گوادر جي ”حق ڏيو“ تحريڪ هڪ اهڙي عوامي ڪشتيءَ وانگر نظر اچي رهي آهي، جيڪا اڳ ۾ ڇتين ڇولين جي حوالي هئي پر هاڻي ان کي منزلن جو ساحل نصيب ٿيندو نظر اچي ٿو.
اها تحريڪ جنهن جو پرچم مولانا هدايت الرحمان جي هٿن ۾ هو، ان جا مطالبا اهڙا هئا ئي نه جيڪي تسليم نه ڪري سگهجن. اهي مطالبا ايئن آهن، جيئن اڄ تسليم ڪيا وڃن ۽ سڀاڻي انهن تي ٿورو عمل به ٿيندو نظر اچي پر پرينهن ”ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگهه“ جو منظر پيش ٿيندو هجي ته وري هڪ ٻي تحريڪ اڀرڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ ان کي به سوديبازيءَ جي اڏيءَ تي آڻي ان سان به ڪا ڪاسائڪي ڪار ڪري سگهجي ٿي. پر معاملو ان انديشاتي صورتحال کان مختلف به ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪا اهڙي قوت اڀري پوي، جيڪا عوام جي آخري فتح ۾ يقين رکندي هجي ۽ پنهنجي بيحد پرامن احتجاج سان اڳتي وڌندي رهي ته ڪو شڪ ناهي ته اها عوامي سوڀ جو سرخ پرچم ڦهلائي به سگهي ٿي.
مولانا هدايت الرحمان جي تحريڪ جنهن طرح سان اسلام آباد جي نوٽيس وٺڻ واري منزل کي رسي آهي، ان تي بلوچستان جي ترقي پسندن ۽ خاص طور تي قومپرست حلقن جو اصل ۽ حقيقي ردعمل ڪهڙو آهي؟ اهو هن وقت تائين باضابطا طور تي سامهون نه آيو آهي پر هڪ ڳالهه ضرور آهي ته اهي حلقا جيڪي منڍ کان وٺي بلوچستان جي باري ۾ پنهنجو مخصوص نظريو رکندا رهيا آهن ۽ انهن ئي سڀني کان وڌيڪ قربانيون به ڏنيون آهن، انهن حلقن بلوچستان جي هڪ اهم شهر ۾ ايترو گهڻو عوامي انگ متحرڪ نه ڪيو، جيترو مولانا هدايت الرحمان ڪيو. ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ ان سوال تي اچڻ کان اڳ ۾ اسان کي هن معاملي جي ان پهلوءَ به غور ڪرڻ گهرجي ته ڇا بلوچستان جو عوام وڏن نعرن ۽ وڏن مقصدن لاءِ وڙهڻ کان ٿڪجي پيو آهي؟ ڇا هاڻي هو مرحيلوار ننڍا مقصد ماڻڻ جو رستو وٺي اڳتي وڌڻ چاهي ٿو؟ ڪجهه حلقا ته اهڙا به آهن، جيڪي مولانا هدايت الرحمان جي پويان مخصوص هٿ ڏسي ۽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهن جو خيال آهي ته مولانا جي اوچتي اڀار جو سبب هن سان نظر نه ايندڙ قوتن جو سياسي سهڪار هو. پر ڇا ان مخصوص قوت جي هٿ ۾ ايتري گهڻي عوام جي واڳ آهي؟ خاص طور تي جهڙي ريت گوادر جي گهر گهر مان عورتن جا انبوهه نڪتا ۽ اهي به بلوچستان جي پٺتي پيل معاشري جو پس منظر رکندڙ ماحول مان، ته اهو سڀ ڪجهه حيرت ۾ وجهندڙ ضرور هو. هاڻي به ماڻهو حيران آهن ته جيڪو ڪم وڏيون سياسي پارٽيون نه ڪري سگهيون، اهو ڪم مذهبي پسمنظر رکندڙ شخص ڪيئن ڪري ويو؟
بلوچستان پنهنجي غربت ۽ پسماندگيءَ سبب گهڻن مسئلن جو ماڳ رهيو آهي ۽ ان هنڌ تي جيڪي سياسي قوتون اڀريون به آهن، انهن ۾ يا ته سردارن جو هٿ رهيو آهي يا مذهب جي پاڇي ۾ سياست ڪندڙ حلقن بلوچستان ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان بلوچستان ۾ مذهبي پسمنظر رکندڙ قوتن جو جائزو وٺون ته اسان کي اها ڳالهه صاف طور تي نظر ايندي ته جماعت اسلاميءَ جا ڪڏهن به بلوچستان جي سنگريز سياسي سرزمين تي پير نه کتا آهن. جڏهن ته جماعت اسلاميءَ جي ڀيٽ ۾ جميعت علماءِ اسلام پنهنجن مدرسن جي نيٽ ورڪ سبب سڀ کان وڏي مذهبي رنگ رکندڙ سياسي پارٽي آهي پر گوادر ۾ هڪ اهڙو احٽجاج مولانا فضل الرحمان ۽ هن جي سينئر ٽيم به نه ڪري سگهي، جيڪو مولانا هدايت الرحمان ڪري ويو. جڏهن ته ان معاملي تي هن مهل تائين علماءِ اسلام جو به آفيشل موقف نه آيو آهي. جهڙي طرح جماعت اسلاميءَ سان نظرياتي لاڳاپو رکندڙ مولانا جي اڀار تي ترقي پسند ۽ قومپرست حلقا حيران آهن، ساڳي طرح سان مولانا فضل الرحمان وارا به ان تحريڪ جي اوچتي وڏي اڀار تي پريشان آهن. انهن کي به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر مولانا هدايت الرحمان وٽ اهڙو ڪهڙو جادوءَ جو ڏيئو اچي ويو جو هن گوادر شهر کي احتجاج جي علامت بڻائي ڇڏيو ۽ هن سان نه رڳو اسٽيبلشينٽ پر آفيشل حڪومت به ڳالهيون ڪري ۽ انهن جا ڪيترائي مطالبا مڃڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي.
