خواب ته سڀئي ڏسن ٿا، پر گهڻو ڪري انهن کي وساريو ڇڏين، ڪي ٿورائي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي پنهنجن خوابن جي ساڀيان لا سرگرم ٿيو وڃن. مولوي عبدالحق پنهنجن خوابن جي ساڀيان پنهنجن هٿن سان ڪئي. انجمن جو بنيادي مقصد اعليٰ ڪتابن جو ترجمو ڪرائڻ ۽ هڪ عاليشان لائبريري قائم ڪرڻ هو. هو شروع کان ئي پنهنجي انهي خواب جي ساڀيان تي اٽل آهي. اعليٰ علمي ۽ تاريخي ڪتابن جو ترجمو ڪرائڻ سندس شوق هو. اهو ئي سبب آهي جو 1912ع تائين هن فلسفي، تعليم، القمر، القول الاظهير، رومانيه هند، نيپولين اعظم، امراءِ هنود اور تاريخ تمدن (جلد اول) جا ترجما پنهنجي دور جي نهايت ئي عالم فاضل ماڻهن کان ڪرايا ۽ اردو جي علمي سرمائي ۾ واقعي اضافو ڪيو.
گذريل 100 سالن دوران انجمن جي ڪيترن اعليٰ ۽ معياري ڪتابن جو ترجمو ٿيو. اپريل 2019ع ۾ نئين مجلس نظما جي چونڊجڻ کانپو ڪورونا -19 جي عنايتن سبب ڪمن ۾ ڪجهه دير ٿي، ان هوندي به نئين مجلس اعظميٰ جي ڪوششن سان قومي ٻولي ۽ تحقيقي رسالو “اردو” باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندو رهيو. مولوي عبدالحق جنهن علمي ۽ تحقيقي رسالي “اردو” جي شروعات ڪئي هئي، ان کي 100 سال مڪمل ٿي ويا هئا. اسان وٽ ڪنهن علمي رسالي جي ڇپائي کي 100 سال پورا ٿي وڃڻ ته اها هڪ خاص ڳالهه آهي. انجمن جي صدر واجد جواد خازن ۽ نگران ادبي، ايڊيٽر علمي ادبي سيد عابد رضوي، اردو رسالي جي ايڊيٽر پروفيسر شاداب احساني قومي ٻوليءَ جي ايڊيٽر ڊاڪٽر ياسمين فاروقي ۽ هن خاڪسار اهو طئي ڪيو ته اردو رسالي جا 100 سال پورا ٿيڻ تي ان خوشيءَ ۾ ان جو 100 سالا جشن ملهايو وڃي ۽ ان کي مولوي عبدالحق ڪانفرنس جو نالو ڏنو وڃي. تنهنڪري 27، 28 نومبر تي انجمن جي نئين ٻه منزلا عمارت ۾ اها ڪانفرنس ٿي، جنهن جو افتتاح مهمان خصوصي ڪراچيءَ جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب ڪيو.
ان موقعي تي لاهور مان آيل اسان جي محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر نجيب جمال اهم خطبو ڏيندي چيو ته مولوي صاحب اردو جي خدمت سر سيد وانگر ڪئي آهي. هن سر سيد وانگر ويزن تي ڪم ڪيو آهي. مولوي صاحب جي اردو واري خدمت ۽ سندس ويزن قوم کي هڪ ڏسا ڏئي ٿو. انجمن جي آفيس جڏهن حيدرآباد دکن منتقل ٿي ته مولوي صاحب ڪجهه مخطوطات ۽ نوادرات کڻي ويو هو. ان کانپو اڄ جيڪو انجمن جو ڪتب خانو آهي، اهو مولوي عبدالحق جي محنت جو نتيجو آهي. انجمن جا کوڙ ڪتاب آهن، جيڪو صدين جو ڪلچر، ادب ۽ ٻوليءَ کي پنهنجي اندر سمائي ويٺا آهن. انهن ۾ مولوي صاحب جي ترتيب ڏنل ڪتاب “ڪليات قلي قطب شاهه” سرفهرست آهي، جنهن ۾ سورهين صديءَ کان وٺي 19 هين صديءَ جي ادب کي گڏ ڪيو ويو آهي.
انجمن جي صدر واجد جواد انجمن ترقي اردو جي قيام، مقصد ۽ هاڻوڪين سرگرمين بابت حاضرين کي آگاهه ڪندي چيو ته اسين چاهيون ٿا ته دنيا ۾ سائنسي علمن جا جيڪي فائدا آهن، اهي اردو ٻوليءَ ۾ اچي وڃن. اسان جو ارادو آهي ته قومي ٻوليءَ جي ڪتابن جي ترجمن جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي وڃي. سائنسي ڪتابن جا ترجما اسان جي منشور جو حصو آهن ۽ ان تي اسين خاص ڌيان ڏيون ٿا. هاڻوڪي عرصي ۾ انجمن پاران شايع ڪيل ڪتابن جي مهورتي تقريب ٿي، ڪتابن جو تعارف ڊاڪٽر ياسمين سلطانا فاروقي پيش ڪيو. مشهور افسانه نگار ۽ “سب رنگ” جي باني ايڊيٽر شڪيل عادل، عادل زاده پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته مون جون ايليا ۽ سندس ڀا محمد عباس علمي ڊائجسٽ “انشا” جي نالي سان 59ع کان 60ع ۾ هڪ پرچو ڪڍيو. جنوري 70ع ۾ “سب رنگ” شروع ٿيو. جنهن ۾ ڪافڪا جهڙي علامتي اديب ۽ ان سان گڏ روسي ادب به شايع ڪيو. ابتدائي طور “سب رنگ” جي ڇپائي 4 هزار هئي. اهو انگ وڌندي وڌندي اڍائي لک تائين پهچي ويو.
