1940ع واري ڏهاڪي ۾ فرقيوار سياست اوج تي هئي ۽ لبرل سيڪيولر سياسي ڪلچر اختتام ٿي پڄي چڪو هو. پاڪستان جو قيام سيڪيولر انڊين نيشنلزم جو انت هو. الله بخش سومرو پراڻي سيڪيولر سياسي ڪلچر ۾ يقين رکندو هو. سندس والد محمد عمر ڪاروباري ماڻهو هو، جنهن کي انگريز عملدارن جيڪب آباد ۾ زمينن جا ٺيڪا ڏياريا هئا. الله بخس سومرو تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڪاروبار شروع ڪيو. 1923ع ۾ سکر ضلعي بورڊ جو ميمبر بڻيو ۽ 1926ع ۾ بمبئي ڪائونسل ۾ به چونڊجي آيو. انگريزن خانبهادر جو لقب ڏنس. 1937ع واري اليڪشن ۾ 60 سيٽن مان 34 مسلمان جون هيون ۽ 19 سيٽون هندن کٽيون. الله بخش کي وزيراعظم بنائڻ ۾ هندو اقليت جو به وڏو هٿ هو. 1937ع ۾ گورنر لانسليٽ گراهم غلام حسين شيخ کي وزير اعليٰ مقرر ڪيو هو، جنهن رڳو ٽي سيٽون کٽيون هيون. وزيرن مٿس نو ڪانفيڊنس جو ووٽ وڌو ته گورنر الله بخش سومري کي وزير عليٰ چونڊيو هو. هندو سنڌين ۽ انگريز سرڪار جي مدد سان الله بخش ٻه ڀيرا سنڌ جو وزير اعظم ٿيو هو.
1937 کان 1943ع تائين ننڍي کنڊ جي سياست ۾ انگريزن کان آزادي ۽ هندو ۽ پاڪستاني قومپرستي جا سياسي سوال اهم بڻجي چڪا هئا. جي ايم سيد ليگي ليڊر هوندو هو، هن مارچ 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان ٺهراءُ پاس ڪرايو هو ۽ مسجد منزل گاهه وڳوڙن ۾ الهه بخش سومرو جي حڪومت به ختم ڪرائي هئائين. سنڌ جا واڻيا به سيد کي فرقيوار سياستدان سمجهندا هئا. سيد کي سنڌ مسلم ليگ جو صدر بڻايو ويو هو پر سر غلام حسين هدايت الله ۽ جناح وارن سان سندس اختلاف ٿيا ۽ 1945ع ۾ مسلم ليگ مان خارج ڪيو ويو هئس. جذباتي اسٽريٽ سياست جي نتيجي ۾ 1973ع تائين سيد آهستي سنڌو ديش جي بغاوت تائين پهتو هو. جڏهن ته لاڙڪاڻي جي نوجوان سنڌي سياستدان پاڪستان جو آئين پاس ڪرايو ۽ سنڌ جي صوبائي خودمختياري جو ڪيس وڙهڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي اقتدار ۾ رهڻ جي رٿابندي به ڪري ويو.
دهلي يونيورسٽي جي پروفيسر شمس الاسلام Muslims Against Partition جي بنيادي ٿيسز آهي ته هندستان ۾ اهڙا مسلمان اڳواڻ به هئا جيڪي ورهاڱي جا مخالف هئا، اهي حب الوطن انڊين هئا، الله بخش سومرو به انهن ۾ شامل هو. 1937ع ۾ ڪانگريس جي غلط سياست سبب مسلم ليگ جي فرقيوار سياست ڪامياب وئي. انڊيا جي آئين ۾ رياست سيڪيولر قرار ڏنل آهي، بي جي پيءَ هندو ڪلچر کي ٻين اقليتن مٿان مڙهي اهڙي سيڪيولرزم تي وار ڪيو آهي. انڊيا کي هندو رياست بنائي رهي آهي. ڊاڪٽر شمس جي ڪتاب جا ابتدائي چار باب هيءُ آهن: پهريون باب انڊين مسلمانن جو الميو، ٻيون انڊيا جو روهاڱو – ٻه قومي نظريي تي عمل، ٽيون باب ٻه قومي نظريي جي ابتدا ۽ هندن ۽ مسلمانن جا ڪٽر مذهبي اڳواڻ، باب چوٿون 1857ع جي لڙائي ۾ ٻه قومي نظريو. سنڌ جي حوالي سان ڪتاب جو باب پنجون، ڇهون ۽ ستون اهم آهي ڇو جو انهن ۾ الله بخش سومرو جو مثال ڏئي انڊيا جي سيڪيولرزم مسلمانن جو ثبوت ڏنو اٿائين. پنجين باب ‘الله بخش پاڪستان جي مخالفت ڪندڙ مسلمان جي اڳواڻي ۾’ آهي جنهن ۾ 27 اپريل 1940ع تي آزاد مسلم ڪانفرنس دهليءَ ۾ الله بخش سومري تي صدارتي تقرير جو ذڪر آهي. ان تقرير جي ٽائيم ۽ جڳهه ۽ متن تي غور ڪيو. آڪٽوبر 1939ع ۾ سکر ۾ مسجد منزل گاهه مسئلو اٿاريو ويو هو. الله بخش تي زور وجهي مسلم ليگ ۾ شامل ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي.
