ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اسرائيل جو جنگي جنون

اسرائيل- فلسطين ۾ ڇڙيل جنگ سبب فسلطين واسين لاءِ صورتحال خراب ٿي رهي آهي، اتي موجود آبادي هاڻ نه رڳو بم گولن جو شڪار ٿي رهي آهي پر هاڻ کاڌ خوراڪ ۽ پاڻيءَ کان به محروم ٿي رهي آهي. هڙي صورتحال ۾ اهي ڪهڙي ريت جالي سگهن ٿا، ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونهي. ڇاڪاڻ ته اسرائيل لاڳيتو بمباري جاري رکندو پيو اچي ۽ ان لاءِ اهو مسئلو کي ڪونهي ته هو ڪيترن معصوم ۽ بيگناهه فلسطنين کي ماري ٿو. ايستائين جو اسرائيل هاڻ اسپتالن کي به نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آهي. جنهنڪري مريضن کي علاج به نصيب ڪونه پيو ٿئي. فسلطين ۾ ڏينهون ڏينهن ماڻهن جي شهيد ٿيڻ جو انگ وڌي رهيو آهي. ان کان سواءِ انهن جو زميني رابطو پڻ ڪٽجي ويو آهي. بيت جنون ۽ غزا جا اتر وارا علائقا آڌي رات جو وحشياڻي بمباري سبب ٻري اٿيا آهن، شهادتن جو انگ هاڻ 7700 کان وڌي ويو آهي. جن ۾ 36 معصوم ٻارڙا به شامل آهن. اسرائيلي فوجن جي غزا ۾ داخل ٿيڻ جي وڏي ڪوشش ٿي پر اها حماس ناڪام بڻائي ڇڏي. بمباري ٿيڻ سبب انٽرنيشنل ڪيبل به تباهه وئي جنهن ڪري غزا جو رابطو دنيا کان ڪٽجي ويو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي عرب گروپ جي غزا ترت انساني بنيادن تي جنگبندي واري پيش ڪيل ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي حماس جنگبندي تائين اسرائيلي قيدين کي آزاد نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اسرائيل – فلسطين جي جنگ کان پوءِ سڄي دنيا ۾ بي چيني لڳي پئي آهي ۽ صورتحال ڏينهون خراب ٿيڻ کان پوءِ امڪان اهي آهن ته هن جنگ جو دائرو وڌي ويندو ۽ ان کان پوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندو. اسرائيل پنهنجن جنگي ارادن کان ڪڏهن به ڪونه مڙيو آهي، فلسطين ۾ انهن ماڻهن ۽ جاين کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جتي انساني آبادي موجود آهي. فلسطين واسين جو رت بي گناهه وهائڻ سان اسرائيل کي ڇا حاصل ٿي رهيو آهي ۽ ڇا هو ان جنگ کان پوءِ پنهنجو پاڻ کي عرب ملڪن وٽ مڃرائي سگهي ٿو، جيڪي ويجهڙ ۾ کيس قبولڻ لاءِ تيار هئا. فلسطين جي مسئلي جو حل ڪنهن به ريت جنگي جنون ڪونهي، ان لاءِ وري به ڳالهيون ڪرڻيون پونديون ۽ ڳالهين جي ميز تي ويهي سڀني مسئلن کي نيبرڻو پوندو.
اسين سمجهون ٿا ته ان حوالي سان رڳو گڏيل قومن کي پنهنجو ڪردار ادا نه ڪرڻ گهرجي پر اهي ملڪ جيڪي فلسطين جي عوام کي مظلوم سمجهن ٿا، اهي به اڳيان اچي اسرائيل جي ڪردار جي نندا ڪن. ان کان سواءِ عالمي برادريءَ کي به اهو سوچڻو پوندو ته آخر فلسطين جو عوام پنهنجو پاڻ تي ڪيترو ظلم برداشت ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته هاڻوڪي جنگ مان ائين لڳي رهيو آهي ته هي ظلم جي انتها آهي. آمريڪا کي اهو سوچڻو پوندو ته ڪابه جنگ رڳو ٻن ملڪن جي وچ ۾ اثرانداز ڪونه ٿيندي آهي پر ان جا اثر سڄي دنيا تي پوندا آهن. جيئن ته اسرائيل کي آمريڪا جي پٺڀرائي آهي، تنهنڪري اهو جيڪو چاهي ڪري سگهي ٿو. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته امن لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button