ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ماڻهن جي صحت سان کيڏندڙ عطائي ڊاڪٽر

Editorial

سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ جتي ڪجهه بهتري آئي آهي، اتي اڃا به ڪيترائي مسئلا پڻ موجود آهن. ان ڪري ماڻهو پريشانيءَ کي منهن ڏيندا رهندا آهن. جڏهن ته صحت جون سهولتون ملڻ هر ماڻهوءَ جو بنيادي حق آهي پر هتي صورتحال اهڙي آهي جو غريب ماڻهن کي پنهنجي علاج لاءِ به ڌڪا ٿاٻا کائڻا پوندا آهن ۽ ان کانسواءِ صحت جون سهولتون هر جاءِ تي هڪجهڙيون ڪونه آهن. سرڪاري اسپتالن ۾ ڏينهون ڏينهن حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن. نجي اسپتالن ۾ خرچ ايترا وڌيڪ آهن جو عام ماڻهو اهي خرچ ڀري ڪونه ٿو سگهي. ان کانسواءِ دوائن گورين جا خرچ به ايترا مهانگا آهن جو ماڻهو ڪنهن ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻ وقت به ڪئين ڀيرا سوچيندا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو معاملو پڻ الڳ آهي، ڇاڪاڻ ته هتي وڏي انگ ۾ اڃا تائين به عطائي ڊاڪٽر ماڻهن جو علاج ڪري رهيا آهن. جن کي روڪڻ وارو ڪوبه ڪونهي. اهي ڊاڪٽر سنڌ ۾ مرض گهٽائڻ بدران مختلف مرض وڌائي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جو ڪيل علاج ڪنهن به ريت محفوظ ڪونهي، نتيجي ۾ ڏينهون ڏينهن مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي. ڪجهه وقت اڳ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو طئي ڪيو ويو هو پر ان جو ڪو خاص نتيجو ڪونه نڪتو.
تعلقي مٽياريءَ ۾ به صورتحال ڪجهه اهڙي آهي. جتي عطائي ڊاڪٽر اڄ به موجون ماڻي رهيا آهن ۽ اهي انساني زندگين سان کيڏي پڻ رهيا آهن. جڏهن ته بهتر ڊاڪٽر ۽ سٺي صحت مرڪز تائين رسائي هر ماڻهو حق آهي پر هتي ائين ڪونه پيو ٿئي، نتيجي ۾ ڪيترائي مريض اهڙا آهن، جيڪي بهتر علاج نه ملڻ ڪري زندگيءَ جي جنگ هارائي ويندا آهن. مٽياري تعلقي جي مختلف علائقن اوڏيرو لال وليج، بائو خان پٺاڻ، اوڏيرو لال اسٽيشن، فاضلاڻي موري، فارسي فارم، طاهر هنڱورجو، پليجاڻي، شير محمد ٺوڙها، سيکاٽ، نوبت مري ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ عطائي ڊاڪٽر پنهنجون ڪلينڪون هلائي رهيا آهن ۽ ماڻهن ۾ ڪيترائي مرض پڻ پکيڙي رهيا آهن. ساڳي انجيڪشن هڻي هيپاٽائٽس ۽ ايچ آءِ وي جهڙا مرض پکيڙي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن کي روڪڻ وارو ئي ڪونهي، بلڪه اتان جا ڊاڪٽر به عطائي ڊاڪٽرن سان مليل آهن، تنهنڪري عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪابه ڪارروائي عمل ۾ ڪونه اچي سگهي آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي علاج ڪرڻ تي پابند لڳل آهي پر پوءِ به صحت کاتو ان پاسي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. سنڌ ۾ هڪ پاسي جتي صحت جون مناسب سهولتون ڪونه آهن. ٻئي پاسي عطائي ڊاڪٽر مريضن جي انگ ۾ واڌارو ڪري رهيا آهن.
اسين سمجهون ٿا ته مٽياري تعلقي کي عطائي ڊاڪٽرن کان پاڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. تنهنڪري ڊرگ انسپيڪٽرن کي به تحرڪ وٺڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي ڪري هر پاسي ڪيترائي مرض وڌي ويندا، جن کي ڪنٽرول ڏکيو ٿي ويندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نه رڳو مٽياري ۾ پر سنڌ ۾ هر هنڌ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ان لاءِ صحت کاتي کي سنجيدگي اختيار ڪرڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته اهو هر ماڻهوءَ جو حق آهي ته ان جي صحت بهتر رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button