بلوچستان جي سياست کي مجموعي طور تي ستن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ حصو انهن سردارن جي سياست تي مشتمل آهي، جن وٽ عوام جو ڪوئي احساس ناهي ۽ هو هميشه اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان اقتدار ۾ پنهنجو حصو پتي رکندا آيا آهن. انهن ننڍن سردارن جو بلوچستان جي سياست ۾ تمام گهڻو اهم ڪردار آهي ۽ بلوچستان جو ٻيو سياسي پهلو انهن بلوچ سردارن تي مشتمل آهي، جن جا مطالبا تمام وڏا رهيا آهن ۽ جيڪي شخصي طور تي قومپرست ۽ ڪنهن حد تائين ترقي پسند لاڙا رکندڙ رهيا آهن. انهن سان ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو ٽڪراءُ تمام گهڻو پراڻو رهيو آهي ۽ اهو ٽڪراءُ هاڻي به هلي رهيو آهي. جڏهن ته بلوچستان جي سياسي ماحول جو ٽيون لقاءُ اهي قوتون آهن، جيڪي عوام دوست لاڙو رکڻ جي باوجود اقتداري سياست سان سلهاڙيل رهيون آهن ۽ انهن جي نمائندگي غوث بخش بزنجي جي فرزند حاصل خان بزنجي ۽ ڪوئيٽا واري علائقي ۾ اثر رسوخ رکندڙ اهو پشتون فيڪٽر آهي، جنهن جي نمائندي پختونخواه ملي عوامي پارٽيءَ جو محمود خان اچڪزئي ڪندو رهيو آهي. جڏهن ته بلوچستان جو چوٿون سياسي مظهر اهي شدت پسند بلوچ آهن، جيڪي ڪافي وقت کان وٺي حڪومت ته ڇا پر رياست سان ٽڪراءَ ۾ آهن ۽ هو هن مهل به پهاڙن تي چڙهي ويندڙ قوتن جي نالن سان سڃاتا وڃن ٿا ۽ انهن ۾ سردارن جي حڪم تي هلندڙ فرد نه پر بلوچستان جو اهو ريڊيڪل مڊل ڪلاس به آهي، جيڪو فڪري طور تي سرداري نظام جي خلاف آهي. جڏهن ته بلوچستان جي سياست جو پنجون طبقو انهن پرامن سياست ڪندڙ عوام سان همدردي رکندڙ قوتن تي مشتمل آهي، جيڪي قوتون حڪومتن کان ٿورو گهڻو فائدو به وٺن ٿيون ۽ جيڪي اشارن اشارن ۾ اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد به ڪن ٿيون ۽ جڏهن وقت اچي ٿو ته هو پنهنجي سگهه کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ظاهر ڪري وري ڪنهن ردعمل جي خوف سبب پردي پويان هلي وڃن ٿيون. اهڙين قوتن ۾ بلوچستان جا باشعور اديب، شاعر ۽ صحافي اچي وڃن ٿا. جڏهن ته بلوچستان جي سياست ۾ ڇهون فيڪٽر انهن ڌرين جو آهي، جيڪي مذهب جي واٽ وٺي سياسي سگهه پيدا ڪن ٿيون، انهن جو ڪم گهڻو ڪري مدرسن ۽ تبليغ تائين مشتمل آهي ۽ تمام گهڻي عرصي کان وٺي ان ميدان تي جمعيت علماءِ اسلام وارا سرگرم عمل رهيا آهن. جڏهن ته بلوچستان جي سياست جو ستون ڀاڱو انهن فردن کي پاڻ ۾ سمائي ٿو، جيڪي فرد اين جي او ٽائيپ ڪمن کي عوامي فلاح جو رستو سمجهن ٿا ۽ هو ڪنهن وڏي انقلابي عمل ۾ نه پر ارتقائي پروسيز ۾ پنهنجي يقين جو اظهار ڪن ٿا.
