جنهن دور ۾ اڄ اسين رهون ٿا، اتي سونهن جو معيار سنهو جسم سمجهيو ٿو وڃي ۽ دليل اهو ڏنو ويندو آهي ته سنهو جسم اصل ۾ صحتمند جسم آهي پر حقيقت ۾ سنهو جسم به بيمار ٿي سگهي ٿو. اهو سمجهڻ کان قاصر هر ماڻهو پاڻ کي شڪلائتو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو هوندو آهي.
وڌندڙ کاڌ خوراڪ جي مارڪيٽ هن لاڙي تي سرمائيداري ڪري ٿي ۽ هڪ مثالي جسم جو وعدو ڪري ڪنهن مجموعي خوشحاليءَ کي نظراندا ڪيو ٿو وڃي. اها ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي ته وزن جو شعور ۽ پرچار ظاهري جسم کان گهڻو اڳتي وڌي چڪو آهي. هڪ تحقيق موجب 42 سيڪڙو پرائمري ڪلاسن جون پاڻ کي سنهو ڪرڻ چاهين ٿيون ۽ 10 سالن جون 18 سيڪڙو ڇوڪريون ٿلهي ٿيڻ جي خوف ۾ ورتل آهن. اهو ظاهر ڪري ٿو ته وزن جو شعور ننڍي ڄمار ۾ ئي ڪيئن شروع ٿئي ٿو ۽ زندگيءَ جي مختلف مرحلن مان گذري ٿو.
دماغي صحت: جرنل آف ايبنارمل سائڪالاجي جي هڪ ڇپيل تحقيق موجب وزن سان لاڳاپيل نالا رکڻ، مذاق اڏائڻ توڙي تنقيد نوجوانن ۾ اعليٰ سطحي ڊپريشن، پريشاني ۽ خوداعتماديءَ ۾ کوٽ جو سبب ٿي رهيا آهن. هي تحقيق ذهني صحت تي سماجي دٻاءُ جي هاڃيڪار اثرن کي نمايان ڪري ٿي.
ڊائيٽ مارڪيٽ: عالمي وزن گهٽائڻ ۽ وزن جي مئنجمينٽ جي منڊي 2020ع ۾ 12 بلين ڊالر کان وڌيڪ هئي ۽ انگ اکر ان ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪن ٿا. هن سڄي مارڪيٽ ۾ ڪو اهڙا کاڌا تيار ڪري رهيو آهي ته ڪو وزن گهٽائڻ لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. وزن بابت هڪ غلط فهمي اها آهي ته سنها ماڻهو وڌيڪ صحتمند آهن. انٽرنيشل جرنل آف اوبيسٽي ۾ ڇپيل هڪ تحقيق موجب اهي سنها ماڻهو جن جو ميٽابوليزم صحيح ڪم نٿو ڪري انهن ٿلهن ماڻهن کان جن جو ميٽابوليزم صحيح ڪم ڪري ٿو جلدي موت جو شڪار ٿين ٿا. اهو ان تصور کي چئلينج نٿو ڪري ته وزن گهٽائڻ سدائين صحمتد هجڻ برابر آهي.
هاڻي خوشيءَ جا تصور مٽجي ويا آهن، وزن جو گهٽ ٿيڻ هاڻي خوشيءَ ۽ صحت جي برابر آهن. جڏهن ته ڪنهن ماڻهوءَ جو رڳو وزن ان ڳالهه جي تصديق نٿو ڪري ته ڪو ڪيترو صحتمند آهي. پر ماڻهو جڏهن ذاتي ترقي ۽ ان جي ترقيءَ ۾ ظاهري جسماني ترقيءَ کي ترجيح ڏين ٿا ته اهو هڪ دائمي احساس ۽ شڪ جو سبب ٿي وڃي ٿو. پر حقيقي معيارن سان لاڳيتو عدم تحفظ جي احساس کي وڌائي ٿو ۽ خوداعتماديءَ کي گهٽائي ٿو. وزن ۽ جسم سان گڏجي هي مشغولي ماڻهن جي قابليت کان هٽي بامعنيٰ ۽ مقصدن سان ڀريل زندگي، پراميد ۽ مجموعي خوشحاليءَ کان وڌيڪ ٿي.
سماج ۾ وزن سان لاڳاپيل ڪئين منفي لاڙا ڪيترن ئي رشتن کي کائي وڃن ٿا، ڪنهن جي ظاهر شڪل ۽ وزن جي بنياد تي ڪيتريون ئي نياڻيون شاديءَ جي رشتي ۾ ٻڌجڻ کان اڳ ئي رد ڪيون وڃن ٿيون. سماج جا نوان ٺهيل معيار ڪنهن به ٻي خوشيءَ جي ڀيٽ ۾ سنهي هجڻ کي ترجيح ڏين ٿا. شاديءَ کان پوءِ به هڪ عورت ان عدم تحفظ واري احساس سان زندگي گذاري ٿي ته ٻار ڄڻڻ کان پوءِ ٿلهي ٿيڻ تي سدس مڙس ٻي شادي نه ڪري.
جڏهن ته ماڻهو اجاين خدشن کان پريشان ٿي ويندو آهي ته اهي سماج ۾ بهتر ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي ويندا آهن، سڄي توانائي رڳو وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ هوندي آهي، ڇا کائڻو آهي، ڪهڙي وقت کائڻو آهي، ڪهڙي ورزش ڪرڻي آهي. جم وڃڻو آهي ته سڄو وقت اهو ئي سوچڻو آهي ته پوءِ نواڻ، تخليق، اجتماعي ترقي بابت سوچڻ لاءِ ڪهڙو وقت ملندو؟ وزن جي گهٽتائي بابت سوچ اسان کي تنگ نظر بنائي بلڪه سموري صحت جي تصور کي ئي تنگ نظر بڻائي ڇڏيو آهي. صحت جي اهم پهلوئن ۾ ذهني صحت، جذباتي لچڪ پڻ شامل آهي. صحت کي رڳو وزن جي اک سان ڏسڻ سماج ۾ وڌيڪ ورڇ آڻي ٿو. ميڊيا ۾ پڻ اهڙي تنگ نظري کي سرسي حاصل آهي. سونهن جا طئي ٿيل معيار ڏيکارڻ سان عام ماڻهو پنهنجي راءِ ٺاهي ٿو.
نتيجي ۾ سماج مجموعي طور تي اهڙا زاويا ۽ معيار ڏئي ٿو، جيڪي حقيقي صحت ۽ سونهن جي تنگ وصفن کي پار ڪندي انفراديت کي قبوليندي اسين هڪ جامع ۽ رحمدل سماج کي هٿي ڏئي سگهون ٿا. فقط ظاهري جسم تي ڌيان ڏيڻ بدران صحتمند عادتون پيدا ڪرڻ گهرجن. جسم کي مختلف سائيز ۽ ظاهري شڪل بدران انهن ۾ موجود قابليت ۽ صلاحيت کي هٿي ڏيون. ان ڄار مان نڪري آزاد ۽ مڪمل ۽ جامع زندگي گذاري سگهجي ٿي. قبوليت، شموليت ۽ شفقت کي هٿي ڏجي ته جيئن صحتمند سماج جڙي سگهي.