سال 2021ع جي يارهن مهينن دوران 198 نئين گرفتارين کانپوءِ دنيا جي جيلن ۾ واڙيل صحافين جو انگ 293 تائين پهچي ويو آهي. گهٽ ۾ گهٽ 24 صحافي ان عرصي دوران پنهنجا پيشيور فرض ادا ڪندي قتل ٿي ويا. ٻين 178 صحافين جو موت اهڙين حالتن ۾ ٿيو آهي، جن جي سبب جو حتمي تعين في الحال ڏکيو آهي. اهي انگ اکر صحافين ۽ اظهار جي آزاديءَ جي مامري بابت عالمي تنظيم سي پي جي، جي تازي رپورٽ ۾ سامهون آيا آهن.
جيتوڻيڪ هر ملڪ ۾ صحافين کي جيلن ۾ واڙڻ لاءِ قسمين قسمين قانوني جوازن جو سهارو ورتو ويندو آهي. پر جيڪا مجموعي تصوير جڙي رهي آهي، ان موجب دنيا ۾ حقيقتن جي آزاداڻي رسائيءَ جي سلسلي ۾ رياستي ۽ غير رياستي عنصرن جي قوت برداشت هر سال گهٽ ٿي رهي آهي. سي پي جي جو چوڻ آهي ته گذريل ڇهن سالن کان هر سال جيلن ۾ قيد ٿيندڙ صحافين جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي.
ڪيتريون حڪومتون خبرن جي آزاداڻي وهڪري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سمورا دستياب حربا استعمال ڪرڻ لاءِ اڳ کان وڌيڪ سنجيده آهن ۽ اهو ڪم هاڻ کليل نموني ٿي رهيو آهي، يعني سرڪارن مان هڪ ٻئي کي ڏسندي آمراڻو مزاج زور وٺي رهيو آهي ۽ ان جو هڪ وڏو سبب اهڙين حرڪتن تي نظر رکڻ يا نوٽيس وٺڻ وارن ادارن، فورمن خاص طور تي عدالتي نظام تي هر پاسي کان هر انداز ۾ لاڳيتو وڌندڙ دٻاءُ به آهي.
سي پي جي 1992ع کان انگ اکر گڏ ڪرڻ شروع ڪيا، پر سال 2021ع جي ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ جيلن ۾ واڙيل صحافين جو مجموعي انگ گذريل 19 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. انهن 19 سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1440 صحافي پنهنجا فرض نڀائڻ دوران موت جو کاڄ ٿي ويا. رپورٽ موجب هلندڙ سال ڪئين نيون تبدليون ۽ واقعا به ڏسڻ ۾ آيا، جن ميڊيا جي پيشي کي وڌيڪ خطرناڪ ڪري ڇڏيو آهي. مثال طور هانگ ڪانگ ۽ شن جيان صوبي ۾ آزاداڻي رپورٽنگ جو دائرو وڌيڪ تنگ ڪرڻ لاءِ نون ۽ سخت قانونن جو سهارو ورتو آهي.
بيلاورس ۾ مخالف ڌر خلاف ڪريڪ ڊائون فيبروريءَ ۾ ميانمار ۾ فوج پاران چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ کان پوءِ سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي لاڳيتو نشانو بڻائڻ تي تشدد، رياستي لاڙي ۽ اتر ايٿوپيا ۾ نسلي گهرو ويڙهه ۾ شدت جهڙين اڳڪٿين ميڊيا ڪارڪن جي زندگي وڌيڪ جنجال ڪري ڇڏي آهي. هن سال جي پهرين يارهن مهينن ۾ چين ۾ 60 صحافين کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو ڪنهن هڪ ملڪ ۾ گرفتارين جو سڀ کان وڏو انگ آهي. ميانمار ۾ 26، مصر ۾ 35، ويٽنام ۾ 23 ۽ بيلاروس ۾ 19 صحافين کي گرفتار ڪيو ويو. هانگ ڪانگ ۾ گذريل سال قومي سلامتي تحفظ جي نالي تي هڪ نئون قانون لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت تخريبي سرگرمين ۽ علحدگي پسنداڻي لاڙن جي حوصله افزائي ۽ غيرملڪي طاقتن سان ڳٺ جوڙ جي الزامن ۾ ٽيپ به ٿي سگهي ٿي. ان قانون آڌار هانگ ڪانگ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪيترن ئي صحافين تي ڪيس قائم ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي جيلن ۾ واڙيو ويو آهي.
