هر ڪنهن وٽ پنهنجي پنهنجي واٽ آهي پر تمام ڪي ٿورڙا رهيا آهن انساني اتهاس ۾، جن واٽ توڙي اَواٽ ٻنهي جي پرک ڪئي آهي. ۽ هُو به اتهاس جي انهن ئي سامين سندي سَنگ جو سدائين ڳولائو رهيو آهي، جيڪي واٽ سان گڏ اواٽي جو به عملي ادراڪ رکندا هجن. ۽ انھي پنڌ ۾ هو اڄڪلھه به ان ئي واٽ تي آهي، جنهن تي قدم رکڻ سان ئي ڳالهين جا موضوع پاڻمرادو دنيا جي عام دستور کان ڪٽجي ويندا آهن ۽ اکيون پوياڙي جي پکين جي اڏار سان ڀرجي وڃن ٿيون. ها جتي سماعتن ۾ گونجڻ لڳندو آهي خواجه فريد جي ديس جي ان پاڻياري جو لوڪ گيت، جيڪا کوهه تي دلو ڀريو ڪڏهن کان ان انتظار ۾ بيٺي آهي ته سندس ڌيان جو ڌنار پاسي مان ڌڻ ڪاهي گذري ته اڄ ساڻس هيئن ڳالهائي:
“اي ڪڪوريل اکين وارا
ٿورو بيهه ته سهي
هيڏانهن به ڏسندو وڃ!!
لٿي سج کوهه تي
ڪا اڪيلي پاڻياري
ايئن بي سبب ته ناهي بيهندي ميان!؟
گهڙو چيلهه تي رکرائڻ سان
تون لهي ته ڪونه ويندين…..!!”
۽ ٻيو ته ان واٽ کان هي جڏهن گهڻو دور رهندو آهي ته کيس ايئن لڳندو آهي، ڄڻ هو مدار مان نڪري رهيو هجي ۽ آسمان به کيس قبولڻ کان انڪاري ٿي بيٺو هجي. پر جيئن ئي هو ان واٽ ڏانهن واپسي ڪندو آهي ته سندس آجيان، ڪنهن نه ڪنهن اهڙي ٻول سان ٿيندي آهي، جنهن ۾ انحد جي آستان جا اشارا سمايل هوندا آهن. ۽ ان ڏينهن به هو جيئن پنهنجي آشرم واري “ورهه – واٽ” ڀيڙو ٿيو ته سندس آجيان ٻڍل سائين جي انهن سٽن سان ٿي:
عشق جنين سر آئيو، سي طلبين ڪين ُسک
ٻاروچل جا ٻُڍل چوي، اٿن لونءَ لونءَ اندر لُک
ڏولاوا ۽ ُڏک، سامين کنيا سُجهندي
۽ ان ٻول کان پوءِ ويراڳي فقير جانڻ چن سائين جي ان ٻول سان ساز کنيو:
اڇلي ڇڏ آڪڙ کي، تڏهن ملئي الله
احرامي ٿي عشق جو، تون مٿي اگهاڙو آءُ
پايون ڳارو ڳِچي ۾، تون آئين پيٽئون ماءُ
انهي اچڻ کي ياد ڪر، ساڳيو رک سماءُ
پويان موٽي ويندين جڏهين
ٻڌيو ويندي ڪهڙو تاج ڪلاه
ٻن گهڙين ڪاڻ اجايو، ڀانڀوليو آن ڀاءُ
جانڻ چن چئي جڳ ۾، سير سڏاءِ نه پاءُ
آڪڙ ۽ الله ڪڏهن ٺهن ڪينڪي
