مليريا مرض سنڌ ۾ وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آھي ۽ مليريا سبب عوام سخت پريشانيءَ ۾ ورتل آھي. غريبي، بيروزگاري، مهانگائيءَ جي دور ۾ ماڻهو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آھن، اتي مليريا بيماري سبب ڊاڪٽرن جون ڳريون فيون عام ماڻهوءَ جا لاھه ڪڍي ٿيون ڇڏين. سنڌ جا ماڻهو بيمارين سبب گهٽ جڏهن ته ڳڻتين ۽ پريشانين سبب وڌيڪ پيا مرن. هتي ڊاڪٽرن پاران چڪاس نه ٿيڻ ۽ ليبارٽرين جي ڪارڪردگي ۽ اڪثر ليبارٽرين تي غير تجربيڪار عملي سبب ڀوڳڻو عوام کي ٿو پوي ۽ تجربن ئي تجربن ۾ عام ماڻهوءَ کي هڪ ته طبعي معائني ۾ خرچ ٿا اچن ته ٻيو دوا به مهانگي هجڻ سبب غريبن جا لاهه نڪري ٿا وڃن ۽ قيمتي جانين جو پڻ زيان ٿي رهيو آھي.
مليريا جي وڌندڙ وبا متعلق ڊاڪٽر امتياز اڄڻ سان ڳالهھ ٻولهھ ٿي، سندس چوڻ هو ته مادي مڇر جي هڪ ڀيري چڪ هڻڻ سان مليريا جو جراثيم رت ۾ شامل ٿيندو آھي، رت ۾ هڪ هفتي تائين پنهنجو تعداد وڌائي جيري ۾ رهندو آھي جيري جي تاندورن کي ختم ڪندو آھي ۽ رت جي ڳاڙھن جزن کي به ختم ڪندو آھي جنهن سبب (Anemia) رت جي گهٽتائي ٿي ويندي آھي. هفتي کانپوءِ مليريا جو جراثيم علامتون ظاهر ڪندو آھي. هيءَ هڪ ايتري خطرناڪ بيماري آھي، جو گزيل قومن رپورٽ ڪيو آھي ته 627000 ماڻهو مليريا سبب مري چڪا آھن. مليريا جي بيماري جو علاج (Treatment) ڪلورو قوئين (Chloroquine) هائيڊرو ڪلورو قوئين (Hydro chloroquine ) پريمه قئين (Prima quine) اينٽلي مليريل دوا ڊاڪٽر جي هدايتن ۽ (Laboratory) ليبارٽري چڪاس کانپوءِ استعمال ڪئي وڃي. هاڻي مليريا جهڙي حطرناڪ بيماريءَ کان بچاءُ لاءِ (Anti malarial vaccines) تيار ڪئي وئي آھي جيڪا مليريا جي بيماري اچڻ کان اڳ ۾ پنجن سالن جي ٻار کي مردن ۽ عورتن کي پڻ لڳرائي سگهجي ٿي.
مليريا وبا جون علامتون ظاهر ٿيڻ کان بچاءُ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺجن، ڇاڪاڻ ته مليريا هڪ خطرناڪ بيماري آھي. مليريا کان بچاءُ لاءِ گهرجي ته مڇردانيءَ جو استعمال ڪيو وڃي. جيت مار اسپري ڪرڻ گهرجي. بيٺل پاڻيءَ ۾ جيت مار دوا يا مڇر مار دوا جو اسپري استعمال ڪرڻ گهرجي. اينٽي مليريل دوا (Anti malarial Drug) جو استعمال ڪجي ته جيئن مليريا جهڙي موذي مرض کان بچي سگهجي.
قابل اعتبار ليبارٽريمان چڪاس ڪرائجي ۽ پڪ ڪجي ته مليريا جو جراثيم رت ۾ شامل آھي يا نه جيئن بهتر علاج ٿي سگهي، پر اسان لاءِ ڳڻتي جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ عوام جي جان ۽ صحت جو ڪنهن کي به ڪو الڪو ڪونهي ۽ اسان ته سرڪاري اسپتالن جي عملي کي اهو به ڪندي ڏٺو آھي ته عوام جي صحت لاءِ حڪومت سميت ٻين ادارن کان مليل دوائون مدي خارچ ڪري کڏون کوٽي پوريون وڃن ٿيون يا دريائن واهن ۽ شاخن ۾ لوڙھيون وڃن ٿيون پر عوام کي لاڀ ڏيڻ يا صحت بخش زندگي گذارڻ لاءِ نٿيون ڏنيون وڃن. افسوس آھي ته لکين روپين جون دوائون مدي خارج ٿيڻ سبب خارج ڪيون وڃن ٿيون ۽ ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته جيڪي عنصر سرڪار پاران مليل دوائون مستحق مريضن تائين پهچائڻ بدران مدي خارج ڪري ضايع ڪن ٿا، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري عبرتناڪ سزا ڏئي عبرت جو نشان بڻائڻ گهرجي.
نگران حڪومت ۾ سنڌ جي عوام کي کوڙ ساريون اميدون آھن ته سنڌ جي عوام جي حقن جي لتاڙ ڪندڙن کي قانون جي ڪٽھري ۾ آڻي نگران حڪومت جي مدي ۾ ئي سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ ان سان گڏ نگران حڪومت سنڌ ۾ شامل سنڌ جي وڏي وزير ۽ صحت واري وزير کي گهرجي ته ڊيوٽي چور ڊاڪٽرن ۽ ٻاهر اسٽورن تي سرڪاري دوائون وڪرو ڪندڙ عملي ۽ دوائن کي مدي خارج ڪرڻ ۽ مريضن کي دوائون نه ڏيندڙن خلاف سخت قدم کڻي انهن کي معطل نه پر سخت سزا ڏئي نوڪرين تان فارغ ڪري ته جيئن ايندڙ وقت ۾ عوام کي رليف ملي سگهي. هاڻوڪن ڏينهن ۾ مليريا سنڌ ۾ تمام گهڻي تيزيءَ سان پکڙي رهي آهي، ان لاءِ صحت کاتي ۽ نگران حڪومت کي سنجيدگي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان سواءِ جتي به صحت مرڪز آهن، اتي سهولتون وڌائڻ جي ضرورت آهي، جتي وڌيڪ طبي عملي جي ضرورت آهي، اتي بنا ڪنهن دير جي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن غريب ۽ بي پهچ ماڻهو مليريا جهڙي مرض کان بچي سگهن ۽ اهي صحتمند زندگي گذاري سگهن.