ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پهرين نومبر: پرڏيهين جي واپسيءَ لاءِ چتاءُ

سنڌ توڙي ملڪ ۾ ڌارين جي آبادڪاري واري مسئلي تي مختلف وقتن تي سياسي سماجي ڌريون آواز اٿارينديون رهيون آهن پر انهن جي آوازن کي سدائين نظرانداز ڪيو ويو آهي، جنهنڪري نه رڳو ڌارين جي آبادڪاريءَ جو سلسلو جاري رهيو پر ان جي انگ ۾ به واڌ ٿيندي رهي آهي. اهڙي ريت اهو سلسلو ڪيتري وقت تائين هلندو رهيو. تازو حڪومت ڌارين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن کان پوءِ خاص طور افغان پناهگيرن کي افغانستان روانو ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. ڇاڪاڻ ته اهي هتي وڏي انگ ۾ آباد آهن. حڪومت جو چوڻ آهي ته اهي ملڪ دشمن سرگرمين ۾ به ملوث رهيا آهن. تنهنڪري انهن کي نيڪالي ڏيڻ لازمي ٿي پيو آهي. سنڌ وڏي وقت کان چوندي رهي ته ڌارين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪليو اهي نه رڳو سنڌ جي وسيلن تي بار آهن پر سنڌ ۾ بدامني پڻ پکڙي رهيا آهن پر سنڌ جي ماڻهن جي ڪنهن آواز کي هن ملڪ ۾ اهميت ڪونه ڏني ويندي آهي، تنهنڪري اها ڳالهه به اڻ ٻڌي ڪئي وئي ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو جو افغاني سنڌ ۾ وڌندا ويا ۽ اهي سنڌ جي هر شهر ۾ آباد ٿيڻ لڳا.
هاڻ جڏهن سڄي ملڪ ۾ افغانين خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن ۽ انهن کي پهرين نومبر تائين ملڪ ڇڏڻ جي مهلت ڏني وئي آهي ته اهو هڪ بهتر فيصلو آهي. پر جيترو انگ گذريل مهيني يا هن مهيني افغانين جو ملڪ مان نڪري پنهنجي ملڪ افغانستان ڏانهن ويو آهي، اهو ايترو گهڻو ڪونهي. لکن جي انگ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ افغانين مان جيڪڏهن ڪجهه هزار ماڻهو هتان هليا ٿا وڃن ته ان سان ڪو فرق ڪونه پوندو. اصل ڳالهه اها آهي ته جيترو انگ هتي موجود آهي، اهو انگ ملڪ بدر ڪيو وڃي. ڪالهوڪي آيل هڪ رپورٽ موجب وڌيڪ 4239 افغانين کي واپس موڪليو ويو آهي ۽ پهرين نومبر کان ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو. هن وقت تائين رڳو 72219 ماڻهو پنهنجي ملڪ وڃي چڪا آهن. جيڪڏهن ملڪ ۾ 40 لک کن افغاني رهن پيا اتي اهو انگ بنهه گهٽ آهي، جيڪو پنهنجي ملڪ موٽي ويو آهي. پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ملڪيتون ٺاهيندڙ پرڏيهين خلاف به ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو ۽ سهولتڪارن کي به جيل اماڻيو ويندو. بيان بازي تائين به اها ڳالهه ڀلي آهي پر ان تي عمل به ٿيڻ لازمي آهي. ڇاڪاڻ ته پرڏيهين جي موجودگيءَ سان سنڌ سڀني کان وڌيڪ ڀوڳي رهي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته پاڪستان کي پنهنجي قومي سلامتيءَ جي معاملي تي ڪو به ٺاهه نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ملڪي سلامتي پرڏيهين جي مهمانيءَ کان وڌيڪ اهم ڪونهي. دنيا جا ٻيا به مسلمان ملڪ آهن، اهي افغانين جي مهماني ڪري سگهن ٿا پر اهي پنهنجي سلامتيءَ کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ اهڙي قسم جو فيصلو ڪونه ٿا ڪن. تنهنڪري هن وقت جڏهن حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي ته پرڏيهي واپس وڃن ته ان لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن ۽ انهن ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ جي پرڏيهين مان جان ڇٽي سگهي ۽ امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button