ميان نواز شريف چئن سالن جي پاڻمرادي جلاوطني ختم ڪري اعلانيل شيڊيول مطابق 21 آڪٽوبر تي شام جو وطن واپس پهتو، جتي لاهور جي علامه اقبال پارڪ ۾ سندس آجيان لاءِ ماڻهن جو تمام وڏو ميڙ موجود هو. ڪجهه ماڻهن کي لڳي ٿو ميان صاحب جي آجيان لاءِ آيل ماڻهن جو انگ اڃان به ٿورو هو. جيئن به هجي پر آجيان لاءِ آيلن کي بهرحال ڪنهن به ريت ٿورڙا ماڻهو ته نه ٿو چئي سگهجي. ماڻهو پنهنجي سڪ ۽ حب سان آيا هئا يا علائقي جي چوڌرين جي حڪم جي بجا آوري ڪندي اچڻو پين؟ هن وقت اهو سوال به اجايو آهي. ڳالهه اها ڳڻبي ته اهي آيا. ٻِي ڳالهه اها به آهي ته ماڻهن کي نگران سرڪار جهڙي نموني ٽانڊا ڏنا آهن، ان کي نظر ۾ رکندي ميان نواز شريف ڪنهن مسيحا کان گھٽ نظر نه ٿو اچي. ايندڙ اليڪشن ۾ سندس سربراهيءَ ۾ جڙندڙ سياسي حڪومت به عوام کي روشنيءَ جو ڪرڻو نظر اچي رهي آهي. پاڻ وڏن جي حڪمت عملي به اها ئي آهي ته پهرين نگران سرڪار هٿان اهڙا فيصلا ڪرائجن جيڪي چونڊيل عوامي حڪومتون پنهنجي عوامي مزاج ۽ عوام ڏانهن موٽ جي مجبوريءَ سبب نه پئي ڪري سگهيون، بعد ۾ ساڳئي عوام کي نواز ليگ جي صورت ۾ چونڊيل عوامي حڪومت به ڏبي جيڪا سندس ڦٽن تي پها رکي. ڇاڪاڻ ته عوام کي ايترو تنگ به ناهي ڪرڻو جو ملڪ ۽ رياست تان ايمان ئي کڄي وڃيس. عوام کي اهو آسرو ضرور ڏيڻو آهي ته ملڪ اڃان ڪجهه وقت هلندو. اڃان ڪوئي آسرو آهي جيڪو ملڪ جو ٻيڙو تاري سگهي ٿو. عوامي ڪاوڙ وڃي نگران حڪمرانن تي نڪرندي جن کي اهڙي عوامي ڪاوڙ جي ڪا پرواهه ڪانهي. جڏهن ته اصل نگران 2018ع ۾ ميان نواز شريف کي پٽ جي ڪمپنيءَ ۾ ملازمت نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ تاحيات نااهل قرار ڏئي نه رڳو حڪومت پر ملڪ ڇڏي ڀڄڻ تي مجبور ڪندا. عمران خان کي آڻيندا ۽ پوءِ عمران خان کي ڪڍي ساڳي نواز شريف کي مفرور منجهان مسيحا بڻائي واپس آڻيندا ۽ پنهنجا طبقاتي ۽ گروهي مفاد ماڻيندا. جيستائين گاڏو هليو، هلائيندا. ان کان پوءِ رٽائرمينٽ وٺي پاڻ به ملڪ بدر ٿيا هليا ويندا. عوام ڄاڻي ته آءِ ايم ايف ڄاڻي.