بس پوءِ ته هو پنهنجي وجود ۾ ساڳيو رهڻو ئي ڪٿي هو!؟ ويو رتيون رتيون ٿيندو ان سماءُ ۾ سمائڻ لاءِ، جنهن سان سندس سُڌ جا سڀئي سلسلا جڏهن کان سلهاڙيا ته هن وري ٻي ڳالهه نه ٻڌي نه سُئي. ۽ نه ڪو ڪيائين اها اجائي لٻاڙ، جنهن ۾ ماڻهو جڳ سامهون پاڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ اجايو پيا مٿو هڻندا آهن. ايئن هو پوءِ ماٺ ٿي ويو. ڪي لمحا ماٺ رهڻ کانپوءِ خبر ناهي ڪنهن کان هيئن چئي پئي موڪلايائين:
“چڱو هاڻ موڪلاڻي ناهي…!! مون ته توکي اول ڏينهن کان اهو چيو هو ته جهنگ جي گلابن کي گلدان ۾ ناهي رکي سگهبو، جو اهي ڪومائجي ويندا آهن ۽ منجهن موجود پوپٽن جي اڏار مري ويندي آهي. توکي آشرم جي جنهن گيڙو رنگ تي اڃا به کوڙ سارا سوال آهن، سو ئي ته منهنجي اصل سڃاڻپ آهي ۽ جيڪڏهن آئون ان کان ڌار ٿيس ته پوءِ منهنجي زندگي جو ذائقو اهڙو ڪسارو ٿي ويندو جنهن جي اثر سان تنهنجي حياتي جو لطف به ڪڙو ٿي پوندو. مون ۾ هر وقت گل غيبي جي ميلي تان موٽندڙ اوٺارن جا وڳ، جيئن قطارون ڪري هلي رهيا آهن، تن کي جيئن جو تيئن هلڻ ڏي. ۽ وڄڻ ڏي منهنجي سيني ۾ انهن ڪرهن جون ڇيرون وڄڻ ڏي، جن لاءِ مرشد فرمايو آهي ته “شال آئون انهن واٽن جي واري ٿيان، جن تان ڪيچي قطارون ڪري گذرڻا آهن”. ۽ مون جڏهن جڏهن به ڪيچين کي ساري ساهه کنيو آهي ته پنهنجي سيني ۾ اهي واري وارا پيچرا محسوس ڪيا اٿم، جن تان ڪيچي قطارون ڪري گذرندا ئي رهن ٿا.
توکي ياد هوندو ته مون توسان اهو به سليو هو ته آئون راهن ۽ رستن جي تقدس کي هميشه قائم رکڻ ٿو چاهيان. مون کي هلندو رهڻ جي ئي هدايت ٿيل آهي. جيڪڏهن آئون ڪنهن به موڙ تي دنگ ڪري بيهي رهيس ته انهن مسافرن جي ڪڙم جو مياري ٿيندس، جن ڪڏهن به ڪنهن ماڳ تي کرڪڻا لاهي اک نه هنئي. ۽ هاڻ ته توکي اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچڻ گهرجي ته مون توکان اوجاڳن جي باري ۾ ڇو پڇيو هو ته اهي توکي ڪيترو وڻندا آهن؟ مون کي اوجاڳن سان محبت هون ته اڳ به هئي پر جڏهن مون کي ڪرشن اهو سڏي سمجهايو ته:
“گهڻو کائڻ ۽ گهڻو سمهڻ روح جي روڳ جو سبب بڻبا آهن”
تڏهن کان مون ننڊ کان جيئن موڪلايو آهي ته اڄ ڏينهن تائين منهنجي اکين ۾ اهي انبور لڳل آهن، جيڪي آئون ڪيترو به لڪائڻ چاهيان پر لڪي نٿا سگهن.
