اهڙي وقت ۾ جڏهن هڪ طرف اسٽيبلشمنٽ جو مورال ڊائون آهي ۽ ٻئي پاسي سياسي قوتون به ڪنهن فيصلائتي موڙ تي ناهن ته جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، ان کي ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ ڀري رهي آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هلندڙ هفتي لاءِ جيڪا ڪاز لسٽ جاري ڪئي آهي، ان ۾ ملير ڊيولپمنٽ اٿارٽيءَ جي اربين رپين جي زمين جو معاملو به شامل آهي. هن ڪيس مان ٻيا ڪيترا ڪيس نڪرندا ۽ تاريخ جو ريڪارڊ ڪيئن درست ڪيو ويندو،هي تاريخي موڙ آهي، جنهن مان سنڌ دوست ڌريون ۽ خاص ڪري سنڌ سان محبت ڪندڙ ناليوارا وڪيل ڌر بڻجي، ماتر ڀوميءَ جو ڪيس وڙهي سگهن ٿا. هيل تائين سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي بينچ، جنهن نوعيت جو فيصلو ڏنو، ان جي قائم رهڻ جا امڪان تمام گهٽ آهن. ان سان گڏ اهي فورم، جيڪي ان ڪيس ۾ ڌر بڻيا هئا، اهي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو ڪيس مضبوطيءَ سان وڙهي سگهن ٿا. هي ڪيس ٻه رخو آهي، جنهن اڏاوتي اسڪيم تي عمل ڪيو پيو وڃي، ان کي رد ڪري زمين سنڌ جي حوالي ڪئي وڃي يا پيسن جي ادائيگي لاءِ جنهن بلڊر سان معاملو طئي ٿيو هو، اها رقم جيڪا 460 ارب رپين جي آهي، اها سنڌ جي خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي. هينئر سنڌ جو وڏو وزير مقبول باقر، پاڻ سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج آهي ۽ سندس سنڌ جي حوالي سان اعليٰ عدالت ۾ انتهائي تاريخي فيصلا ڪيل آهن. انڪري هڪ طرف حڪومتي سطح تي ۽ ٻيو سنڌ جي سياسي ساڃهه پاران ڪيس وڙهي، مالڪيءَ جو حق ادا ڪرڻو آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي، ان لاءِ حالتون سنڌ جي حق ۾ ٿي سگهن ٿيون، رڳو ايمانداري، سچائي ۽ سنڌ دوستيءَ جو معاملو آهي.
سپريم ڪورٽ تاريخ جو ريڪارڊ، جنهن طريقي سان درست ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ان حوالي سان صرف ملير ڊيولپمنٽ اٿارٽيءَ جي زمين جو معاملو ناهي، پر ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل به شامل آهي. ان حوالي سان آصف زرداري جنهن ويل صدر هو، انهن ڏينهن کان ريفرنس التوا ۾ پيل آهي. ان ريفرنس کي به ٻيهر کولڻ جي ضرورت آهي. جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو کي جان آف آرڪ جيان انصاف ڏياري سگهي ٿو. ان سان گڏ انهن قوتن جي پت وائکي ٿيندي، جن پنهنجي مرضيءَ سان نه صرف ملڪ جو وهنوار هلايو، پر جنهن کي چاهيو ان کي مارائي ڇڏيو، جنهن کي چاهيو، ان کي تباهه ڪري ڇڏيو.
گذريل ڀيري سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هئي ۽ ان جي ايڊووڪيٽ جنرل، ايستائين جو ڀڳل دل سان سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهيو. ائين لڳي رهيو هو ته سنڌ حڪومت کي اشارو ڏنو ويو هو ته اها ڪيس جي پيروي نه ڪري. اهڙي صورتحال ۾ ڪرمنل ايڪٽ ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ هاڻ ٽه رڪني بينچ ڪيس ٻڌندي، ان سان القادر ٽرسٽ جو ذڪر به ٿيندو، جنهن تحت اربين رپيا هڙپ ڪندڙ “صادق ۽ امين” اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي پت وائکي ٿيندي. هي به خبر پوندي ته ڪيئن برطانيا جي ڪرائيم ايجنسيءَ جا ڏنل ڪاري ڌن جا 190 ملين پائونڊ جيڪي، ان شخص کي ڏنا ويا، جنهن جو ان تي ڪوبه حق نه هو. اها ڳري رقم ملڪ جي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ بدران ڪيئن سوديبازي ڪئي وئي؟ ان سان گڏ ملڪ جي اعليٰ عدالت بلڊر جي آڇ کي رد ڪندي 460 ارب رپيا ستن سالن ۾ ادا ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. اهو به هوا ۾ هو، ڇاڪاڻ ته زمين جي ماليت جي ڪٿ ئي نه ڪرائي وئي.آئوٽ آف ڪورٽ سيٽلمينٽ ڪري، سنڌ جي زمين کي ڀڳڙن مٺ خريد ڪيو ويو. اها ڳالهه سپريم ڪورٽ جو موجوده چيف جسٽس به سمجهي ٿو ته ان حوالي سان ڪيڏي وڏي ناانصافي ڪئي وئي ۽ هاڻ جنهن ويل ملڪ جي ٽي وي چينلز تي هي ڪيس لائيو هلندو ته اڇا ڪارا سامهون اچي ويندا. هن ڀيري به سنڌ حڪومت جي تياري جي جلد خبر پئجي ويندي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ مافيائون جيڪو ڪجهه ڪنديون رهيون آهن، انهن تي ڪوبه آڱر کڻڻ وارو ناهي.
