ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حَشو جيڪو سنڌ هيو

Editorial-Article-Ajaz Chalgri

اها حقيقت آھي ته دنيا ۾ ڪي ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا پر الائي ڇو اهڙا ماڻھو اڪثر تاريخ جي پردي پٺيان گمناميءَ جي عالم ۾ ھليا ويندا آھن، انهن ماڻھن مان هڪ هو حشمت راءِ عرف حشو ڪيولراماڻي.
حشو ڪيولراماڻي جو جنم سنڌ جي شھر ڀريا ضلعو نوشھروفيروز ۾ 14 ڊسمبر 1914 ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو ٽھلرام کينؤمل هو، جيڪو هڪ سرڪاري ملازم هو، جيڪو حشو جي ننڍپڻ ۾ ئي فوت ٿي ويو، پيءُ جي وفات کان بعد حشو جي سموري تربيت ۽ تعليم جو بندوبست سندس والده پيرِي ٻائي جي هٿ ٿيو، جا سندرتا ۽ سچائي جو روپ هئي. ننڍي عمر ۾ بيواه هجڻ جي باوجود هُو هڪ خوددار ۽ باهمت عورت هئي، حَشُو پنهنجي ماءُ پيري ٻائي سان گڏ ڀريا ۾ رهندو هو، کيس پنهنجي ڳوٺ جا نظارا ڏاڍا وڻندا هئا، ٻالڪپڻ کان ئي حَشُو فطري طور سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو عاشق هو، سنڌو تي اڀرندڙ ۽ لهندڙ سج، سنڌو جو تيز وهڪرو ڇولين جو عروج ڏسي، ڏسي ڄڻ ته حَشُو ۾ سنڌو جو ساھه پئجي چڪو هو. حَشُو پرائمري تعليم ڀريا اسڪول مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ سيڪنڊري تعليم ڪراچيءَ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ جو امتحان ڪولمبو سريلنڪا مان پاس ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن ڪاليج آف ڪامرس ۾ اڪنامڪس پڙھڻ لاءِ وڃي داخل ٿيو، پر پنهنجي قلندري طبع هجڻ ڪري حشو جي دل پنهنجي وطن کان پري نه پئي لڳي، ۽ نيٺ ( I.C.S ) آئي سي ايس جي پڙھائي اڌ ۾ ڇڏي 1939 ۾ سنڌ موٽي اچي سوڀو گيانچنداڻيءَ، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين شاگردن سان لهھ وچڙ ڪري ڪراچيءَ ۾ سنڌي شاگرد سياست کي زور وٺرايائين. وطن جي آزاديءَ لاءِ مُهم هلائڻ جي الزام ۾ برٽش سرڪار پاران 1940 ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو، ارڙھن مهينا جيل جي سزا ڪاٽي 1942 ۾ آزادي ماڻي ادبي سرگرمين ۾ مصروف ٿي ويو، انهيءَ دؤر ۾ سنڌ جي مکيه اديبن سياسي رهبرن ۽ شاعرن جي تربيت ڪيائين.
1945-46 ع ۾ سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز سان ملاقات ڪيائين، شيخ اياز کي جديد انگريزي ادب سان واقفيت ڪرائڻ وارو به حشو ئي هو، ڪراچيءَ واري فليٽ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪميونزم، سوشل ازم، بين الاقوامي سياست، فلسفي ۽ ادب تي ڳالهائيندو هو، حشو پنهنجي گفتگو ۾ ادب آرٽ جا رنگا رنگ گل سنڌي اديبن جي ذھنن ۾ پوکي ڇڏيا هئا. سائين جي ايم سيد جهڙي عظيم مفڪر رهبر کي جديد قوميت واري تصور کان واقفيت ڪرائڻ وارو حشو ڪيولراماڻي ئي هو، جنهن جي روشنيءَ ۾ سائين جي ايم سيد سياسي صورتحال کي نئين نقطه نظر سان ڏسڻ لڳو، جنهن جو سيد خود پنهنجي ڪتاب جنب گذاريم جن سين ۾ به اعتراف ڪيو آھي. حشو کي سنڌ جي ثقافت ۽ ادب سان تمام گهڻي محبت هئي، اهو ئي سبب هو جو هُن سنڌي ادب کي عالمي ادب سان ڳنڍڻ پئي چاهيو، هُن سنڌي ادب کي انگريزي ۾ ترجمو ڪري عالمي دنيا ۾ ڳاٽ اونچو ڪري ٻين سڌريل مهذب قومن سان ترقي ۾ ڀاڱيوار هئڻ جي اهل ٿي بنائڻ چاهيو.
