پيار هڪ جادو آهي، محبت هڪ فطري عمل آهي. پيار کان سواءِ انسان ڪجهه به ناهي. اهڙا جملا اسين روزمره جي زندگيءَ ۾ ٻڌون ٿا ۽ پڙهون ٿا. ڪجهه سالن ۾ ويلنٽائن ڊي ملهائڻ جو لاڙو به نظر اچي ٿو، توڙي جو مذهبي ۽ ثقافتي لحاظ کان ان کي گهڻي پذيرائي ناهي ملي، تنهن هوندي به نوجوان ان ڏينهن کي ڀرپور نموني ملهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جنهن ۾ هڪٻئي کي تحفا ڏيڻ، محبت جو اظهار، ملاقات ۽ گلن جا تحفا پڻ پيش ڪيا وڃن ٿا.
قدامت پسند طبقي پاران ويلنٽائن ڊي کي شڪ جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي. ان کي اولهه جي واردات سمجهيو ويندو آهي. جيڪا غيراخلاقي روين کي هٿي ڏئي ٿي. روايتي قدرن خلاف آهي، مذهبي اڳواڻ ان کي غيراسلامي قرار ڏين ٿا. انهن روين باوجود ويلنٽائن ڊي عالمي ميڊيا، سماجي لاڙن ۽ ڪمرشلائيزيشن کان متاثر ٿي ڪيترن ئي پاڪستاني نوجوانن ۾ مقبوليت ماڻي آهي.
سمجهيو اهو ويندو آهي ته محبت فطري ۽ ذاتي تجربو آهي. جڏهن ته سماجيات جي نقطه نظر کان اهو مڪمل سماجي عمل آهي. سماجيات اسان کي گهرائيءَ سان سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي ته ڪيئن سماجي ڍانچو ۽ سماجي جوڙجڪ ۽ سماجي ريتون رسمون رومانوي رشتن تي اثرانداز ٿين ٿيون. محبت رڳو انفرادي جذبو ناهي، پر هڪ سماج پاران جوڙيل آهي، جيڪو ثقافتي عقيدن، سماجي رسمن ۽ تاريخي حوالن سان جڙيل آهي، ماڻهن جون جيڪي به اميدون ۽ معيار رومانوي رشتي سان لاڳاپيل آهن، اهي به اصل ۾سماج پاران ئي ڏنل آهن. اهي ٻڌائين ٿا ته ڪهڙن ماڻهن سان پيار ڪرڻ جي توقع ڪئي وڃي ۽ انهن سان محبت جو اظهار ڪيئن ڪرڻ گهرجي ۽ ڪهڙيون شيون هڪ ڪامياب رومانوي پارٽنر ٿيڻ لاءِ ضروري آهن.
اهڙي ريت رومانوي رشتي ۾ عورت ۽ مرد جا تجربا پڻ مختلف ٿين ٿا. عورت ۽ مرد مان رومانوي توقعات پڻ مختلف آهن. جيئن عورت مان اها توقع رکي ويندي آهي، جذباتي طور تي اها مددگار هوندي يا رومانٽڪ رشتي ۾ صبر کان ڪم وٺڻ گهرجيس يا هر حال ۾ مرد جي سهولتڪار هجي.
سماجي نيٽ ورڪ جن ۾ خاندان، دوست ۽ مٽ مائٽ، پاڙي وارا سڀ رومانوي رشتن کي ترتيب ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿا. ايستائين جو اسان خوبصورتيءَ ۾ مناسب رومانٽڪ پارٽنر جو تصور پڻ انهن کان وٺون ٿا.
هي جيڪا اسان جي تصور ۾ سورهن سالن جي سنهڙي، اڇي رنگ ۽ ڊگهن وارن واري ملوڪ زادي ويٺل آهي، اهو اصل ۾ سماج پاران ڏنل هڪ خاڪو آهي، جنهن کي گهڻي ڳالهائڻ جي عادت نه هجي. اسان سڀني کي خبر آهي ته اهي سڀ شيون تبديل ٿيندڙ آهن ۽ مڪمل طور تي سڀني کي ملي نه نٿيون سگهن. پوءِ سماج پاران مليل معيار تائين پهچڻ لاءِ ڪوششُون ڪندا ٿا رهون. سماجي معيار، رومانٽڪ جوڙي تي مثالي جوڙي ٿيڻ جو دٻاءُ وجهي ٿو.
اقتصادي طور پهچ نه هئڻ باوجود مهانگو تحفو ڏيڻ جو دٻاءُ فقط غريب عاشق ئي سمجهي سگهي ٿو. ڇو ته ان کان سواءِ محبت جي ڪا معنيٰ ڪونهي. محبت کي اڄڪلهه مادي شين ۽ نمائش سان ڀيٽيو وڃي ٿو. حقيقي ۽ جذباتي لاڳاپا سطحي سمجهيا وڃن ٿا. نتيجي ۾ عورتون دولت جي پٺيان ۽ مرد جسمن جي پٺيان ڀڄندي نظر ايندا آهن. ڪو شڪ ناهي ته محبت هڪ منجهيل ۽ گهڻ پاسائون جذبو آهي، جيڪو جذبات، رويي ۽ تجربن جي وسيع دائرن تي ٻڌل آهي. اهو واضح طور تي بيان ڪرڻ ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو مختلف شڪلين ۽ مقصدن ۾ ظاهر ڪري سگهجي ٿو. پر شايد ڪو انسان هجي، جيڪو ان جذبي کان عاري هجي.
سماجي سائنس ان نتيجي تي پهتي آهي ته دوستي پيار، برابري سهپ، همدردي، مدد سچائي وارا رشتا آئيڊل سماج اڏڻ لاءِ ضروري آهن ۽ رشتن ۾ محبت سان گهڻو وقت زنده رهي سگهون ٿا. جنهن وسيلي بيمارين مان تڪڙي چاڪائي ۽ مسئلن کي صحيح نموني منهن ڏئي سگهون ٿا ۽ هڪ ڪامياب زندگي گذاري سگهون ٿا.
مٿاڇري، سطحي ۽ ڏيکاءُ واري محبت ان جي ابتڙ انتشار ۽ اٻهرائپ کي جنم ڏئي ٿي. هڪ مثالي سماج تڏهن ئي ممڪن آهي، جيڪو صحتمند رشتن کي پالي ۽ جذباتي خوشحاليءَ کي هٿي ڏئي ماڻهن جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ سمجهه کي هٿي ڏجي.