ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان لاءِ ٻه آپشن،مائنس يا پرڏيهه روانگي

هي تاثر عام آهي ته ملڪ جي سياست ميان نواز شريف جي چوڌاري ئي گهمي ڦري رهي آهي. واڳ ڌڻي هجن يا عدليا، هر ڪوئي اڳوڻي وزير اعظم لاءِ سافٽ ڪارنر ڏيکاري رهيو آهي، ان ڪري نواز شريف کي جن مشڪل حالتون جي ور چاڙهيو ويو. ان جو ڪفارو ادا ڪيو پيو وڃي. ان سان گڏ اڳوڻي وزير اعظم لاءِ ان ڪري به نرم گوشو آهي ته هو سياست جو سينيئر کيڏاري آهي، جيڪو رياست کي معاشي ۽ سياسي طور ريسڪيو ڪري سگهي ٿو. هن جي ٻن عرب رياستن، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن سان پي آر، ڪيش ٿي رهي آهي. اهي ساڳيا ملڪ آهن، جن جو ڀلي عالمي سياست ۾ گهڻو اهم ڪردار نه به هجي، پر پاڪستان جي سياسي ڍانچي ۾ انهن جي اشارن کي ڪانه ڪا معنيٰ ۽ مفهوم ڏنو وڃي ٿو. جيڪڏهن ائين چئجي ته سعودي عرب، گڏيل عرب امارتون، اسٽيبشلمنٽ ۽ نواز شريف ساڳئي پيج تي آهن، ته غلط نه ٿيندو. ان کان اڳ ملڪي سياست ۾ ٿري ايز (3As) جو اثر رسوخ هو، جنهن مان هڪ اَي تقريبن ميدان کان ٻاهر ٿي ويو آهي. هينئر واڳ ڌڻين جا اهم مهرا هجن يا سياسي شخصيتون ان اَي ڏانهن گهڻو ڌيان نٿيون ڏين. ان ڳالهه کي جيڪڏهن مختصر لفظن ۾ سموهڻ جي ڪوشش ڪجي ته چئي سگهجي ٿو ته ملڪي توڙي عالمي سياست ۽ ان جي کيڏارين جي Dynamics تبديل ٿي وئي آهي.
هينئر ملڪ جي مک سياسي کيڏارين مان باقي ته واڳ ڌڻين جي Good Books ۾ نظر اچن پيا، پر عمران خان جي مائنس ٿيڻ يا سياسي کيڏ کان ٻاهر نظر اچي ٿو. ان ڪري هن جي حوالي سان مختلف آپشنز به سامهون اچي رهيا آهن. پي ٽي آءِ ڪيتري وڏي پارٽي آهي، ان بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته اها ايترن ٽڪرن ۾ وکرجي وئي آهي ۽ ان جا ڪيترائي اڳواڻ خاموشي سان ميدان کان ٻاهر به هليا ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ هي پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ ڪيئن حصو وٺندي؟ جيڪڏهن چونڊن ۾ حصو وٺندي ته ان جي اڳواڻي عمران خان جي هٿ وس هوندي يا نه؟ ان سان گڏ هي به چئي سگهجي ٿو ته عمران خان جي نااهل ٿيڻ جا سمورا بندوبست ٿي چڪا آهن. سندس خاندان يا وري اڳواڻن مان ڪي سامهون اچي سگهن ٿا، پر انهن جو سياسي وزن ايترو ناهي جو پارٽي، چونڊن ۾ ڪي جوڳيون سيٽون حاصل ڪري سگهي. اهڙي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ جي صورتحال ماضي جهڙي يا ان کان گهڻي خراب نظر اچي سگهي ٿي. پر پارٽي جي ٻيڙي ۾ عمران خان ڳرو ئي هوندو. ان ڪري، ٻيا اڳواڻ به نه چاهيندا ته سندس موجودگي ۾ هو ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺن. عمران خان جي هي پراڻي ڪيمسٽري آهي ته اهو ٺاهيل بازي کي بگاڙي ڇڏيندو آهي. سندس انا ۽ هوڏ ئي کيس سياسي تباهي جي ڪنڌي تي پهچايو آهي. ان ڪري پارٽي اندر جيڪي اڳواڻ رهجي ويا آهن، اهي نه چاهيندا ته عمران خان جو پاڇو به انهن تي پئي.
هينئر مختلف ڳالهيون سياسي منظرنامي ۾ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن. هڪ طرف پي ٽي آءِ جا ڪجهه اڳواڻ، چاهين ٿا ته پنهنجن پراڻن سياسي مخالفن سان گڏجي ڪجهه حصو حاصل ڪري وٺن، ان حوالي سان مولانا فضل الرحمان سان پي ٽي آءِ جي ٻن اڳواڻن جي ملاقات ۽ ان جي پٺيان نماز پڙهڻ واري عمل به واضح پيغام ڏنو آهي. پارٽي جو ٽيون اڳواڻ، بيريسٽر سيف، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ايم ڪيو ايم ۾ هو،بعد ۾ فوجي آمر پرويز مشرف جي ويجهو رهيو ۽ ان کانپوءِ پي ٽي آءِ جي اهم اڳواڻن ۾ شامل ٿيڻ لڳو. هن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته سياسي پارٽين ۽ مختلف کيڏارين سان ملاقاتن دوران ان کي واڳ ڌڻين جي نمائندي طور شامل ڪيو پيو وڃي. ڪنهن زماني ۾ واڳ ڌڻين جي اهم نمائندن ۾ چوڌري ڀائر شامل هئا، جن مان چوڌري پرويز الاهي کي ته عبرت جو نشان بڻايو ويو ۽ کيس ۽ سندس خاندان جي سمورين “قربانين” کي ڪچري جي دٻي ۾ اڇلايو ويو. چوڌري ڀائرن سان واڳ ڌڻين جي قربت ڀٽو دشمني تي ٻڌل هئي، جڏهن ڀٽو جي پارٽي جا اهم اڳواڻ، چوڌري ڀائرن جي ويجهو ٿي ويا ۽ چوڌري پرويز الاهي کي ڊپٽي وزير اعظم بڻايو ته پوءِ واڳ ڌڻين لاءِ به ڪو سبب نه هو ته اهي چوڌرين کي ساڳي اک سان ڏسن. ان سان گڏ پ پ ۽ واڳ ڌڻين ۾ جيڪي قربتون پيدا ٿيون آهن، اهي به ڪنهن کليل راز جيان آهن.