مارچ 1940ع ۾ لاهور ۾ پاڪستان ٺهراءُ پاس ٿيو هو. 18 اپريل 1940ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي مسلمان وزيرن الهه بخش جي وزارت ڪرائي ڇڏي هئي. 27 – 30 اپريل تائين الله بخش آزاد مسلم ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. تقرير ۾ چيائين ته ‘اسان هندستاني مسلمانن دهليءَ ۾ ڪٺا ٿيا آهيون، مذهب اسان کي به پيارو آهي پر انڊيا اسان جو وطن آهي. پاڪستان اسڪيم نامنظور آهي پر مسلمانن جي حقن لا انڊيا ۾ خاص قانون ٺاهي مسلمان اقليت کي تحفظ ملڻ گهرجي.’ اها تقرير ۽ آزاد مسلم ڪانفرنس جا ٺهراءَ پڙهڻ سان ثابت ٿو ٿئي ته الله بخش سومرو انڊين نيشنلسٽ هو. پر کيس انڊين قومپرستي يا سنڌي قومپرستي جو بانيڪار نه ٿو چئي سگهجي. باب ڇهون آهي ‘الله بخش جو برٽش جي سامهون ٿيڻ، باب ستون ‘الله بخش جو قتل’ آهي. ڪتاب ۾ 32 صحفا الله بخش تي لکيا ويا آهن. آخر ۾ ورهاڱي جي مخالفت ڪندڙ مسلمان ليڊرن ۽ پارٽين جو ذڪر ڪيل آهي جن ۾ شبلي نوماني، مختار احمد انصاري، شوڪت الله انصاري، خان غفار خان، عبدالله بريلوي، جميت العماءَ هند، مومن ڪانفرنس، مجلس احرار اسلام، آل پارٽيز شيعه ڪانفرنس، آل انڊيا مسلم مجلس، ڪرشڪ پرجا پارٽي، اهل حديث، انجمن وطن شامل آهن ۽ آخري باب ۾ ٻڌائي ٿو ته ورهاڱي خلاف ايترا مسلمان موجود به هئا پر ڪانگريس تڏهن به ورهاڱو روڪرائي نه سگهي هئي، اها ڪانگريس جي نااهلي هئي.
ڊاڪٽر شمس الاسلام کان پوءِ ساره انصاري به Muslims Against Muslim League 2020ع نالي ڪتاب ۾ الله بخش سومرو تي 25 صحفن جو آرٽيڪل Muslim Nationalist or Nationalist Muslim لکيو جنهن ۾ سندس موقف هو ته الله بخش سومري جا برطانوي گورنرن ۽ بيوروڪريسي سان سٺا ناتا هئا، تنهنڪري ٻه ڀيرا اقتدار ۾ آيو هو. ڪانگريس جي هندو ميمبرن سان اتحاد پاور ماڻڻ لاءِ سندس حڪمت عملي هئي. مسجد منزل گاهه واري مسئلي الله بخش سومرو جي عهدي کي ڪمزور ڪيو هو. الله بخش سومري جي سياسي زندگي جي اها حقيقت شمس الاسلام پنهنجي ڪتاب ۾ نه لکي سگهيو آهي. 1940ع ۾ الله بخش کي هٽائي کيس گهرو وزير ڪيو ويو ۽ مير بنده علي کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو هو. مير بنده ليڊرشپ نه سنڀالي سگهيو ته گورنر الله بخش کي وڏي وزارت ڏني. جون 1942ع صبغت الله راشدي کي آزاد ڪرائڻ لاءِ حر بغاوت هلي، الهه بخش سومري گانڌيءَ سان ملڻ ويو، کيس حرن خلاف ورغلائي آيو ۽ گورنر جي چوڻ تي سنڌ ۾ مارشل لا لڳايائين. سومرو 1942ع ۾ انگريزن خلاف ڪانگريس جي’ هندستان خالي ڪيو’ تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو، وائسرا لنلٿگو کي خط لکي خانبهادري ۽ آفيس آف برٽش ايمپائر جا اعزاز موٽائي ڏنائين. 10 آڪٽوبر تي گورنر هيو ڊائو کيس ڊسمس ڪري ڇڏيو. ڪجهه مهينا مس گذريا ته 14 مئي 1943ع تي شڪارپور ۾ ٽانگي وڃي رهيو هو ته مٿس گولي هلائي کيس قتل ڪيو ويو، چار سال گذريا ته پاڪستان به قائم ٿي چڪو هو.