گذريل ڀيري سڀني ڏٺو ته سنڌ جي وڪيل، انتهائي ڪمزور ڪردار ادا ڪيو، جنهن وقت پئسن ملڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته پيپلز پارٽيءَ جي وڏي وزير مراد علي شاهه مطالبا ڪرڻ شروع ڪيا ته هي پئسا، جيڪي نيشنل بينڪ جي هڪ اڪائونٽ ۾ رکيا ويا آهن، اهي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيا وڃن. بينج جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ فيصل عرب،جيڪو فيصلو ڏنو ۽ ڪميشن جي ڳالهه ڪئي اها به هوائي توائي هئي. هن فيصلي ۾ لکيو ته ان رقم مان جيڪو سنڌ ۾ ترقياتي پروگرام شروع ڪرڻ لاءِ ڪميشن ٺاهي ويندي، ان جو سربراهه سنڌ سان واسطو رکندڙ سپريم ڪورٽ جو جج هوندو ۽ ڪجهه ڏينهن اندر جسٽس فيصل رٽائرڊ ٿي ڪميشن جو سربراهه ٿيڻ لاءِ پرسوئي رهيو هو. هي وڏي ويساهه گهاتي آهي،جنهن کي ملڪ جي اعليٰ عدالت کي ٺيڪ ڪرڻو آهي.
ملير ڊيولپمنٽ اٿارٽيءَ جي هزارين ايڪڙ زمين، جنهن جي ريونيو ريڪارڊ مطابق مالڪ ڪا ٻي نه پر سنڌ آهي. هي زمين ڪهڙي ريت ڏني وئي ان جي کوج لڳائڻ جي ضرورت آهي. ملڪ جي اعليٰ عدالت هيءَ به معلوم ڪندي ته سنڌ جي زمين تي جيڪي اڏاوتون ڪيون ويون ۽ ٿوڪ جي حساب سان زمين وڪرو ڪئي وئي، ان جي بدلي ان وقت جي حڪومت يعني پيپلز پارٽيءَ کي ڪيترو فائدو ٿيو؟ انهن کي ان زمين عيوض ڪيترا بنگلا ٺاهي ڏنا ويا. ساڳي ريت، عمران خان، جي گهر واريءَ بشريٰ بي بي جي آڊيو موجود آهي، جنهن ۾ سون جا زيور ڏيڻ لاءِ چيو ويو ۽ القادرٽرسٽ ذريعي ڪيئن سوين ارب رپيا خرچ ڪري يونيورسٽي قائم ڪئي وئي، جيڪا اڳوڻي وزير اعظم جي گهرواريءَ جي ملڪيت ٿي وئي. ايماندار ۽ سچار سڏائيندڙن جا پول هر صورت ۾ کلڻ گهرجن. پر اصل مسئلو سنڌ جو آهي، سنڌ دوست وڪيل هن ڪيس ۾ ڌر بڻجن. ان سان سياسي پارٽين کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن زمين جي مالڪي واپس وٺي سگهجي يا وري اربين رپين جي رقم اعليٰ عدالت جي اڪائونٽ ۾ رکڻ بدران سنڌ حوالي ڪئي وڃي. تاريخ ۾ اهڙا پل ۽ موڙ تمام گهٽ ايندا آهن،جڏهن حقيقي انصاف ٿيندي نظر ايندو آهي. هي اهوئي وقت آهي ته حساب ڪتاب واضح طور ٿيڻ گهرجي ۽ ائين نه ٿئي ته مستقبل ۾ ساڳيا ئي حڪمران، ٻيهر اقتدار سنڀالين ۽ سنڌ کي هڪ ڀيرو ٻيهر نقصان ٿيندو رهي. عوام جنهن به پارٽيءَ کي ووٽ ڏئي،ان کي اقتدار ملڻ گهرجي، پر جوڙ توڙ ذريعي اقتدار جي منتقلي ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هجڻ گهرجي. هينئر هڪ طرف نواز شريف ته ٻئي پاسي وري پ پ اقتدار جا خواب ڏسي رهيون آهن، اٺ ڪهڙي پاسي ويهندو، ان حوالي سان جوڙ توڙ ۽ ڊيلز جو ڪم اڌ رستي ۾ آهي. گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي عوام کي خبر پوڻ گهرجي ته ان جي وسيلن تي ڪيئن ڌاڙا لڳندا رهيا. هي انهن ڌرين لاءِ امتحان جي گهڙي آهي، جيڪي ڊگهي عرصي کان سنڌ سنڌ ڪنديون رهيون آهن. سنڌ جي پٽن ۽ ڌيئرن کي ثابت ڪرڻو آهي ته اهي ڪنهن ويساهه گهاتي ۽ لالچ جو حصو نه ٿيندا.