اي دنيا جا محفوظ انسانو! وچ اوڀر ۾ ھڪ ننڍڙو پر مشھور شھر آھي غزا!
اھو غزا جيڪو سدائين ھوائي ۽ زميني حملن جي زد ۾ رھيو آھي. ھاڻي تھ ان مٿان سامونڊي حملا بھ ٿي رھيا آھن. ڳتيل آباديءَ وارو اھو شھر ھن مھل پوري دنيا جي نظرن جو مرڪز آھي. ڇو تھ ھي شھر ھن وقت مقتل ۾ تبديل ڪيو ويو آھي ۽ سوين ماڻھن کي اجل جي آغوش ۾ اڇلائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ٿي رھيون آھن ۽ انھن ڪوششن جي پويان ڪنھن جا ھٿ آھن؟ سڀ کان وڌيڪ ظاھر ھٿ تھ اسرائيل جا آھن. اسرائيل جي ھٿن کي سگھارو ڪرڻ ۽ انھن ھٿن ۾ جديد ترين ھٿيار ڏيڻ جو شرمناڪ ڪارنامو ڪري رھيا آھن، مغرب جا اھي ملڪ، جن جا نالا آھن، آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيا، جرمني ۽ فرانس.
اسرائيل جي مغربي مددگار ملڪن جي لسٽ فلسطين جي ماڻھن جي دلين دردن وانگر لمبي آھي. جڏھن تھ ھي اھي ملڪ آھن، جن ملڪن مان اسان کي معلوم ٿيو تھ عام انسان اھم آھن. عام انسانن جا انساني حق تمام اھم آھن. عام انسانن جا انساني حق ھر صورت ۾ محفوظ رھڻ گھرجن. اِھي اُھي ملڪ آھن، جن اسان کي سمجھايو تھ عورت جي عزت ٿيڻ گھرجي. جن اسان کي ٻڌايو تھ ٻارن جي بھ مڪمل شخصيت ٿيندي آھي. انھن جي معصوم حقن جو احترام ھر باشعور انسان تي لازم آھي. ھي اھي ملڪ آھن، جن دنيا ۾ سڀ کان اڳ منظم ۽ عملي طور جمھوريت جو ماڊل نھ صرف پيش ڪيو پر انھن جي مٿان عمل بھ ڪيو. انھن ملڪن ۾ قانون جي حڪمرانيءَ جي حوالي سان ايتري گھڻي حساسيت آھي جو ملڪ جو حڪمران بھ عام شھر جي شڪايت تي سزا جو حقدار ٿي سگھي ٿو ۽ جيڪڏھن اھا شڪايت ڪا عورت ڪري ۽ اھا شڪايت جنسي حراسانيءَ جي ھجي ۽ اھا شڪايت ڪوڙي نھ ھجي ۽ ثابت ٿي پوي تھ مالي طور امير ۽ سياسي طور تمام گھڻو مضبوط ماڻھو بھ عبرت جو نشانو بڻجي سگھي ٿو. ھي اھي ملڪ آھن، جن جي تاريخ ۾ حق ۽ سچ لاءِ ڪجھھ سورھيھ ۽ سرويچ ماڻھن پنھنجا سر ڏنا. انھن جا مجسما ۽ انھن جون تصويرون اڄ بھ انھن ملڪن جي عجائب گھرن ۽ رستن روڊن ۽ چوواٽن تي نظر اچن ٿا. اھي ملڪ اظھار راءِ جي آزاديءَ جا علمبردار رھيا آھن. اھي ملڪ انسان تھ ٺھيو تھ پکي پکڻ ۽ جيت جڻن جي تحفظ جي باري ۾ بھ فڪرمند رھن ٿا.
