جيئي سنڌ محاذ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ گھڻا اختلاف رهيا آهن. ساڳئي وقت اهي ٻيئي جماعتون سنڌ ۾ ڪم ڪن ٿيون ۽ ان لحاظ کان انهن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو هڪ ٻئي سان واسطو پئي ٿو ۽ اهي لهه وچڙ ۾ اچن ٿا.
بينظير ڀٽو جي شهادت هڪ اهم واقعو هو جنهن سڄي ملڪ ۽ خاص طور سنڌ کي متاثر ڪيو هو. عبدالواحد آريسر جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين ۽ سنڌ جو هڪ اهم دانشور ۽ ليکڪ رهيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ڀٽوز سان اختلافن جي باوجود سندس ڪتاب “اميد جو قتل” بينظير ڀٽو جي شخصيت ۽ سياست جي مختلف پاسن جي حوالي سان هڪ متوازن ڪتاب آهي.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته هوءَ جڏهن اٺ سالن کان پوءِ پاڪستان موٽي ته جيتوڻيڪ سندس لهجو حاڪمن سان ٺاهه وارو هو پر هوءَ گھڻو بدليل هئي. ان جو ثبوت اهو آهي ته هن سميع الله ڪلهوڙي جي قتل جي مذمت ڪئي جيڪا پيپلز پارٽيءَ جي ڪنهن اڳواڻ لاءِ ڪنهن قومپرست اڳواڻ جي حوالي سان هڪ غيرمعمولي ڳالهه هئي. ساڳي ريت هن جسقم جي باندي اڳواڻ صفدر سرڪي ۽ اختر مينگل لاءِ همدردي وارا بيان ڏنا. جيتوڻيڪ شروع ۾ سندس استقبال گولين ۽ سندس ڪارڪنن جي لاشن سان ٿيو پوءِ به هن چيو ته آئون پنهنجي ماڻهن سان ملڻ چاهيان ٿي ۽ سنجھا ويلي لاڙڪاڻي جي سارين جي خوشبوءِ سنگھڻ چاهيان ٿي. اها خوشبوءِ سنگھڻ کان اڳ ئي هوءَ سندس انتظار ۾ ويٺل قاتل جي گولي جو نشانو بڻجي ويئي.
جڏهن جي ايم سيد جناح اسپتال ۾ داخل هو ته گھڻا سياسي اڳواڻ سندس عيادت لاءِ آيا هئا پر بينظير ڀٽو نه آئي هئي بلڪه هن سندس وفات تي اهو بيان ڏنو هو ته هاڻي سنڌو ديش جو نظريو دفن ٿي ويو. جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ جيئي سنڌ جي ڪارڪنن گڏجي جسقم ٺاهي هئي. ان سلسلي ۾ آريسر ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سنڌ جو دورو ڪيو هو. ان وقت نواز شريف بينظير حڪومت خلاف تحريڪ نجات جي تياري ڪري رهيو هو. سکر ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران انهن ٻنهي کان ڪنهن صحافي سوال ڪيو ته جيڪڏهن نواز شريف سنڌ جا معدني وسيلا سنڌ جي حوالي ڪرڻ جو واعدو ڪري ٿو ته ڇا پوءِ اوهان سندس تحريڪ ۾ شامل ٿيندئو ته ان جو جواب انهن هاڪار ۾ ڏنو هو. ٻئي ڏينهن اخبارن مين هيڊنگ ڏني ته آريسر ۽ نياز ڪالاڻي نواز شريف جي تحريڪ نجات جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. بينظير کي شايد جيئي سنڌ جي اسٽريٽ پاور جو اندازو هو، ان ڪري هن ٻئي ڏينهن اعلان ڪيو ته سيد جي عذر خواهيءَ لاءِ سن ويندي. کيس اها خبر هئي ته ڪنهن سنڌيءَ کي ڪنهن جي خلاف ڪيڏي به ڪاوڙ هجي پر جڏهن ڪا نياڻي غم ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سندن تڏي تي ويندي آهي ته هو اها ڪاوڙ وساري ڇڏيندا آهن.
