مهانگائيءَ جي ماريل عوام کي وڏي عرصي کان پوءِ هڪ خوشيءَ جهڙي خبر ملي آهي. ملڪ جو عوام مهانگائيءَ جون دانهون وڏي وقت کان ڪندو پيو اچي، خاص طور ان وقت کان جڏهن ملڪ جون واڳون پي ٽي آءِ سنڀاليون هيون. نتيجي ۾ نه رڳو عوام کي هر مهيني مهانگائيءَ کي منهن ڏيڻو پيو پر ان لاءِ روزمره جا معاملا هلائڻ به ڏکيو ٿي پيو هو، جنهنڪري نه رڳو عوام جون معاشي حالتون خراب ٿي ويون پر ملڪ جون معاشي حالتون به ڪي بهتر نه رهيون. ان مهانگائي دوران تيل جي اگهن ۾ جيڪا واڌ ٿي هئي، ان عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي. اهڙي ريت کاڌي پيتي جي شين جا اگهه به وڌڻ لڳا ۽ عوام لاءِ ويلو کائڻ ئي ڏکيو ٿي پيو. ان دوران پي ڊي ايم جي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو ۽ اها به ويندي ويندي پيٽرول جون قيمتون وڌائي وئي، جنهن جو بار به عوام جي کيسي تي اچي پيو. جڏهن کان نگران حڪومت انتظامي معاملا سنڀاليا هئا، ان به مهانگائي ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي. پيٽرول جون قيمتون هر پندرهين ڏينهن وڌنديون رهيون. ٻه ڏينهن اڳ پيٽرول جون قيمتون گهٽائي عوام کي ڪجهه رليف ڏنو ويو آهي، جنهنڪري عوام سک جو ساهه کنيو آهي.
حڪومت پيٽرول 40 رپيا ۽ ڊيزل 15 رپيا في ليٽر سستو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 283 رپيا 80 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 303 رپيا 18 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ملڪ ۾ لاڳيتو ڊالر جي قيمت گهٽجي رهي آهي ۽ رپئي جي قدر ۾ واڌ اچي رهي آهي، جنهنڪري ملڪي معيشت تي ان جا هاڪاري اثر پيا آهن. ان کانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ به تيل جون قيمتون گهٽجي ويون آهن، تنهنڪري اهو به هڪ سبب ٿيو جو پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون گهٽايون ويون. پر رڳو پيٽرول جون قيمتون گهٽائڻ ڪافي ڪونهي، اڃا به ٽرانسپورٽرن ڀاڙا ڪونه گهٽايا آهن. اهي ساڳين ڀاڙن تي مسافرن کي کڻي رهيا آهن. ٻئي پاسي کاڌي پيتي جي شين جا اگهه به گهٽ ڪونه ٿيا آهن، اهي به جيئن جو تيئن برقرار آهن. انهن کي ڪهڙي ريت ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ منافعي خور واپارين کي ڪيئن پابند ڪيو وڃي ته اهي عوام کي مهانگيون شيون ڏيڻ بدران مناسب اگهن تي شيون وڪرو ڪن. ان لاءِ هر شهر جي انتظاميا کي تحرڪ وٺڻو پوندو. ان لاءِ ضلعي انتظاميا کي اهي سمورا اپاءَ وٺڻا پوندا، جن سان عوام کي وڌيڪ رليف ملي سگهي ۽ اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن بنا ڪنهن رک رکاءُ جي واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته پيٽرول جون قيمتون گهٽائڻ هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي پر ان سان گڏ جن اسمن جون قيمتون پيٽرول جي هاڻوڪي قيمت جي حساب سان هيون، اهي رکيون ويون وڃن. ڇاڪاڻ ته پيٽرول سستو ٿيڻ کان پوءِ ٽرانسپورٽ تي ايندڙ خرچ به گهٽجي ويندو آهي. جيڪڏهن ڪي واپاري پيٽرول جون قميتون لهڻ کان پوءِ به ساڳين اگهن تي شيون وڪرو ڪري رهيا آهن ته انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي ۽ کين ان ڳالهه جو پابند بڻايو وڃي ته اهي انتظاميا جي حڪم کي مڃين.