ناول بابت هي ڳالهه پنهنجي خيال کان شروع ڪري پرائي ڳالهه تي ختم ڪجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته پنهنجو خيال اوپرو لڳندو آهي ۽ پرايو خيال پنهنجو لڳندو آهي. منهنجو خيال آهي ته ناول بابت نه سنڌي ليکڪ نڪو ئي وري سنڌي پڙهندڙ اڄ تائين ڪا صحيح را جوڙي سگهيو آهي. وڏي وقت کان مون اهو به محسوس ڪيو آهي ته سنڌي پڙهندڙ افسانوي ادب کي ريڊيو پاڪستان جو ڪو فرمائشي پروگرام سمجهي ٿو ۽ هر وقت اها فرمائش ڪري ٿو ته هن کي هي نه پر هو ناول يا ڪهاڻي کپي، هن کي نعريبازي سان سرشاري لکڻيون گهرجن جن کي هو مزاحمتي ادب جو نالو ڏئي سگهي. ان مٿان وري اسان جا سياسي ماڻهو هر هر اديب تي اهو بار به رکندا اچن ته اديب کي عملي ميدان ۾ به هنن سان گڏ بيهڻ گهرجي ۽ سندن اجاين سياسي نعرن کي هٿي ڏياري، اها هڪ تخليقي ليکڪ کي غلام بڻائي واري سوچ آهي. تخليقي ليکڪ کي پنهنجي تخليق کانسوا ٻيو ڪنهن سان به بيهڻ نه گهرجي. جڏهن ڪوبه ليکڪ پنهنجي تخليق بدران ڪنهن سياسي نعري سان بيهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته انهي مهل پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو انت آڻي ٿو. منهنجو اهو به خيال آهي ته اسين سنڌي افسانوي ادب جا ليکڪ “پڙهندڙ جي موت (Death of Reader)” واري دور مان گذري رهيا آهيون. اسان وٽ اڃا به حقيقي ناول کي سمجهڻ وارو پڙهندڙ پيدا ئي نه ٿيو آهي. اسان وٽ پڙهندڙن اهڙي سياسي لوڌ ويٺل آهي جيڪا افساني کي هڪ پروپيگنڊا جي آلي طور استعمال ڪرڻ گهري ٿي. اسان جي پڙهندڙ کي ناول ۽ ڪهاڻيءَ جي نالي ۾ هر وقت ساڳئي ئي قسم جي نعريبازي گهرجي، اها ڪا نئين ڳالهه نئين انداز ۾ پڙهڻ لا تيار ئي ڪونهي ۽ منهنجي خيال ۾ اهو ئي “پڙهندڙ جو موت” آهي.
ناول جي حوالي سان اورنڌتي را جو خيال مون کي سڀني وڌيڪ وڻندو آهي. هو پنهنجي ڪتاب آزادي ۾ لکي ٿي ته “آزادي مان منهنجي مراد ناول آهي، ڇو ته ناول ئي هڪ اهڙي ادبي صنف آهي جيڪا هڪ ليکڪ کي مڪمل پيچيده ٿيڻ جي آزادي ڏئي ٿي.”
ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هڪ ناول نگار ناول لکڻ مهل پوري ريت پيچيده رهڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي، ناول رڳو ڳالهيون يا واقعا بيان ڪرڻ جو نالو نه آهي پر اهو پڙهندڙ لا هڪ چيلينج مثل هجڻ گهرجي. ناول جو ڪمال اهو هوندو آهي ته اهو ننڍڙي ڳالهه کي وڏو ڪري پيش ڪندو ۽ وڏي کان وڏي ڳالهه کي ننڍڙو ڪري پيش ڪندو آهي. ناول ليکڪ جي تخليق ۽ تخيل جي دوربين به ٿيندو آهي ته خوردبين به، ناول پري وارين شين کي ويجهو کڻي ايندو آهي ۽ ويجهي واري ڳالهه کي پري کڻي ويندو آهي. اهو چوڻ به غلط نه هوندو ته ناول پنهنجي پاڻ ۾ هڪ الڳ ڪائنات هوندو آهي ۽ ڪڏهن ان ڪائنات جو خلقيندڙ ناول جي اندر هوندو آهي ۽ ڪڏهن وري ناول کان ٻاهر رهي پنهنجو ڪمال ڏيکاريندو آهي.
ناول جي حوالي سان ويهين صدي جي جڳ مشهور نقاد ۽ دانشور ايڊروڊ سعيد ڪجهه اهم خيال ڏنا آهن. هي اهو ئي ايڊورڊ سعيد آهي جنهن لا نوم چومسڪي جو چوڻ آهي ته ايڊورڊ سعيد اسان کي اهو سمجهائڻ ۾ ته اسين ڪير آهيون ۽ طاقت جي غلام ٿيڻ بدران اسان کي اخلاقي طور ڇا ڪرڻ گهرجي بابت اسان جي رهنمائي ڪري ٿو. ايڊورڊ سعيد جي ڪتاب “ڪلچر اينڊ ايمپرليزم” ۾ هڪڙو باب آهي جنهن ۾ هن ان ڳالهه تي بحث ڪيو آهي ته ڪهڙي نموني ناول 19هين صدي جي يورپي پڙهندڙ جي ذهن سازي ڪئي. هو لکي ٿو ته:
“اصل ۾ ناول ثقافت جي هڪ جامع ۽ انسائيڪلوپيڊيائي صورت هوندو آهي. ان ۾ ٻه ڳالهيون، هڪ زبردست ۽ ترتيب وارو پلاٽ هوندو آهي ۽ ٻيو ان ۾ سماجي حوالن سان ڀرپور هڪ نظام هوندو آهي جنهن جو دارومدار صنعنتي سماجن ۾ موجود ادارن جي طاقت ۽ اثر تي هوندو آهي. 1840ع واري ڏهاڪي تائين انگريزي ناول برطانوي سماج ۾ جمالياتي طور ۽ هڪ ڏاهپ جي هڪ اهم آواز طور مڃتا ماڻي ورتي. هڪ پڙهندڙ جي ذهن ۾ ناول پنهنجي شروعات ۾ يا پڄاڻيءَ ۾ حقيقت جو عڪس ٿيندا آهن. هي اهو زمانو آهي جنهن ۾ برطانيا جو راڄ سموري دنيا تي هو ۽ برطانيا جو پڙهندڙ باقي دنيا بابت لکيل ناولن مان ئي دنيا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.”
(هلندڙ)