ماضي ۾ ماڻهو وٽ اظهار جا ذريعا ايترا گهڻا ڪونه هئا. پرنٽ ميڊيا کان وٺي ڪتاب لکڻ توڙي پمفليٽ ڇپائڻ جهڙن عملن وسيلي ماڻهو پنهنجي ڳالهه ڪندا هئا. پر جڏهن کان ٽيڪنالاجيءَ ۾ جدت آئي آهي ته ماڻهن وٽ اظهار جا وسيلا به وڌيا آهن ۽ ماڻهن لاءِ پنهنجو پاڻ کي اظهارڻ به سولو ٿي ويو آهي. سوشل ميڊيا جي انقلاب عام ماڻهوءَ کي جيترو رليف ڏنو آهي، ان جو تصور ڪرڻ به ممڪن ڪونه هو، اڄ هر ماڻهو پنهنجو چئنل کولي سگهي ٿو، ان تي جيڪي ڪجهه رکڻ چاهي، ڳالهائڻ چاهي ڳالهائي سگهي ٿو. ٽڪ ٽاڪ کان وٺي فيس بوڪ، ٽُوئيٽر ۽ سينيپ چيٽ تائين گهڻو ڪجهه ماڻهن لاءِ پيو آهي.
ان ڪري هاڻ عام ماڻهو ٽڪ ٽاڪ اسٽار سڏجن ٿا. اهي پنهنجون ريلز ٺاهي رکن ٿا يا وري ڪا ننڍي فلم ونڊي پنهنجو پاڻ کي اظهارين ٿا. پر تنهن هوندي به ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن، جتي سوشل ميڊيا جي سائيٽن تي پابنديون لڳل آهن يا لڳائڻ جو سوچيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به حڪومت کان اظهار جي آزادي برداشت ڪونه ٿيندي آهي. اها انهن آوازن کي ماٺ ڪرائڻ چاهيندي آهي، جيڪي حڪومتي فيصلن تي تنقيد ڪندا آهن يا ڪا الڳ راءِ رکن ٿا، جيڪا رياست جي موقف سان ٺهڪي نٿي اچي. ان ڪري انهن ماڻهن کي جيلن ۾ واڙيو ويندو آهي. ميڊيا ۾ لکڻ يا اسڪرين تي اچڻ جي پابندي لڳائي ويندي آهي، نتيجي ۾ اظهار جي آزاديءَ کي بنهه گهڻو محدود ڪيو ويندو آهي. اهي ڪوششون پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ زورن تي هيون. جڏهن عمران خان نيازي وزير اعظم هوندي به اظهار جي آزاديءَ تي پابندي لڳائڻ جو سوچي رهيو هو. پر سندس پارٽي سوشل ميڊيا جو بهترين استعمال ڪندي هن مقام تي پهتي آهي. جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ ڪوڙي پروپيگنڊا ڪرڻ جي ماهر آهي پر اها پروپيگنڊا هاڻ عام ماڻهوءَ لاءِ حقيقي ٿي وئي آهي.
تازو ئي سينيٽ ۾ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ته سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائي وڃي. اهو ٺهراءُ سينيٽر بهرا مند تنگي پيش ڪيو آهي، جنهن کان پيپلز پارٽي لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي. ٺهراءُ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي پاڪستان فوج خلاف منفي ۽ بدنيتيءَ تي ٻڌل پرويگنڊا ڪئي ٿي وڃي، ان ڪري ان تي پابندي لڳائي وڃي. پيپلز پارٽي ملڪ جي اها سياسي پارٽي آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ سهپ جو مادو آهي ۽ اها سدائين اظهار جي آزاديءَ جي حامي رهي آهي، تنهنڪري هن ڪڏهن به سوشل ميڊيا تي پابنديءَ جي ڳالهه نه ڪئي آهي ۽ نه ئي اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، جيڪڏهن اهڙو ٺهراءُ پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر آندو آهي ته ان کان پيپلز پارٽي باخبر هجڻ گهرجي ته هن ڪنهن جي چوڻ تي اهو ٺهراءُ پيش ڪيو آهي.
هن ملڪ ۾ عوام وٽ هاڻ سوشل ميڊيا ئي اهڙُو پليٽ فارم آهي، جتي ماڻهو پنهنجو اظهار ڪري سگهن ٿا ۽ اهي پنهنجن خيالن کي پيش ڪن. عوام لاءِ ڪي به وندر جا وسيلا ڪونه آهن. پاڪستان ۾ سائنس ۽ آرٽ لاءِ بلڪل به جاءِ ڪونهي جو ماڻهو پنهنجو پاڻ آرٽ ۽ سائنس وسيلي اظهاري سگهن ۽ هتي ڪي سٺا آرٽسٽ ۽ وڏا سائنسدان پيدا ٿي سگهن. تنهنڪري سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ سان مسئلا حل ٿيڻا آهن ته حڪومت اهو شوق به پورو ڪري ڏسي. ڪجهه ڏينهن کان ملڪ ۾ ٽوئيٽر (ايڪس) بند لڳو پيو آهي. جتي ماڻهو ٽرينڊ ٺاهي گهڻو ڪجهه شيئر ڪندا آهن. پر هاڻ اهڙيون اپليڪيشنون موجود آهن جو پابندي هوندي به سوشل ميڊيا هلائي سگهجي ٿي. سڀاڻي جڏهن سڄي دنيا لاءِ انٽرنيٽ تائين رسائي صفا مفت ٿي ويندي ته ان وقت اسان جا حڪمران ڇا ڪندا.
اصل ۾ اهو هڪ اهڙُو خوف آهي جيڪو رياست جي انهن قوتن کي وڌيڪ رهندو آهي، جيڪي غيرجمهوري هونديون آهن يا جيڪي آمريت کي وڌيڪ پسند ڪنديون آهن. تنهنڪري پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر جيڪڏهن اهڙُو ٺهراءُ پيش ڪيو آهي ته اهو ضرور ڌڻين جي مرضيءَ سان پيش ڪيو ويو هوندو. جيڪڏهن ماڻهن کان ڳالهائڻ کسجي وڃي يا انهن جي خيالن جي خبر نه پوي ته پوءِ گونگي عوام تي حڪومت ڪري سگهجي ٿي. جڏهن ته ڪنهن به جمهوري سماج ۾ ٻئي ڪنهن جي راءِ کي اهم نه به سمجهيو وڃي پر ان کي گهٽ ۾ گهٽ ٻڌو ضرور ويندو آهي. هن وقت جڏهن دنيا جا ڪيترائي ملڪ سوشل ميڊيا وسيلي ملڪي معاملا پڻ هلائي رهيا آهن، اتي اسان وٽ ان تي پابندي لڳائڻ جو سوچيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته هتان جا حڪمران پهرين ڏينهن کان وٺي هڪ خوف ۾ ورتل آهن. جيڪو خوف انهن کان حڪمراني وارو تاج کسي سگهي ٿو.