ڏس! هاڻ جي ٿي سگهي ته مون کي پويان سڏ نه ڪجان جو آئون وڃي رهيو آهيان سائين ڇٽن شاهه جي ان مڪان ڏانهن، جنهن ۾ موجود مورن جا ٽهوڪا مون جڏهن پهريون ڀيرو ٻڌا هئا ته مون کي اهو راز به سمجهه ۾ آيو هو ته اسان جي ديس جا ماڻهو مقدس ڪتابن ۾ مور جا کنڀ ڇو رکندا آهن. تنهنجو فڪر توکي جيئن تبديلي جي ڪنهن آخري امڪان کان به اڳتي عزيز آهي تيئن منهنجي ڌياني ڌرم ۾ پڻ تر جيتري مٽا سٽا منهنجي اکين جي روشني مون کان کسي سگهي ٿي. سچ پڇين ته تنهنجن جذبن جي احترام سبب مون ڪڏهن توسان اها حقيقت به نه سلي پر جنهن ڏينهن کان مون ويراڳ جي واٽ جا پهر گسائڻ شروع ڪيا آهن، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون مان تنهن نهار جي سگهه هلي وئي آهي، جيڪا سڌارٿ پنهنجي ڀڪشو کي ٻي سبق طور سيکاريندي چوندو هو ته:
“هاڻ ڏس!!”
منهنجي سڄي سفر جون ٻه سڀ کان وڏيون جيڪي منزلون رهيون آهن، تن ۾ هڪ “ٻڌڻ” آهي ۽ ٻيو آهي “ڏسڻ”. پر هي جيڪو غير ضروري ڳالهائڻ آهي، تنهن جي لڙ ۾ اهي ٻئي منزلون جيئن جو اوجهل ٿيون آهن ته آئون ڄڻ پنهنجي پاڻ ۾ هر لمحي هارائيندو ئي رهيو آهيان. هونئن مون کي ڪو فاتح بڻجڻ جو شوق ناهي، جو ڪابه فتح فقط نفرت کي ئي جنم ڏيندي آهي پر پوءِ به هڪ اعتدال آهي، جنهن جي هدايت مون کي ان ساڌو کان ٿيل آهي، جنهن هڪ ڀيرو چيو هو:
“اسين لهندڙ سج ۾ ٽٽل دلين جو علاج ناهيون ڪندا”
۽ پوءِ چيو هئائين ته:
“گهڻو ڳالهائڻ، خالي سيني جي نشاني هوندي آهي. جيڪي سمجهي وٺندا آهن سي خاموش ٿي ويندا آهن” تڏهن ئي ته چيو ويو آهي ته: “جن سمجهيو تن خاموشي اختيار ڪئي.”
سو مون کي ان خاموشي سان تمام گهڻو پيار آهي، جنهن خاموشي ۾ اڳيان ساڳي ساڌو ئي هلندي هلندي، لٿي سج جا سينگار سمجهايا هئا، جنهن ساڌو پهرين صبح سان سڱ جوڙڻ جو درس ڏنو هئم. سو ايئن پوءِ آئون استغفار سان شروع ٿيل صبح کان شڪر جي شام واري پهر ۾ جڏهن پهتس ته مون کي اها خبر پئي:
ته تو مون کي ڪنهن بهاني ساريو آهي ۽ تنهنجي ان سار جي ويساهه ۾ آئون پنهنجي ان موڪلاڻي کي هڪ ڀيرو ٻيهر سيني سان لائي اٿيس، جنهن ۾ پاڻ هڪ ٻئي کي پرنام ڪري، موڪلايو هو. توکي ته خبر آهي پاڻ کي دير سوير گڏ سفر ڪرڻو آهي، تنهن ڪري جيستائين پاڻ ملون تيستائين تون مرشد جي خيال کي پنهنجي ڌيان ۾ سنڀالي رک ته:
“اول آخر آه، هلڻ منهنجو هوت ڏي.”
وقت گذري رهيو آهي، اڃا اڳيان ڪيترن ئي رازن جا پردا چاڪ ٿيڻا آهن.
۽ ٻيو هونئن به پنهنجي ديس جي اها جڳ مشهور چوڻي ٻُڌي ته هوندي، جنهن ۾ ڏاها چون ٿا:
“عشق ۽ مُشق لڪي نٿا سگهن”