ميان صاحب جي آمد ۽ تقرير گھڻو ڪجهه طئي ڪرڻ واري هئي. جيتوڻيڪ سندس واپسي هڪڙي معاهدي تحت ٿي آهي بلڪل ائين جيئن جنرل پرويز مشرف جي حاڪميت واري ڏينهن ۾ بينظير ڀٽو جي واپسي ٿي هئي پر بينظير ڀٽو عوامي سمنڊ ڏسي حقيقي عوامي اڳواڻ واري ترنگ ۾ اچي وئي ۽ تقرير ڪندي چئي ويٺي ته اها جنرل مشرف جي وٺ پڪڙ به ڪري سگهي ٿي، جنهن نيٺ سندس سر کنيو. ان جي ابتڙ ميان نواز شريف پڪين پختين ضمانتن کان پوءِ وطن واپس وريو هو ۽ بنيادي طور عوامي اڳواڻ هئڻ بدران واپاري هئڻ ڪري پنهنجو پاڻ کي معاهدي جو پابند بڻائي رکڻ ۾ ڪامياب رهيو. جيتوڻيڪ جلسي گاهه جو اسٽيج ڪافي جذباتي منظرن سان ڀريل هو خاص ڪري پيءُ ۽ ڌيءُ جو ڀاڪر پائي ملڻ يا ميان صاحب جي تقرير ۾ شامل ڪافي جذباتي جملا جهڙوڪ: سندس ماءُ ۽ گھر واريءَ کي سياست کائي وئي. يا ڪجهه گهاوَ ڪڏهن به ناهن ڀرجي سگهندا. يا سندس ڌيءَ کي بنا ڪنهن ڏوهه جي جيل ۾ بند ڪيو ويو وغيره. پر ميان صاحب جي تقرير اهو واضح ڪري ڇڏيو ته هيءُ “ووٽ ڪو عزت دو” وارو نواز شريف نه آهي. هيءُ سڀ ڪجهه بخشي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو خواهشمند نواز شريف آهي. هيءُ جمهوريت کي ئي سڀ کان ڀلو بدلو سمجهڻ وارو نواز شريف آهي.
جيتوڻيڪ وطن واپسيءَ کان پوءِ اها سندس پهرين تقرير هئي جنهن کان پوءِ کيس اڃان ڪيتريون ئي تقريرون ڪرڻيون آهن. بهرحال هن وقت تائين ته هُو ساڳيا پراڻا نعرا ۽ سکڻا دلاسا وڪڻي رهيو آهي ۽ عوام سندس واعدن تي اعتبار ڪري رهيو آهي. پر هڪڙي ڳالهه ته آهي، کيس واپس وطن ۾ ڏسي خوشي ٿي آهي ۽ اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته هُو صاف شفاف چونڊن ذريعي کٽي اچڻ کي ترجيح ڏيندو. ٺهيل ٺڪيل نتيجا پليٽ ۾ وٺڻ ۽ پوءِ نيڪالي واري سياست کي رد ڪندو.
ميان نواز شريف پي ڊي ايم حڪومت دوران ريموٽ ڪنٽرول ذريعي حڪومت ڪندو رهيو. شهباز شريف وزيرِ اعظم ته هو پر اسحاق ڊار جي صورت ۾ ان جي مٿان پنهنجو خاص اعتماد وارو ماڻهو مڙهي ڇڏيائين. پر نواز شريف توڙي سندس نياڻي مريم نواز پنهنجي تقريرن توڙي ڳالهه ٻولهه دوران ڪٿي به اهو محسوس ٿيڻ نه ڏنو ته اهي شهباز شريف جي حڪمرانيءَ کي پنهنجي پارٽيءَ جي حڪمراني قبوليندي سندس عيب ثواب پنهنجي کاتي ۾ آڻڻ لاءِ تيار آهن.