حَشُو کي ڪنهن وقت ۾ پنهنجي شخصي زندگيءَ ۾ لنڊن ۾ پڙھائي دوران هڪ اينگلو انڊين ڇوڪري شانتي سيلونا سان عشق ٿي پيو، بعد ۾ اها ڇوڪري بمبئي موٽي آئي ۽ حشو ڪراچيءَ، پر هُو ڪراچيءَ ۾ رهندي به انقلاب جي راھه تي هلندي به ان ڇوڪري جي پيار کي نه وساري سگهيو. 1940 ۾ شانتي سيلونا سان ملاقات لاءِ حشو بمبئي هليو ويو، اتي شانتي هن کي شادي لاءِ چيو پر هُو کيس اهو چئي موٽي آيو ته آئون جلدي واپس اچي توسان شادي ڪندس، پر پوءِ حشو بمبئي واپس نه وڃي سگهيو هو ۽ پوءِ شانتي هڪ انگريز آفيسر سان شادي ڪري ڇڏي ۽ حشو ورهاڱي کان بعد سرلاءَ نالي هڪ بيواهه سان سان شادي رچائي هئي، سرلاءَ کي ٻه ڌيئرون اڳ هُيون ۽ حشو مان هڪ پٽ گل جنم ورتو هو. حشو هميشه پاڻ کي سردار حشمت الله سڏائڻ پسند ڪندو هو ۽ پنهنجي پٽ کي گل محمد سڏيندو هو.
حشو پاڻ کي واڻيو سڏائيندڙ پسند نه ڪندو هو، سندس خيال هو ته واڻيو معنيٰ ڪنجوس، واڻيو مطلب پئسو، واڻئي جو مطلب وياج، حشو چاهيندو هو ته ماڻھو مون کي ڄٺ چون، جنهن جو مطلب آھي مڙسي، ڪوڏر، ڪهاڙي، محنت همت ۽ حوصلو. حشو کي ٻھراڙي جي زندگيءَ تمام گهڻي پسند هئي، اهو ئي سبب هو جو هُو گهڻو وقت سائين جي ايم سيد جي سن واري بنگلي تي اچي رهندو هو، حشو کي اڀرندڙ سج سان ڏاڍي محبت هوندي هئي، پرهه ڦٽي مهل بنگلي جي اڱڻ تان ٻيلن مان اڀرندڙ سج جو منظر ڏسندو هو، درياءَ جي وهڪري ۽ اڀرندڙ سج جو منظر ڏسي موج ۾ ڀرجي ويندو هو، حشو کي سنڌ ڌرتي گهڻو پسند هئي. سنڌ ۾ انقلاب حشو جو خواب هو، هن هڪ خوشحال سنڌ اڏڻ ٿي چاهي، پر ورهاڱي جي ويري واچوڙي حشو جي خوابن کي وکيري ڇڏيو ۽ خود ان طوفان ۾ دربدر ٿي ويو.
ورهاڱي سنڌ کان سنڌ جو شعور، سنڌ جو ڏاهو، وڏو گهڻ پڙھيو ماڻھو کسيو، جنهن کي سائين جي ايم سيد پنهنجو استاد ڪوٺيو، جنهن ننڍي کنڊ جي وڏي شاعر شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي جهڙن عظيم انسانن جي تربيت ڪئي ۽ سائين ابراهيم جويو جهڙي مهان مفڪر جو همعصر رهيو، حشو نهرو پريوار جي به تمام ويجهو هو. لنڊن ۾ پڙھائي دوران ڪرشنا مينن سندس ملاقات جواهر لال نهرو سان ڪرائي، جتي اندران گانڌي ۽ فيروز گانڌي به ان وقت پڙھندا هئا، ايئن حشو جي به ساڻن ملاقات ٿي، ڪرشنا مينن ۽ جواهر لال نهرو حشو جي ڏاهپ مان گهڻو متاثر هئي، حشو انگريز ٻولي ۾ مهارت ۽ سياست ۾ اڳڪٿيون ڪرڻ جو ماهر هو، اهو ئي سبب هو جو ورهاڱي کان بعد جواهر لال نهرو کيس پاڪستان جو سفير مقرر ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر حشو معذرت ڪئي ۽ پنهنجي شخصي آزادي تي معاهدو نه ڪيائين.
حشو ڪيولراماڻي هڪ آدرشي انسان هو، انسان دوستي ۽ انسانيت جي ڀلي وارا ويچار رکندو هو. تقرير جي انداز ۾ چوندو هو مان ڪميونزم لاءِ جيئڻ چاهيان ٿو ڪميونزم لاءِ مرڻ چاهيان ٿو پر هيٺ رهي نٿو سگهان. حشو ڪڏهن به ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿيو، سياست ۾ دلچسپي وٺندي ڪڏهن به پارٽيءَ بازي جو شڪار نه ٿيو.