گذريل ڪئين سالن وانگر هن سال به ميڪسيڪو صحافت لاءِ سڀ کان پرتشدد ڏکڻ آمريڪي ملڪ هجڻ جو اعزاز برقرار رکيو. هتان جي صحافين کي هڪ مدي کان بدعنوان ڪامورا شاهي ۽ ڊرگ مافيا سوڌو ڪيترن ئي ڏوهاري منظم ٽولن پاران ٻٽا جسماني خطرا آهن.
رپورٽ ۾ ترڪيءَ جو به ذڪر آهي، جنهن ڪجهه سال اڳ صحافين جي رڪارڊ انگ کي جيلن ۾ واڙيو هو، پر هاڻوڪي عالمي فهرست ۾ ڇهين نمبر تي آهي. سعودي عرب ۾ جيتوڻيڪ هن سال صحافت سان لاڳاپيل ماڻهن جي گرفتارين جو انگ گهٽ ٿيو آهي، پر ميڊيا قانونن جي سختي ۽ انهن کي عمل ۾ آڻڻ ۾ ڪا نرمي ڪانهي آئي.
جن ملڪن ۾ گرفتار صحافين جي انگ ۾ گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ بظاهر گهٽتائي نظر آئي آهي، اتي رياستي ادارن آزاداڻي رپورٽنگ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جديد ترين پتو لڳائيندڙ اوزارن جي وسيع استعمال ۽ انٽرنيٽ بابت قانون سازي ۾ سختي ۽ صحافين کي گمنام طريقن سان انفرادي طور هراسان ڪرڻ جي لاڙي کي نئون هٿيار بڻائي ڇڏيو آهي. اهي هٿيار ڪيترين ئي حالتن ۾ قيد ڪرڻ يا وات بند ڪرڻ جي روايتي اٽڪلن کان وڌيڪ اثرائتا ثابت ٿي رهيا آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن سال برما ۽ ايٿوپيا ۾ اطلاعات جي آزاد رسائي روڪڻ لاءِ ڪنهن به تشدد واري حربي جو استعمال ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. رپورٽ ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش جو به ذڪر ڪيو آهي. پر انهن ملڪن ۾ جيئن ته سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي کي خاموش رکڻ جو لاڙو وڌيڪ آهي ۽ صحافين کي سڌي ريت نشانو بڻائڻ يا قيد ڪرڻ جا واقعا ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن. ان ڪري ٻئي ملڪ رپورٽ جي عالمي ريٽنگ ۾ هيٺ آهن.
ان جو مطلب بلڪل به اهو ڪونهي ته انهن ملڪن ۾ ميڊيا سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت دٻاءُ يا خوف جو شڪار ڪانهي. جيڪڏهن سڌي ريت دٻاءُ کي معيار ٺاهي ڪا رپورٽ تيار ڪئي وڃي ته لڳ ڀڳ سئو ملڪن مان شايد 20 کان 25 اهڙا هوندا آهن، جتي ميڊيا بنا خوف پنهنجا پيشيور فرض نڀائڻ لاءِ آزاد آهي.
سي پي جي جهڙن ادارن جي رپورٽ مان جيتوڻيڪ ميڊيا هر سال جي حالت جو انداو ٿي وڃي ٿو پر ڇا ان قسم جي رپورٽن جي روشنيءَ ۾ حڪومت ڪجهه نه ڪجهه بيزار ٿي پنهنجن پنهنجن روين تي مثبت نظرثاني به ڪن ٿيون. ان جون شاهديون نه هئڻ برابر آهن.
اهي ملڪ جن جا نالا اهڙين رپورٽن اچن ٿا، اهي انهن کي بي بنياد قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيندا آهن. البت ڪنهن دشمن ملڪ جو نالو جيڪڏهن ان ۾شامل هجي ته ان خلاف جاري پروپيگنڊا مهم ۾ انهن انگن اکرن جو حوالو ڏيڻ کان به ڪونه لهرائيندا آهن. يعني هر ملڪ لاءِ اهڙيون رپورٽون هڪ ئي وقت حلال به آهن ته حرام به.