هينئر پي ٽي آءِ جا ٽي ڌڙا ته واضح آهن، پر انهن کي ڪابه موٽ نه ملي رهي آهي. عمران خان جي ڪنهن به اداري مان شنوائي نه ٿي رهي آهي. سندس ڀينرون، خاص ڪري عليما خان به چئي رهي آهي ته جيڪڏهن سندس ڀا وٽ ڪو آپشن نه رهيو ته هو لنڊن ئي روانو ٿي ويندو ۽ وڃي پنهنجن پٽن سان زندگي جا باقي ڏينهن گذاريندو. هن واضح ڪيو ته عمران خان وٽ پرڏيهه وڃڻ جو آپشن موجود آهي. عمران خان جيڪو ملڪ کي سڀ ڪجهه قرار ڏيندو رهيو آهي، اهو پرڏيهه ويو ته ان کي به يوٽرن ئي سمجهيو ويندو. پر هي يوٽرن ان وقت ورتو ويندو، جنهن وقت هو پارٽي لاءِ ٻوجهه بڻجي ويو يا ڪيسن ۾ سزائن ملڻ جي صورت ۾ هو سياست کان پاسيرو ٿي ويو. هو ڪجهه وقت انتظار ڪندو، ممڪن آهي ته هي سڀ ڪجهه ايندڙ چونڊن کان اڳ ئي ٿي وڃي.
ايندڙ عام چونڊن کان اڳ صدر عارف علوي به ان مشن تي آهي ته پي ٽي آءِ جا ڪنهن سياسي پارٽي يا واڳ ڌڻين سان معاملا طئي ٿي وڃن. ان ڪري هڪ طرف هو چئي رهيو آهي ته سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڊائلاگ ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته چور ۽ ڌاڙيل وارو بيانيو رد ٿي ويو آهي. ان سان گڏ هو پنهنجي لاءِ به سياست ۾ گنجائش ڪڍڻ گهري ٿو،هو سمجهي ٿو ته پي ٽي آءِ ۾ هن لاءِ ميدان ته خالي آهي، پر جيڪڏهن پارٽي پليٽ فارم تان ئي سياسي سفر جاري رکڻ جي ڪوشش ڪئي ته ممڪن آهي ته هن لاءِ ڪابه گنجائش نه رهي. ان ڪري امڪان اهي ئي آهن ته ڊاڪٽر عارف علوي ٻيهر ڏندن جي اسپتال کولڻ بدران ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي سياست ڪندو. هو واڳ ڌڻين تي دٻا وجهڻ لاءِ مختلف ڳالهيون ڪندو رهيو آهي. هاڻ هو چئي رهيو آهي ته ممڪن آهي ته ڊسمبر جي آخر تائين عام چونڊون نه ٿين. جنهن جي جواب ۾ اليڪشن ڪميشن ڪجهه چيو آهي، پر ان سان عارف علوي تي ڌريون کلي رهيون آهن. اليڪشن ڪميشن چاهي ٿي ته اها ملڪ جي اعليٰ عدالت جي طلب ڪرڻ تي ممڪن آهي ته ايندڙ چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏي.
جيڪڏهن ائين چئجي ته اهي پارٽيون، جن کي عمران خان ڪنهن جي چوڻ تي ٽانڊا ڏنا. اهي، اسٽيبلشمنٽ، عدالتون، سياسي اسٽيبلشمنٽ، خاص ڪري مک سياسي پارٽيون ۽ ايستائين جو عمران خان جي پنهنجي پارٽي به چاهي ٿي ته هو پرڏيهه هليو وڃي يا جيل ۾ سزا ختم ٿيڻ جو انتظار ڪري. هن منظرنامي مان سمجهي سگهجي ٿو ته عمران خان مڪمل طور اڪيلو ٿي رهيو آهي. هن جي سسٽم اندر هر قسم جي گنجائش ختم ٿي رهي آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته عمران خان پاڻ فيصلو ڪري، ملڪ کان ٻاهر وڃڻ واري آپشن کي سنجيده وٺي. هو محترما بينظير ڀٽو يا نواز شريف جيان سياستدان ناهي، جو هن جي پري ٿيڻ سان ملڪ جو وهنوار متاثر ٿئي ۽ واڳ ڌڻي منٿون ڪري هن کي وٺي ايندا. عمران خان جي حڪمراني هڪ اهڙي دور جي ياد ڏياريندي، جنهن ۾ سياستدانن کي مڪمل طور پاسيرو ڪري، انهن خلاف گندي زبان استعمال ڪري مورال ڊائون ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي، پر واڳ ڌڻي ناڪام ٿيا. اهڙو ڪردار واڳ ڌڻين جو هر دور به ساڳي نوعيت جو رهيو آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته مستقبل ۾ سياسي ڌريون ڪيئن ٿيون ڪارڪردگي ڏيکارين، جيڪڏهن پٿر انهن کان به ڳرو ٿي ويو ته پوءِ ڪنهن وڏي تبديلي جي عمل کي روڪڻ ممڪن نه هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button