پر افسوس! صد افسوس انھن ملڪن جو رياستي سطح تي منڍ کان وٺي فلسطين جي ماڻھن سان اھڙو رويو رھيو آھي، جھڙو ڪنھن ازلي دشمن سان ھجي. انھن ملڪن فلسطين جي ماڻھن کان ملڪ کسي ۽ انھن کي پنھنجي وطن ۾ جلاوطن ڪرڻ واري ملڪ اسرائيل جو ھر طرح سان ساٿ ڏنو آھي. انھن ملڪن ھر موڙ تي اسرائيل جي نھ صرف امداد ڪئي آھي پر ھن جي ظلمن جي حمايت ڪئي آھي ۽ جڏھن بھ اسرائيل جي مٿان گڏيل قومن ۾ حق جو فيصلو آيو آھي تھ انھن ملڪن اھڙي فيصلي کي ويٽو جي ھٿيار سان تھس نھس ڪيو آھي. انھن ملڪن ان وقت پنھنجون اکيون مڪمل طور ٻوٽيون آھن، جڏھن انھن اسرائيل بي گھر، بي در ۽ دربدر فسطين جي ماڻھن مٿان حملا ڪندو آھي. جڏھن انھن جي امدادي ڪيمپن کي راڪيٽن سان اڏايو ويندو آھي ۽ جڏھن انھن جا گھر بلڊوز ڪيا ويندا آھن. جڏھن انھن جي عورت ۽ ٻارن جي مٿان ٽينڪون چاڙھيون وينديون آھن، تڏھن انھن ملڪ جي واتان ٻڙڪ ٻاھر نھ ايندي آھي. پر جڏھن ڪنھن حيران ڪندڙ اتفاق سبب فلسطيني پنھنجي قوم ۽ وطن جي حفاظت لاءِ ڪو قدم کڻندا آھن تھ انھن ملڪن جي حڪمرانن جا سفيد چھرا سرخ ٿي ويندا آھن ۽ تمام گھڻي ڪاوڙ ۾ اچي، اسرائيل کي ھر قدم کڻڻ جي نھ رڳو اجازت ڏيندا آھن پر ھن جي مدد بھ ڪندا آھن. بلڪل ائين، جيئن ھاڻي ٿي رھيو آھي. حماس نالي ھڪ تنظيم اسرائيل جي مسلسل ظلمن ۽ زيادتين کان تنگ اچي، نيٺ جنگ جو رستو چونڊيو ۽ ھن اسرائيل خلاف ھٿيار ڇا کنيا؟ پر صرف ان ھڪ قدم سان اسرائيل کي فلسطيني عوام صفحھ ھستيءَ تان مٽائڻ جو ڄڻ تھ لائسنس ملي ويو آھي. اھڙي وحشي ارادي ۽ عمل جي مغربي ملڪ مڪمل طور حمايت ۽ مدد ڪري رھيا آھن. انھن جو خيال آھي تھ اسرائيل کي پورو حق آھي تھ ھو پنھنجي وچ اوڀر جي ان ڌرتيءَ مٿان موجود فلسطين جا ماڻھو ڌوئي صاف ڪري ڇڏي. اھڙي عمل جي حمايت ڪرڻ ۾ اولهه جا ملڪ ڪو شرم ۽ ڪو حيا محسوس نھ ٿا ڪن ۽ وڏي ڳالھھ تھ ھن ڀيري روايت جي مخالف اولهه جا عام ماڻھو بھ پنھنجن حڪومتن جي مٿان اخلاقي دٻاءُ وجھڻ لاءِ پنھنجن ملڪن جي حڪمرانن خلاف پرامن مظاھرا ڪرڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڪنھن بھ ريت تيار نھ اچن.
مغرب جي ملڪن جي حڪمرانن ۽ اتان جي عوام کي ڏوھھ ڏيڻ کان اڳ ۾ جڏھن اسان ھڪ نظر پنھنجن مسلمان ملڪن جي حڪمرانن مٿان وجھون ٿا تھ اسان کي اخلاقي طور اولھھ جي ملڪن مٿان ڪاوڙ ڪرڻ جو ڪو بھ اخلاقي حق محسوس نھ ٿو ٿئي. ڇو تھ مسلمان ملڪن ۾ بھ مڪمل ماٺ آھي. اسلامي دنيا جي حڪمرانن ھڪ ھڪ بيان جاري ڇڏيو آھي تھ انھن کي وچ اوڀر ۾ پيدا ٿي پيل صورتحال تي تمام گھڻي ڳڻتي آھي. ڪجھھ ملڪ اسرائيل کي اپيل ڪري رھيا آھن تھ ھو فلسطين جي عوام سان ايترو ظلم نھ ڪري پر اڳتي وڌي فلسطين جي ماڻھن جي مدد ڪرڻ ۽ انھن کي اسرائيل جي ظلم کان بچائڻ جي حوالي کان ھن مھل تائين