ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نواز شريف جو لاهور ۾ پاور شو

Editorial-Article-Ghulam Hussain

پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنهنجي قائد محترم محمد نواز شريف جي پاڪستان واپسيءَ تي لاهور ۾ مينار پاڪستان وٽ پنهنجو پهريون پاور شو ڪيو آهي جنهن ۾ چئني صوبن جا ماڻهو ۽ ڪارڪن گهرايا جن ۾ هزارين ماڻهو نظر آيا، جن کي هٿن ۾ جهنڊا ۽ (ن) ليگ جي لوگو واريون قميصون پاتل هيون، جيڪي خاص ڌنن ۽ ترانن تي ناچ ڪندي جهمريون هڻي رهيا هئا. هونئن به پنجاب (ن) ليگ جو ڳڙهه رهيو آهي ۽ هاڻ به آهي. هن پاور شو جي اصل پاور پتو تڏهن ئي لڳي سگهي ٿو، جڏهن (ن) ليگ جي مخالفن کي به هن قسم جو پاور شو ڪرڻ جي اجازت ۽ اهي سهولتون ملن جيڪي (ن) ليگ جي ڪالهوڪي پاور شو کي مليون، ڪٿي به ڪا رنڊڪ ڏسڻ ۾ نه ملي.
وطن روانگي کان اڳ (ن) ليگ قائد ميان محمد نواز شريف دبئي ايئرپورٽ جي لائونج ۾ صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته سندس من ۾ ڪنهن به قسم جو انتقام ناهي. هن سڀ ڪجهه خدا تي ڇڏيو آهي ۽ اهو ئي بهتر ڪندو. هن اهي به الفاظ پڻ ورجايا ته اسان نائين مئي وارا ناهيون پر 28 مئي وارا آهيون، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو (ن) ليگ قائد نائين مئي واري بيان کي ايندڙ چونڊن ۾ استعمال ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو آهي. هونئن به پي ٽي آءِ جي مک ڪردارن ۽ اڳواڻن نائين مئي وارن جي واقعن جي سخت مذمت ڪندي پارٽي قائد عمران خان کي اڪيلو ڪري ويا آهن، جنهن جو سڌو سنئون فائدو به (ن) ليگ کي ئي پوندو. ميان صاحب اهو به باور ڪرايو آهي ته (ن) ليگ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار آهي پر ان لاءِ وقت جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي جيڪا هن وقت تڪبندين ۾ مصروف آهي. جڏهن ته پ پ پ (ن) ليگ جي اهڙي موقف خلاف آهي ۽ نوي ڏينهن اندر چونڊن ڪرائڻ جي حق ۾ آهي. سپريم ڪورٽ ۾ به هن ڏس ۾ ڪيس ٻڌڻي لاءِ لڳي چڪو آهي، ڏسجي ته عدالت ڪهڙو ٿي فيصلو ڏئي جو آئين ۽ قانون مٿاهون سمجهيو وڃي ٿو.
ميان محمد نواز شريف اهو به ورجايو آهي چئن سالن کانپوءِ جنهن وقت وطن واپس پهچي رهيو آهي ته حالتون ڪجهه مختلف آهن جو 2017ع ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ ملڪ جتي ڇڏي ويو هو، اڄ اتي ناهي. ملڪ معاشي مسئلن ۽ غربت جو شڪار ٿي چڪو آهي جنهن کي هو ٻاهر ڪڍڻ ۽ ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ اڻٽر ڪوشش ڪندو. عام راءِ اها آهي ته ملڪ جي معاشي تباهي مهانگائي ۽ وڌندڙ غربت ۾ (ن) ليگ جو به وڏو هٿ آهي جو گذريل ڏيڍ سال دوران شهباز شريف جي حڪومت هئي ۽ ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار به سندن گهر ڀاتي هو، جيڪو ملڪ کي پنهنجي پيرن تي واپس بيهاري ته نه سگهيو. البت عوامي ضرورتن وارين سمورين شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا هئا. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪجهه پي ٽي آءِ ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو ته (ن) ليگ ۽ سندس اتحادي پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين به ڪين گهٽايو.
(ن) ليگ قائد ميان محمد نواز شريف مشرف دور حڪومت ۾ به جلاوطن رهيو ۽ اين آر او وٺي واپس وريو. پوءِ به سندس وطن واپسيءَ تي لاهور ايئرپورٽ تي لهڻ نه ڏنو ويو هو، پر هن ڀيري سندس جهاز کي وڏي پروٽوڪول ۽ مان سان بنا ڪنهن رنڊڪ جي اسلام آباد جي ايئرپورٽ تي لهڻ ڏنو ويو جو بظاهر ته ملڪي عدالتن ٿوري مدي ۾ کيس وڏو رليف ڏنو، سندس راهداري ضمانت کنئي ۽ وارنٽ گرفتاري معطل ڪيا. اسلام آباد ايئرپورٽ پهچڻ کيس وي وي پي آءِ پروٽوڪول مليو ۽ ايئرپورٽ جو اسٽيٽ گيسٽ لائونچ فراهم ڪيو ويو. جتي هن اسحاق ڊار سميت ڪجهه پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف ڪيسن ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ لاءِ ڪاغذن تي صحيحون ڪيون ڇو ته 24 آڪٽوبر تي عدالت ۾ سرينڊر ڪرڻ جو وقت ڏنو آهي.
هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته جڏهن ميان صاحب عدالت کان سزا کاڌي ۽ کيس نااهل ڪيو ويو ته ان وقت (ن) ليگ ماڻهن کي روڊن تي آڻڻ ۾ بلڪل ناڪام رهي يا وري پرڏيهه علاج لاءِ پئي ويو، تڏهن به پارٽي ۾ خاموشي ڇانيل هئي. جڏهن پاڻمرادو جلاوطني ختم ڪري چئن سالن کانپوءِ واپس وطن وريو آهي ته هزارين پارٽي ورڪر سندس استقبال لاءِ روڊن تي نظر آيا. مينار پاڪستان تي جلسي گاهه جي انتظامن ۽ ورڪرن جي خاطر تواضع ڪرڻ لاءِ ئي چيو وڃي ٿو ته اربين رپيا خرچ ٿيا آهن. جڏهن ته چئني صوبن مان ڪارڪن ۽ ٻيا ماڻهو گهرائڻ تي به ظاهر آهي ته اربين رپيا خرچ آيو هوندو جو خاص ٽرينون ۽ بسون هليون آهن. هن وقت جڏهن ملڪي خزانو خالي پيل آهي ۽ ملڪ معاشي طور تباهه حال آهي ته پوءِ اربين رپيا خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو. پاور شو ڀلي ٿين جمهوري حق آهي، جلسا ڀلي ٿين جمهوري حق آهي پر پاور شوز تي اجايا پئسا خرچ ڪرڻ سان ملڪ جي معاشي تباهي وڌي ٿي. ڪو ته پردي پويان اهو خرچ ڪندو هوندو. ميان صاحب کي جلد بازي ۾ عدالتي رعايت ۽ پروٽوڪول ملڻ ۽ سندس ايڏو وڏو استقبال ٿيڻ، اربين رپيا خرچ ٿيڻ پويان ڪي ته هٿ آهن جيڪي کيس چوٿون ڀيرو وزير اعظم بنائڻ چاهين ٿا.
پ پ پ سميت ڪنهن به ٻي مک سياسي پارٽي اسلام آباد يا لاهور جي ايئرپورٽن تي ميان محمد نواز شريف جو استقبال ڪرڻ لاءِ ڏسڻ ۾ نه آيا جنهن مان به ڌرين ۾ دوريون محسوس ٿي رهيون آهن. جيتوڻيڪ ٻنهي ڌرين ۾ مفاهمتي سياست وارو لنڊن ٺاهه ٿيل هو تنهن هوندي به جڏهن سيد يوسف رضا گيلاني کي سپريم ڪورٽ هٽايو هو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ميان محمد نواز شريف کيس فوري طور عهدو ڇڏڻ ۽ اپيل وسيلي فيصلي اچڻ جو انتظار ڪرڻ جو زور ڀريو هو. هن وقت به ڌرين ۾ اهي دوريون وڌي رهيون آهن ۽ ممڪن آهي ته پ پ پ چئني صوبن ۾ (ن) ليگ جو سخت مقابلو ڪري ۽ ڪجهه پارٽين سان اتحاد به ڪري.
هن وقت (ن) ليگ قائد ميان محمد نواز شريف جو بال عدالتن ۾ آهي. اهي ئي کيس مليل سزائن ۽ نا اهلي بابت پنهنجو فيصلو ٻڌائي سگهن ٿيون، جنهن لاءِ هو 24 آڪٽوبر تي لاڳاپيل عدالتن ۾ پاڻ کي سرينڊر ڪرڻ لاءِ پهچندو، جيڪو قانوني ۽ آئيني طريقو آهي پر ڪجهه سياسي ۽ قانوني حلقا ان خيال جا به آهن ته ميان صاحب کي شايد ئي 2024ع واريون چونڊون نصيب ٿين جو مٿس نا اهلي واري تلوار لڙڪيل آهي، جيستائين اها نٿي هٽي. ممڪن آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر احتساب ۽ سيڪيورٽي جا سبب سامهون آڻي چونڊن کي سال ڏيڍ پوئتي ڪيو وڃي پر ان جو دارومدار به سپريم ڪورٽ جي ممڪن فيصلي تي آهي. ڏسجي ته اها ڪهڙو فيصلو يا حڪم صادر ڪري ٿي. جيڪڏهن نا اهلي ختم نٿي ٿئي ۽ چونڊون به پنهنجي وقت تي ٿين ٿيون ته پوءِ ميان صاحب پنهنجي نياڻيءَ کي بطور وزيراعظم سامهون آڻي سگهي ٿو جنهن جا به امڪان آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button