ٽن سالن کان وڌيڪ عرصو گذر باوجود موجوده حڪمران عوام جي مقدر ۾ ڪا مثبت تبديلي نه آڻي سگهيا آهن. ويتر اڳيون نور به چٽ ٿي رهيو آهي. حڪمرانن تبديلي اها آندي آهي جو هر طبقي جي ماڻهن جا ٻئي هٿ مٿي تي آهن. خاص ڪري ملڪ جو غريب طبقو حڪمرانن جي معاشي پاليسين جي ڪري سخت عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. ان باوجود حڪمران دعوائون ڪري رهيا آهن ته هنن جي اچڻ سان ملڪ ۾ ماڻهن جي قوت خريد وڌي آهي. جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي. حڪمرانن جي پاليسين جي ڪري عام ماڻهو لا ٻه ويلا گذارڻ وڏو مسئلو بڻجي آهي. مهانگائي جو طوفان ٿمجڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. تازو ئي کير، بصر، ٿوم ۽ دالين سميت 19 ضروري شين جي اگھن ۾ گذريل هڪ هفتي دوران واڌ ٿي آهي. ان ڏس ۾ ڳڻپ واري وفاقي اداري جي جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ موجب گذريل هڪ هفتي دوران مهانگائي جي گڏيل شرح 18 ڏهائي 58 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته هفتيوار بنيادن تي مهانگائي 18 سيڪڙو کان هيٺ نه اچي سگھي آهي. رپورٽ موجب گذريل هڪ هفتي دوران مهري دال 6 رپيا في ڪلو مهانگي ٿي آهي. جڏهن ته مڱن جي دال جي قيمت 7 رپيا وڌي وئي آهي. انگن اکرن موجب گذريل هڪ هفتي دوران مڱن جي دال جي قيمت 3 رپيا في ڪلو وڌي آهي. جڏهن ته بصر، ٿوم ۽ کليل کير جي قيمتن ۾ به واڌ ٿي آهي.
موجوده وزير اعظم جا اهي بيان رڪارڊ تي موجود آهن ته جيڪڏهن ڪو حڪمران مهانگائي ڪري ته سمجهو اهو چور آهي. هاڻي هي حڪمران مسلسل مهانگائي ڪري رهيا آهن، ايڏي مهانگائي جو ماضي جي حڪمرانن جا به رڪارڊ ٽوڙيا ويا آهن. هانگائي ۾ جيئن مسلسل واڌ اچي رهي آهي ان مان لڳي ٿو ته حڪومت غريب دشمن پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. حڪومت جي اهڙين غريب دشمن پاليسين کي ڏسندي اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته موجوده وفاقي حڪومت عوام نه پر اشرافيا جي حڪومت آهي. حڪومت جيڪڏهن عوام جي نمائندگي ڪندي هجي ها ته ايئن عوام جي مفادن جي ابتڙ معاشي پاليسيون ترتيب نه ڏئي ها. مسلسل مهانگائي ڪئي پئي وڃي، حڪمرانن جي اهڙن قدمن کي ڏسي عوام ۾ اها بيچئني پکڙيل آهي ته هنن جي مستقبل جو نيٺ ڇا ٿيندو.
ملڪ ۾ آخر اهو ڪهڙو شعبو آهي جيڪو حڪمرانن ڇڏيو آهي؟ مهانگائي مسلسل وڌي رهي آهي پر حڪمران تاثر اهو ڏئي رهيا آهن ته ملڪي معيشت بهتري ڏانهن وڌي رهي آهي. هنن حڪمرانن جي اچڻ سان هر طبقي جو ماڻهو پريشان آهي. ڪاروباري الڳ دانهون ڪري رهيا آهن ته هاري ۽ مزدور الڳ رڙيون ڪري رهيا آهن. آبادگار حڪومت جي زراعت مخالف پاليسين کان ڌار پريشان آهن. اهي پڻ رڙيون ڪري رهيا آهن ته هنن حڪمرانن جي اقتدار ۾ اچڻ کان پو زراعت تباهي جي ڪنڌي تي پهچي وئي آهي. ان باوجود ملڪ جو وزيراعظم وڏي واڪي اهي دعوائون ڪندو رهي ٿو ته ملڪي معيشت بهتر ٿي رهي آهي؟ اسان جو ان ڏس ۾ حڪمرانن کان سوال آهي ته اها معيشت جي بهتري آخر ڪٿي آهي؟ ڇاڪاڻ ته حڪمرانن جي معاشي پاليسين جي ڪري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دانهون ٿي رهيون آهن. پر پو به حڪمران جيڪڏهن معيشت جي بهتري جون دعوائون ڪري رهيا آهن ته اسان جو کانئن اهو سوال آهي ته اها بهتري ملڪ جي ڪهڙي حصي ۾ اچي رهي آهي؟ هاڻي عوام ۾ ايڏي سگهه ناهي رهي ته هو مهانگائي جي بار کي برداشت ڪري سگهي. عوام کي آخر ڇا جي سزا ڏني پئي وڃي؟ 2 سئو رپيا ڏهاڙي ڪمائيندڙ ماڻهو ايڏي مهانگائي ۾ گهر جو چلهو ڪيئن ٻاري سگهندو؟ ڇا حڪمرانن کي ان جو ڪو احساس به آهي؟ اسان سمجهون ٿا حڪمرانن کي پنهنجي معاشي پاليسين کي نئين سر ترتيب ڏئي انهن کي غريب پرور بڻائڻ گهرجي. هن مهل تائين جيڪا به مهانگائي ٿي آهي ان جو ازالو ڪيو وڃي. فوري طور عا واهپي وارين شين جا اگهه گهٽايا وڃن.