽڪ سان هوا ۾ ٿيندڙ گدلاڻ جي مسئلي کي فعال طور تي حل نه ڪيو ويو، ته موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي خطرا هڪ حقيقت بڻجي ويندا جيڪي مستقبل ۾ ناقابل واپسي ۽ سنگين ماحولياتي نقصان جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ياد رهي ته پلاسٽڪ جا اهي ننڍڙا ٽڪرا اڪثر ڪري صنعتي ڪچري ۾ مليا آهن.
هاڻي جڏهن اهو چٽو ٿي اسان سڀني جي اڳيان اچي ويو آهي ته ماحولي گدلاڻ ۽ موسمياتي تبديلي هن ڌرتيءَ تي زندگيءَ جي وجود لاءِ خطرو بڻجي ويا آهن، تڏهن ضرورت ان جي آهي ته انهن سڀني شين کان پاسو ڪيو وڃي،جيڪي ماحولي گدلاڻ جو سبب بڻجن ٿا ۽ جنهن ڪري سنڌ جي گادي جو شهر دنيا جو سڀني کان وڌيڪ گدلو شهر بڻجي ويو آهي ۽ جتي سيپٽمبر جي پڇاڙي ۾ سال جو گرم ترين ڏينهن رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button