1947 ۾ پاڪستان ٺھڻ کان بعد حشو کي 1949 ۾ بغير ڪنهن چارج شيٽ جي گرفتار ڪيو ويو هو، ان وقت ڪراچي واري فليٽ تي ساري، ساري رات ويهي سائين جي ايم سيد جي ڪتاب نئين سنڌ لاءِ جدوجهد کي انگريزي ۾ ترجمو ڪري رهيو هو، حشو سنڌ کي پنهنجو وطن مڃيندو هو ۽ سنڌ ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو. سرڪار پاران پاڪستان سيفٽي آرڊيننس تحت کيس ڪراچيءَ جيل مان ڪڍي بمبئي ايئرپورٽ تان ملڪ بدر ڪري بمبئي اماڻيو ويو، سنڌ جو هيءَ عظيم سپوت هند ۾ وڃي ڪري به سنڌ کي ياد ڪندو رهيو، حشو هڪ ئي وقت سياسي مفڪر، فلاسفر ۽ اديب هو. ڪيولراماڻي انگريزي زبان جو وڏو ڄاڻو هو، هن ڪافي ڪهاڻيون لکيون، سنڌي شارٽ اسٽوريون لکيائين، انگريزي اخبار هندستان ٽائمز ۾ سنڌي ڪهاڻين ۽ ورهاڱي کان بعد واري سنڌي ماڻھن جي صورتحال تي لکيائين، حشو پاڪستان ايڪسريڊ نالي ڪتاب به لکيو جنهن ۾ پاڪستان جي سموري سياسي صورتحال کي واضح بيان ڪيائين، 1955 ع ۾ پهريون ڀيرو دهليءَ ۾ شاهه عبدالطيف جي ورسي جو پروگرام ڪيائين ۽ پاڻ زبردست سنڌيت تي تقرير ڪيائين.
حشو سنڌي ٻولي کي هندستان جي قومي ٻولي جي حيثيت ۾ منظور ڪرائڻ لاءِ لکين ماڻھن جون صحيحون وٺرائي پارليامينٽي ميمبرن کي پنهنجي پٽ گل ڪيولراماڻي سان گڏجي ڪراچيءَ جو حلوه پيش ڪري اها التجا ڪيائين ته سائين جيترو مٺو هي حلوو آھي سنڌي ٻولي به ايترو ئي مٺي ۽ پياري اٿئو. سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ان جي حق ۾ ووٽ ڏجو.
افسوس سنڌ جي انهي ڏاهي جو هند جي اديبن قدر نه ڪيو اچانڪ حشو جي ڏاهپ کي ڄڻ ڏنگ لڳي ويو، شايد سنڌ جي جدائي به سندس ذھين جي اٿل پٿل جو ڪارڻ بڻي هجي، بهرحال ورهاڱي جي ٻوڏ سنڌ جو جينئس ماڻھو لوڙھي ڇڏيو، افسوس ذھانت جي ديودتا جي پڄاڻي ڏاڍي المناڪ ٿي، سندس پڇاڙي واري حياتي ڏاڍي ڏکوئيندڙ گذري، حشو وٽ پڇاڙي ۾ روزگار جو ڪو وسيلو نه رهيو هو، هندستان ٽائمز اخبار ۾ به لکڻ ڇڏي ڏنو هئائين وڏي ڪسمپرسي ۽ مفلسي واري زندگي گذارڻ لڳو هو. آھستي آھستي پنهنجا قيمتي ڪتاب وڪڻڻ لڳو هو، آخري وقت ۾ ھُو گهڻ ڳالهائو ٿي ويو هو ۽ عجيب ڳالهيون ڪندو وتندو هو راتين جون راتيون تنها رستن تي گذارڻ لڳو هو، جنهن ڪري سندس گهر واري ۽ اولاد به پريشان رهندا هئا ۽ آخر سندس زال سرلاءَ به کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيو، دوست احباب سڀني هُن کان لاتعلقي اختيار ڪري ڇڏي، حشو ڪنهن ويل بمبئي جي ريلوي پليٽ فام تي ته ڪنهن ويل الهاس نگر جي شمشان گهاٽ ۾ رهندو هو، سنڌ جو وڏو ماڻھو هندستان جي رستن تي پيرين اگهاڙو بي يارو مددگار ڀٽڪندو رهيو پر هندستان جي ڪنهن به اديب جا سنڌ جي هن ڏاهي لاءِ در نه کليا، ڪنهن مهل ڪنهن ماني کائڻ لاءِ ڏنس ته واهه نه ته بس. رات الهاس نگر ۽ ڏينهن بمبئي جي پليٽ فام تي گذرڻ لڳس، ايئن ئي سندس حياتي گذرڻ لڳي ۽ 1986 ۾ سندس موت ٿيو. سندس لاوارث لاش جو سنسڪار ميونسپالٽي وارن ڪيو.
سرجيس تان سُور، سامائي تان سُکَ ويا
اهي ٻئي پُور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button