اردو ڊائجسٽ جي ايڊيٽر پروفيسر شاداب احساني رسالي جي 100 سال پورا ٿيڻ واري موضوع تي خطاب ڪيو. هن رسالي جي شروعات ۽ ان جي دهلي ۽ ان کانپو ڪراچي منتقلي جي باري ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سندس چوڻ هو ته رسالي جو معيار شروع کان ئي اعليٰ پايي جو آهي ۽ ان معيار کي برقرار رکڻ ۾ مولوي صاحب جنهن عرق ريزي سان ڪم ڪيو، اهو ڪنهن هڪڙي ماڻهو جو ڪونهي، پر پوري اداري جو هو. جيڪو مولوي عبدالحق اڪيلي ئي سرانجام ڏنو. هن اردو رسالي جي شروعاتي نمبرن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته مولوي عبدالحق اقبال نمبر شايع ڪيو هو، جنهن جو ذڪر گهٽ ٿئي ٿو. اهڙا اعليٰ پايي جا رسالا گهٽ نظر اچن ٿا. ان رسالي جو معياري هجڻ جي سند ان ڳالهه مان به ٿئي ٿي ته 1940ع ۾ ڪتابي صورت ۾ هي انجمن وٽان شايع ٿيو. اڪيڊمي ادبيات جي صدر ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ “ادب ڪي فروغ مين ادارون ڪي ڪردار” جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته اسان کي اهڙن ماڻهن جي ڳولا ڪرڻي پوندي، جيڪي ادب سان گڏ ڪمپيوٽر ۽ آ ٽي سان به لاڳاپيل هجن. ايندڙ وقت ۾ اها ئي ٻولي قائم رهي سگهندي، جيڪا مشيني ترجمي سان لاڳاپيل هوندي. اردو جو مستقبل هن وقت جيترو روشن آهي، ڪنهن ٻي ٻوليءَ جو ڪونهي ۽ هي دنيا جي وڏين ٻولين ۾ ڳڻجي ٿي.
ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊاڪٽر خشڪ ڳالهه ڪندي چيو ته مولوي عبدالحق جنهن وقت اردو لا ڪم ڪيو، اهو وسارڻ جوڳو نه آهي. دنيا ۾ اردو ٻوليءَ جو مستقبل جيترو روشن آهي، ڪنهن ٻي ٻوليءَ جو ڪونهي. پاڪستان ۾ اردو جي ترقيءَ لاءِ ڪئين ادارا قائم آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته اهي ادارا فعال آهن يا نه. هن وڌيڪ چيو ته ڪابه ٻولي ان وقت ترقي نه ٿي ڪري سگهي، جيستائين ان ٻوليءَ جي سرپرستي سرڪاري سطح تي نه ڪئي وڃي. سڄي دنيا ۾ انهن ٻولين کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي. جن سان معاشي ذريعو جڙيل هوندو آهي. ڪئين ماهرن جو چوڻ آهي ته 2100 مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 3 هزار کان وڌيڪ ٻوليون ختم ٿي وينديون. ملڪ جي سينيئر صحافي، تجزيه نگار، شاعر ۽ ليکڪ محمود شام “ملڪي ترقي ۾ قومي زبان ڪا ڪردار” تي روشني وجهندي چيو ته ڪمپيوٽر ڪتاب جي شروعات جي سلسلي ۾ جميل مرزا جو ڪردار بنهه گهڻو اهم آهي. جنهن هزارن لفظن کي ڪمپيوٽر ۾ شامل ڪيو. جنهن جي ڪري ان پيج سافٽ ويئر وجود ۾ آهي، جيڪو هاڻي هر جاءِ تي استعمال ٿي رهيو آهي. مختلف علائقن جا ماڻهو ملڪ ۾ ڪٿي به ڪم ڪندا هجن، انهن جو پنهنجي هم وطنن سان رابطو قومي ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو.
اين اي ڊي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌي “جامعيات مين اردو بحيثيت ڪتني ناگزير هي” تي خيالن جو اظهار ڪيو. هن ٻڌايو ته استاد انگريزي بدران اردو کي تعليم جو ذريعو ڪرڻ تي مجبور آهن. ڇاڪاڻ ته استاد انگريزيءَ ۾ ڪتاب ته پڙهي وٺن ٿا ته پر انگريزي چڱي ريت تدريس نه ڪري سگهيا. جيتريون به ترقي يافته قومون آهن، انهن پنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي پڙهي ترقي ڪئي آهي.
تعليمي ماهر ڊاڪٽر عظميٰ فرمان پنهنجي مقالي “بيرون ملڪ مين اردو ڪا فروغ محرڪات اور امڪانات” جي موضوع تي خطاب ڪيو. هن چيو ته ماهر چون ٿا ته ٻارن جي شروعاتي تعليم هن جي مادري ٻوليءَ ۾ ٿيڻ گهرجي، اولهه جي ملڪن ۾ حڪومتون ان جو گهڻو خيال رکن ٿيون. خليجي ملڪن ۾ اردو گهڻي مقبول آهي. آفريقي ملڪن جا شاگرد اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ پاڪستان اچن ٿا ته اهي هتان کان ڪجهه نه ڪجهه اردو سکيو وڃن، ان کانسواءِ يورپ، آمريڪا، برطانيا ۽ ڪيناڊا ۾ اردو مقبول آهي.