1999ع ۾ جڏهن تڏهوڪي آمر جنرل پرويز مشرف ميان نواز شريف کي ويڙهي سيڙهي سعودي عرب ڏانهن زبردستي جلاوطن ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس پارٽي توڙي سياست ڪجهه وقت لاءِ بلڪل ختم ٿي چڪي هئي، بلڪل ائين ئي 2019ع ۾ جڏهن ميان نواز شريف کي ويڙهي سيڙهي لندن جلاوطن ڪرڻ لاءِ ماحول جوڙيو ويو ته هڪ ڀيرو ٻيهر سندس پارٽي ۽ سياست لڳ ڀڳ ختم ٿي ويا هئا. پر هاڻي 21 آڪٽوبر تي واپس اچي هُن پنهنجي سياست ۽ پارٽيءَ کي بچائي ورتو آهي. نواز شريف جي واپسيءَ سان سياسي ميدان ۾ سندس موجودگي ۽ سندس پارٽيءَ جي مقبوليت جي پڻ واپسي ٿي آهي. بهرحال هڪڙي جلسي يا پارٽي قائد جي استقبال کي ڏسي اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته ايندڙ عام چونڊن جا نتيجا ڪنهن جي حق ۾ هوندا. پنجاب جي شهري علائقن ۾ نواز ليگ پنهنجو ووٽ بينڪ وڃايو آهي جيڪو اها تحريڪِ انصاف کان واپس وٺي ته رهي آهي پر اهو ايترو جلدي ۽ ايترو سولو نه هوندو. تحريڪِ انصاف جو قائد جيل ۾ آهي. جيڪڏهن هو آزاد هجي ته تصوير جو ٻيو رخ به نظر اچي ويندو.
پنجاب ۽ خيبر پختونخواه جون صوبائي چونڊون پي ڊي ايم جي حڪومت پاران سال لاءِ ملتوي ڪيون ويون. جڏهن ته مرڪزي چونڊون آئيني مدي اندر ڪرائڻ لاءِ زور لڳايو پيو وڃي. آدمشماري ۽ آدمشماريءَ مطابق نئين سر تڪبنديءَ جي نالي تي في الحال ته انهن چونڊن کي ڇهن مهينن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي پر اڃان به لڳي نه ٿو ته اليڪشن ڪميشن جي اعلان مطابق ايندڙ سال جنوري مهيني جي پڇاڙيءَ تائين چونڊون ٿي سگهنديون. ڇاڪاڻ ته هڪڙي پاسي آءِ ايم ايف جي ڏنل هدايتن تي عملدرآمد ڪندي مختلف سرڪاري ادارا ۽ اثاثا وڪرو ڪرڻ، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن جي حوالي سان ڪجهه سخت فيصلا ڪري وٺڻ ۽ بجلي توڙي گيس وغيره کي مهانگو ڪري عوام کان بقايائن جي نالي ۾ اوڳاڙي ڪرڻ لاءِ اهو وقت ٿورو آهي. ٻي پاسي پاڻ نواز ليگ جو فائدو به ان ۾ آهي ته پي ڊي ايم جي گذريل حڪومت ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ وٿي هجي. ايتري جو عوام پنهنجي جلدي وساري ويهڻ واري ڪمزوريءَ سبب اهو وساري ويهي ته پي ڊي ايم حڪومت دوران نواز شريف جي ڀاءُ ۽ نواز شريف جي پارٽيءَ کيس ڏکايو هو. عوام نه رڳو اهو سڀ ڪجهه وساري ويهي بلڪه ميان نواز شريف کي هر مرض جو علاج سمجهي نواز ليگ کي ٻيهر حڪومت ۾ آڻڻ لاءِ به تيار ٿي وڃي. ان ڪري چونڊون جيترو پوئتي ٿينديون اوترو بهتر.
آخري ڳالهه اها ته مسلم ليگ نواز کي هن وقت جنهن شيءِ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي سا آهي خيبر پختونخواه، ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ اندر گھٽ ۾ گھٽ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سياسي ۽ تنظيمي حيثيت کي بهتر ۽ مضبوط بڻائڻ. ان لاءِ سخت محنت ۽ ميرٽ تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا شيءِ نواز ليگ ۾ به ائين ئي گم آهي، جيئن پيپلز پارٽيءَ ۾. پيپلز پارٽي وري به ڪجهه نه ڪجهه ڪارڪنن ۽ پراڻي پارٽي ساٿين ۽ وفادارن کي ونڊي ورهائي ڏيندي آهي پر نواز ليگ ۾ سموريون سڻڀيون پوزيشنون ميان صاحب جي پنهنجي خاندان ۽ ويجهن رشتيدارن توڙي رشتيدارن جي رشتيدارن وٽ هونديون آهن. جنهن ڪري عام سياسي ڪارڪن مايوس ئي ٿيندو رهندو آهي.