وزير اعظم عمران خان نيازي سڄي دنيا ۾ وڃي هر هنڌ اهو چوندو رهندو آهي ته دنيا اسلامو فوبيا جو شڪار آهي، جڏهن ته اسين امن پسند ماڻهو آهيون. پاڪستان معاشي طور هڪ پاسي آ ايم ايف وٽ يرغمال آهي ته ٻئي پاسي ايف اي ٽي ايف سوگهو آهي، ٻئي ادارا پاڪستان کان پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ۾ لڳا پيا آهن پر ملڪ ۾ جيڪا صورتحال غيرمسلمانن، انساني حقن ۽ اظهار جي آزادي جي آهي، انهي کي ڏسي ته ائين ٿو لڳي ته هن ملڪ ۾ ڪوبه محفوظ ناهي. ملڪ ۾ هڪ هائبرڊ جمهوري راڄ قائم آهي. جنهن ۾ نه رڳو اظهار جي آزادي جي نڙي تي ننهن ڏنل آهي پر ان سان گڏ مذهبي جنونين کي ايتري ته آزادي مليل آهي جو اهي جڏهن ۽ جتي به چاهين ڪنهن به ماڻهو کي ماري سگهن ٿا.
تحريڪ ليبڪ پاڪستان ڪجهه وقت لا پابندي مڙهيل تنظيم رهي پر پي ٽي آ حڪومت ان تي مهرباني ڪندي نه رڳو ان تان پابندي ختم ڪري ڇڏي پر کيس چونڊون وڙهڻ جي به اجازت هوندي. ان کانسوا سندس گرفتار سربراهه سعد رضوي کي به آزاد ڪيو ويو آهي. حڪومت ۽ ٽي ايل پي وچ ۾ هڪ معاهدو پڻ ٿيو آهي، جنهن کي نام نهاد قومي مفاد خاطر پڌرو نه ڪيو ويو آهي. هاڻ جڏهن ملڪي سياست ۾ جيڪڏهن هڪ مذهبي جنوني تنظيم ايتري سرگرم هوندي ته پو ڇا ڪنهن سيڪيولر يا لبرل خيال رکندڙ ماڻهو لا ڪا گنجائش بچي سگهي ٿي ته اهو ملڪي سياست ۾پنهنجي قسمت آزمائي.
تحريڪ ليبڪ کي ايتري ڇوٽ ملڻ جو نتيجو اسان کي ڪجهه ڏينهن اڳ سيالڪوٽ ۾ نظر آيو. جنهن ۾ هڪ جنوني ميڙ سريلنڪا واسي فيڪٽري مئنيجر پريانٿا ڪمارا تي توهين مذهب جو الزام هڻي جيئرو ساڙي ڇڏيو. پريانٿا ڪمارا سيالڪوٽ جي راندين واري فيڪٽري ۾ انتظامي عهدي تي هو. جنهن کي رڳو ان ڪري ساڙي ماريو ويو ته هو اتان جي پورهيتن کي ڪم ڪرڻ لا چوندو هو ۽ پنهنجي ڊسيپلن ۾ ڪافي سخت هو. پر هن قسم جا قتل پاڪستان جهڙي رياست ۾ نئين ڳالهه ناهي. ماضي ڏانهن ڪنڌ ورائي ڏسون اهڙائي ڪئين واقعا اکين آڏو ايندا. جن ۾ ڪئين بي گناهه ماڻهو مارجي ويا هئا. پشاور ۾ ڪجهه سال اڳ نوجوان شاگرد مشال خان کي يونيورسٽي ۾ ئي هڪ ميڙ ڏنڊا هڻي هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. سيالڪوٽ ۾ 2011ع ۾ ٻن ڀائرن کي سيالڪوٽ واسين قتل ڪري انهن جي لاشن کي شهر ۾گشت ڪرايو هو. هي اصل ۾ رڳو هڪ فرد جي نفسيات ناهي پر رياست جي نفسيات آهي، اها نفسيات ڪنهن به شهري کي جيئرو ساڙڻ جو حق ڏيو ڇڏي. ڇاڪاڻ ته ماڻهن کي خبر آهي ته اهڙن ماڻهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪجهه نه ڪري سگهندا. ڇاڪاڻ ته انهن ڪيسن ۾ بچڻ جي گهڻي گنجائش موجود آهي ۽ جڏهن معاملو مذهبي هجي ته پو قاتل لا وڌيڪ گنجائش پيدا ٿي پوندي آهي.