بلوچستان جي سياست جا ست پهلو پنهنجي پنهنجي مخصوص طاقت جا مالڪ رهيا آهن. انهن جي اختيار جو دائرو ڪڏهن گهٽبو ۽ ڪڏهن وڌندو رهيو آهي. هڪ وقت اهڙو به رهيو آهي، جڏهن بلوچستان ۾ شدت پسندي پنهنجي پوري قوت سان اڀري آئي ۽ ٻيا فيڪٽر ٽڙي پکڙي ويا. جڏهن ته ڪجهه قوتن جي طاقت ۾ به گهڻي ڪمي ايندي رهي آهي ۽ نه انهن ۾ تمام گهڻي طاقت ايندي نظر آئي آهي. هن وقت پنهنجي سمجهڻ جي سلسلي ۾ ٻه اهم سوال آهن. هڪ سوال اهو آهي ته مولانا هدايت الرحمان ڪهڙي سياسي فيڪٽر جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ ٻيو سوال اهو آهي ته هن وقت بلوچستان جو عوام ڇا ٿو چاهي؟ جيڪڏهن پاڻ پوئين سوال جو جواب پهرين سوچيون ته اسان کي صاف طور تي اهو نظر ايندو ته بلوچستان جو عوام ڪنهن به نظرياتي خواب ۾ رهي خون ڏيڻ جي طاقت وڃائي ويٺو آهي. هن وقت بلوچستان جو عوام اهو ئي چاهي ٿو ته اهڙو ڪجهه ڪجي، جنهن ۾ لال به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي. بلوچستان جي عوام تمام گهڻو ڀوڳيو آهي ۽ ان جي موٽ ۾ هن کي اهو ڪجهه حاصل ٿي نه سگهيو آهي، جيتريون انهن قربانيون ڏنيون آهن. بلوچستان جو عوام هن مهل ڪنهن به وڏي انتهاپسنديءَ جي عملي طور تي حمايت ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهي ۽ نه وري بلوچستان جو عوام صرف سڪل ڍوڍي لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي آڏو گوڏا کوڙڻ گهري ٿو.
بلوچستان جي مختلف شهرن ۽ علائقن جو مزاج ٿوري گهڻي فرق سان مختلف ٿي به سگهي ٿو پر ٿلهي ليکي بلوچستان جو عوام اها واٽ وٺڻ چاهي ٿو، جنهن واٽ ۾ ستن جي رنگن جو ٿورو يا گهڻو سنگم هجي. بلوچستان جو عوام هڪ طرح سان بيلنس ۽ متوازن تحريڪ جو حامي آهي. هن جو خيال آهي ته هاڻي جيڪا به تحريڪ هلائجي اها ممڪن مطالبن جي حاصلات لاءِ هلائجي. جهڙي طرح سوويت يونين جي آخري حڪمران ميخائل گورباچوف پنهنجي ڪتاب ”پروستريڪا“ ۾ لکيو آهي ته Politics is art of possible يعني سياست ممڪنات جو فن آهي. ساڳي طرح سان بلوچستان جو عوام به ممڪن مطالبن جي لاءِ پرامن تحريڪ جي راهه وٺڻ چاهي ٿو.
مولانا هدايت الرحمان جي هلايل تحريڪ ۾ گوادر جي عوام کي پنهنجي لاءِ پرامن ماحول ۽ انهن مطالبن جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن جي باري ۾ انهن عام ماڻهوءَ عقل به اهو ڪم ڪري رهيو هو ته هو جيڪي مطالبا ورجائي رهيو هو، انهن مان گهڻا تڻا مڃڻ جوڳا هئا. گوادر جي عام خلق لاءِ ان تحريڪ ۾ خوشيءَ جو فيڪٽر به هو. هو ڏسي رهيا هئا ته انهن پرامن احتجاج سان اسلام آباد کي مطالبا مڃڻ لاءِ مجبور ڪري وڌو آهي. هونءَ ته هدايت الرحمان ان تحريڪ کي اڳتي به هلائي سگهي پيو پر هو فڪري ۽ سياسي طور تي جنهن جماعت جو فرد آهي، ان جو مزاج مختلف آهي ۽ اها احتجاج ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ سلجهاءَ جو سڀ رستو تلاش ۾ ڪرڻ ۾ وڏو تجربو ۽ وڏا واسطا رکي ٿي. اهو ئي سبب آهي ته مولانا هدايت الرحمان جي پرامن تحريڪ گوادر جي سياسي سمنڊ جي ڪناري تي پهچڻ ۾ ڪنهن گهڻي دير لڳائڻ جو سبب نه بڻجي سگهي.