ان گڏجاڻيءَ ۾ هوءَ پنهنجي ماءُ نصرت ڀٽو سان گڏجي آئي هئي. جي ايم سيد ۽ ڀٽو خاندان جا مثبت ۽ خوشگوار ناتا رهيا آهن. ليکڪ جو چوڻ آهي ته جڏهن ساڄي ڌر جي جماعتن پاران ڀٽو خلاف اها پروپئگنڊا ڪئي پئي وئي ته هو مسلمان ناهي ۽ سندس طهر ٿيل ناهن ته سيد ليکڪ ۽ تاج جويي کي چيو ته ڪتابن جي الماريءَ ۾ شاهنواز ڀٽو پاران ذوالفقار جي طهرن جي دعوت جو موڪليل ڪارڊ پيو آهي، اهو کڻي پريس کي جاري ڪيو. پر هو ائين نه ڪري سگھيا. اتي امير حيدر شاهه ويٺلن جو تعارف ڪرائيندي آريسر لاءِ چيو ته هي جي ايم سيد جو سياسي جانشين آهي. اتي بينظير آريسر کي چيو ته پاڻ وري ملنداسين. جيتوڻيڪ وري ملاقات ته ٿي پر هڪ ڀيري کيس جڏهن شاهه سچل سامي سيمينار جي موقعي تي کيس ايئرپورٽ تي روڪيو ويو هو ته ان وقت بينظير جي حڪومت هئي ۽ سندس مداخلت تي کيس وڃڻ ڏنو ويو. ٻي ڳالهه ته سندس حڪومت جي دور ۾ کيس گرفتار نه ڪيو ويو. جڏهن ته ان کان پوءِ کيس گھڻيون تڪليفون ۽ صعوبتون سهڻيون پيون.
آريسر نصرت ڀٽو جو نهايت پيار ۽ محبت سان ذڪر ڪري ٿو. جي ايم سيد جڏهن ساڻس ڀٽو جي تعزيت ڪرڻ لاءِ المرتضيٰ ويو ته هن کيس چيو هو ته شاهه صاحب هتي بنگلي ۾ سرڪار جا ماڻهو موجود آهن، جيڪي سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي سمجھن ٿا. ان ڪري بهتر اهو آهي ته پاڻ فارسي ۾ ڳالهايون، جيڪا اهي سمجھي نه سگھن ۽ پوءِ انهن فارسيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ليکڪ جو چوڻ آهي ته جڏهن مرتضيٰ ڀٽو لاڙڪاڻي مان صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊ وڙهي رهيو هو ته نصرت ڀٽو ان ۾ مدد ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ جي ڪارڪنن سان رابطو ڪيو هو.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته بينظير ذوالفقار علي ڀٽو جي اٽو، لٽُو ۽ اجهو بدران نئين سماجي معاهدي جو نعرو ڏنو پر هن ان جي وضاحت نه ڪئي ته ان مان سندس مراد ڇا هئي. ماڻهو بينظير سان ڇو پيار ڪن ٿا. ان جو ڪارڻ ڄاڻائيندي هو ٻڌائي ٿو ته ان ڳالهه جي باوجود ته هن ماڻهن جي مادي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ گھڻو ڪجھه نه ڪيو پر هوءَ جڏهن ماڻهن وٽ ويندي هئي ته انهن جهڙي ٿي ويندي هئي. هوءَ کين چوندي هئي ته آئون اوهان جي ڀيڻ آهيان ۽ اوهان جي ڌيءَ آهيان. هوءَ جڏهن نوابشاهه وئي ته اتي خطاب ڪندي چيائين ته آئون اوهان جي ننهن آهيان. عام ماڻهو پيار ۽ پنهنجائپ جو بکيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ساڻن اهڙو ورتاءُ ڪري ٿو ته ان جي لاءِ سڀڪجھه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا ۽ بينظير ۾ اها ڳالهه هئي.
آئون سمجھان ٿو ته اهو آريسر جو هڪ اهم ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ ۾ مختلف سياسي ڪارڪنن ۽ ڌرين کي ويجھي آڻڻ ۾ مددگار ٿي سگھي ٿو.