اسان جا حڪمران ۽ آمر دنيا آڏو ڀلي ڪيترا به دليل پيش ڪن ته پاڪستاني سماج ۾ رهندڙ ماڻهو پرامن آهن ۽ هتي اقليتن جو وڏو احترام ڪيو ٿو وڃي پر انهن جا ڪيل عمل اصل تصوير پيش ڪن ٿا. جيئن سج کي کاري هيٺيان لڪائي نٿو سگهجي. اهڙي ريت پاڪستاني سماج ۾ ٿيندڙ ڪنهن به لقا کي لڪائي نٿو سگهجي، اهو ڪنهن نه ڪنهن ريت ظاهر ضرور ٿي ويندو آهي ۽ هاڻ هي اهو دور ناهي رهيو جنهن ۾ رڳو اخبارون نڪرنديون هيون جتي خبرون روڪرايون وينديون هيون. هاڻ ته هر ماڻهو جي هٿ ۾ موبائيل آهي، اهو ڪنهن واقعي کي رپورٽ ڪرڻ لا آزاد آهي. جيئن سيالڪوٽ واري واقعي ۾ ماڻهو هڪ جيئري وجود کي سڙندي رڪارڊ ڪندا رهيا آهن پر ڪنهن ۾ به اخلاقي طور ايتري همت نه هئي ته هن کي بچايو وڃي ها.
ان واقعي کان پو سڌ سما واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو ردعمل سامهون آيو آهي. جنهن چيو آهي ته سماج ۾ جتي ڪٿي ٽائيم بم پيا آهن. پر سوال اهو آهي ته اهي ٽائيم بم ڪنهن تيار ڪيا آهن، انهن کي ڦاٽڻ لا ڪير حڪم ڏيندو آهي ۽ اڃا ڪيتري وقت تائين اهي ٽائيم بم ڦاٽندا رهندا. انهن سمورن سوالن جو جواب ملڪي پاليسين ۾ آهي. جڏهن حڪمران ڪنهن به جنوني ميڙ آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏين ۽ انهن جي بيوسي نظر اچي. رياستي مشينري ۾ ايترو به ٻل نه هجي جو اها جنونين کي ڪنٽرول ڪري سگهي ته پو اهي انساني ٽائيم بم نه رڳو انگ ۾ وڌندا رهندا بلڪه اهي پاڻ کي اڃا به طاقتور سمجهندا رهندا. ڇاڪاڻ ته کين خبر آهي ته رياستي ادارا انهن کي ٻنجو ڏيڻ لا تيار نه آهن ۽ اهي ڪجهه به ڪرڻ چاهين ته ڪري سگهن ٿا.
هونئن ته ڪنهن پاڪستاني شهري کي ساڙي مارڻ هتي معمولي واقعو ئي سمجهيو ويندو آهي پر هي هڪ پرڏيهي شهري جو معاملو آهي، ان جي اهڙي بي رحم موت سان نه رڳو سفارتي لاڳاپن تي اثر پوي ٿو پر دنيا ۾ اهو تاثر به وڃي ٿو ته پاڪستان ۾ نه پنهنجا شهري ته محفوظ نه آهن پر پرڏيهي به محفوظ نه آهن. هن وقت ڀلي ان ميڙ مان ماڻهو گرفتار ٿيا هجن پر هتان جو عدالتي نظام اهڙو آهي جو سڀاڻي اهو سڄو ميڙ باعزت آزاد ٿي ويندو. ان جو هڪ ننڍڙو مثال ساهيوال وارو واقعو آهي. جنهن ۾ هڪ ئي خاندان کي ماريندڙ پوليس وارا هئا پر اهي سڀ آزاد ٿي ويا. جيتوڻيڪ وزير اعظم عمران خان نيازي ان واقعي جي جاچ رپورٽ گهري آهي ۽ شروعاتي جاچ رپورٽ کيس ملي به وئي هوندي ۽ هن سريلنڪا جي حڪومت کي انصاف جو يقين به ڏياريو آهي پر تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ڪنهن سان انصاف ٿئي اهو ممڪن ئي ڪونهي. ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازي هڪ فاشسٽ سياسي سوچ رکندڙ آهي، ان ڪري هو ان معاملي ۾ به گهڻي دلچسپي نه وٺندو.
پريانٿا جي بيواه نيروشي داسانياڪي پاڪستان ۽ سريلنڪن اڳواڻن کان پنهنجي مقتول مڙس لا انصاف جي گهر ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته منهنجو مڙس هڪ معصوم ماڻهو هو، مون کي خبرن مان پتو پيو ته کيس ڪئين سال پرڏيهه ۾ ڪم ڪرڻ کان پو بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مون انٽرنيٽ وسيلي ڏٺو ته ڪهڙي ريت غيرانساني طريقي سان کيس ماريو ويو آهي. منهنجي سريلنڪن صدر ۽ پاڪستاني وزير اعظم کي اپيل آهي ته منصفاڻي جاچ ڪري منهنجي مڙس ۽ اسان جي ٻن ٻارن سان انصاف ڪيو وڃي. هڪ بيوس عورت رڳو اپيل ڪري انصاف ملڻ جو انتظار ڪري سگهي ٿي. پر ڇا پاڪستان ۾ قائم هاڻوڪي حڪومت مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته اها هڪ پرڏيهي شهري کي انصاف ڏياري سگهندي جيڪا پنهنجن ئي ماڻهن تي ظلم جا پهاڙ ڪيترائي رهي آهي. پر اصل ڳالهه وري به جنوني ذهنيت کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي، ان ڪري اهي ٽائيم بم ڊفيوز ڪرڻا پوندا جيڪي ملڪ جي هر ڪنڊ ۾ ڦاٽڻ لا تيار ويٺا آهن.