ڪنھن بھ ملڪ جو ڪردار آڏو نھ آيو آھي. اھو صرف ۽ صرف ايران آھي، جيڪو فلسطين جي عوام جي مدد بھ ڪري رھيو آھي ۽ پنھنجو وجود خطري ۾ وجھي انھن لکن ماڻھن جي بچائڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪري رھيو آھي، جيڪو جديد ترين ھٿيارن جي سفاڪ حملن جو شڪار آھن. جن جي باري ۾ اھو چوڻ تمام گھڻو مشڪل محسوس ٿي رھيو آھي تھ انھن مٿان مڙھيل ھيءَ قيامت ڪيستائين جاري رھندي؟ ڇو تھ انھن کي بچائڻ لاءِ جھڙي ريت عالمي ادارن کي ڳڻتي ٿيڻ گھرجي، انھن پاران اھڙي ڪا چرپر ٿيندي نظر نھ ٿي اچي. ائين محسوس ٿي رھيو آھي تھ ڄڻ پوري دنيا فلسطين کان لاتعلقيءَ جو فيصلو ڪري ڏيو آھي. اھڙي فيصلي سان جيڪا مشڪل فلسطين جي ماڻھن ۽ خاص طور غزا ۾ رھندڙ فلسطين جي ماڻھن سان پيش اچي رھي آھي، ان جو مڪمل اندازو ڪرڻ انتھائي مشڪل آھي. ھن وقت جڏھن غزا جي گھرن تي بم وسي رھيا آھن ۽ ھزارين زخمي اسپتالن ۾ تڙپي رھيا آھن، اتي دوائون ۽ طبي مدد جا ٻيو سامان تھ نالي ماتر بھ موجود ناھي پر ھاڻي تھ اھي اطلاع پيا اچن تھ غزا جي اسپتالن ۾ روشني ڏيندڙ جنريٽرن ۾ ٿورو تيل بچيو آھي. ڇو تھ اسرائيل غزا جي چوڌاري اھڙو تھ سخت ڪڙو چاڙھي ويٺو آھي جو ھو غزا ۾کاڌو، پيتو ۽ دوائون بھ داخل ٿيڻ جي اجازت نھ ٿو ڏئي. جڏھن تھ اسرائيل غزا جي ماڻھن کي پنھنجو شھر ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ان شھر کان ھر سھولت کسي ورتي آھي. ھاڻي غزا ۾ نھ بجلي آھي ۽ نھ پاڻي ۽ نھ وري کاڌ خوراڪ! اھي بکيا، ڏکيا، بيمار ۽ زخمي ماڻھو غزا ۾ ڪيستائين رھندا؟ اھو سوال پوري شدت سان رڙي روئي رھيو آھي پر ان جو آواز ھن مھل تائين عالمي ضمير تائين نھ پھچڻ ۾ مڪمل ناڪام ويو آھي. ڇو تھ عالمي ضمير فيصلو ڪري ڇڏيو آھي تھ ھن کي غزا جي باري ۾ ڪو احساس بھ پنھنجي اندر ۾ پيدا نھ ڪرڻو آھي. اھڙي مڪمل اکيون ٻوٽ صورتحال ۾ غزا جي عرب آبادي ڪيترو وقت گذارو ڪري سگھندي؟ ڇا اھو ممڪن آھي تھ بيمار ۽ زخمي انسانن ۽ بکايل ٻارن سان گڏ غزا جا ماڻھو گھڻي وقت تائين مقتل جھڙي شھر ۾ جالي سگھن؟
غزا غم جي تمام گھڻي تڪليف ڏيندڙ تصوير بڻيل آھي. غزا جو اھو حشر ان لاءِ ڪيو ويو آھي جو ھن ڀيري اسرائيل اھو فيصلو ڪري چڪو آھي تھ ھو ڪنھن بھ قيمت تي غزا جي لکين ماڻھن کي ان شھر مان ڪڍي مصر يا ڪنھن ٻي ماڳ طرف ڌڪي ڇڏيندو ۽ غزا کي اسرائيل جو قانوني حصو بڻائي اتي پنھنجي حڪمراني قائم ڪندو. جڏھن تھ غزا فلسطين جي اميد جو آخري مورچو آھي. پر مجبور ۽ محڪوم انسان حق ۽ انصاف واري جنگ بھ ڪيترو وقت وڙھي سگھن ٿا؟ جيستائين دنيا انھن جي مدد نھ ڪندي، تيستائين ھو پنھنجي وطن ۽ وجود جو تحفظ ڪري نھ ٿا سگھن. ان لاءِ انھن کي پئسا ۽ دولت نھ پر ان احساس واري امداد جي ضرورت آھي، جيڪو انھن لاءِ ختم ڪيو ويو آھي.