ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پنجاب جي سياست جو گرم سيارو

Editorial-Article-Irshad Leghari

نااهلي ۽ ناڪامي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيندڙ عمراني سرڪار جنهن تيزي سان پنهنجي پُڄاڻي تي پهچي رهي آهي، تنهن ۾ عمران خان خود پاڻ توڙي سندس ڊگهين ڄِڀن وارا ترجمان هاڻ توائي ٿيڻ لڳا آهن. جيتوڻيڪ توائي ته عمراني ٽولو پهرئين ڏينهن کان ئي هو پر لڳي ايئن ٿو ته عمراني سرڪار جا باقي بچيل ڏينهن ڏسڻ وٽان هوندا. ان جو سڀ کان وڏو سبب کيس آڻيندڙن جي کائنس بيزاري آهي. اسٽيبلشمينٽ جيڪا نه هاڻ عمران خان کي ڳيهي ٿي سگهي ۽ نه اوڳاڇي، سا ڪري به ته ڪيئن!؟ پر ايترو سو ضرور آهي جو اُها هاڻ عمران خان جي صورت ۾ پلئه پيل تاريخي خواري جو ازالو ضرور ڪرڻ ٿي چاهي ۽ ان ڏس ۾ ٿيو اهو آهي جو پنجاب ۾ نواز ليگ تي جيڪو ڳرو هٿ ھو، سو هاڻ هلڪو ٿيڻ لڳو آهي. جيئن ئي عمران خان کي اهو محسوس ٿيو آهي تيئن ئي هُن پنهنجو اهو رٽيل ۽ بيسواد رينگٽ اڳي کان اڳرو ورجائڻ شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته سموري جڳ جهان سان ڳالھيون ٿي سگهن ٿيون پر ملڪي خزاني کي کاٽ هڻندڙن سان ڪي به ڳالھيون ڪونه ٿينديون. اهڙو تازو رينگٽ عمران خان ميانوالي واري جلسي ۾ ورجايو آهي.
هاڻ هتي سوال اهو آهي ته همراهھ کي اهڙو اظهار ڪرڻ جي هينئر ضرورت ڇو پئي آهي؟ ان ڏس ۾ اطلاع آهن ته ڪپتان خان کي آڻيندڙ ڪاڪن کيس واضح اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ته ملڪي سياست ۾ جيڪو شديد بحران آهي، تنهن ۾ وڌيڪ تڪرار جي گنجائش ناهي. تنهن ڪري عمراني سرڪار کي مخالف ڌر سان معاملا ايندڙ اليڪشن کان اڳ ئي سنوت ۾ آڻڻ گهرجن. اسٽيبلشمينٽ جي اهڙي نياپي کان پوءِ عمراني ٽولي جو توائي ٿيڻ اڻٽر آهي ۽ ان توائيپڻي جي ردعمل ۾ چون ٿا ته عمراني سرڪار شهباز شريف کي گرفتار ڪرڻ جا سانباها ڪري رهي آهي. ان حوالي سان نون ليگ جي ترجمان جو اهو بيان به سامھون اچي ويو آهي ته نون ليگ خلاف هاڻ جيڪو ڪجھه به ٿيڻ پيو وڃي، تنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪو به هٿ پير ناهي، جيڪو به ٿيو تنهن جي ذميوار عمران حڪومت آهي. نون ليگ جي ترجمان موجب عمراني ٽولي شريف خاندان خلاف ايف آئي اي کي ٻيهر اهڙيون هدايتون ڏنيون آهن، جن جو مقصد خاص طور شھباز شريف کي جيل ڀيڙو ڪرڻ آهي.
ته پوءِ ڇا واقعي ايئن ٿيڻ پيو وڃي؟ جي ها ته پوءِ ان عمل جا نتيجا، خاص طور تي پنجاب ۾ ڪهڙا نڪرندا؟ اهو سوال هاڻ انهن سڀني جي سامهون کڙو ٿيل آهي، جيڪي پنجاب جي حمايت توڙي مخالفت تي پنهنجي سياست آڌارين ٿا.
ان تناظر ۾ اچو ته پاڻ ان ڳالهھ جي ڪجهھ ڳنڍ کولي ڏسون ته جيڪڏھن پي ٽي آئي ۽ نواز ليگ جو جهيڙو مچي ٿو ته ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا ۽ ان جهيڙي جو فائدو ڪنهن ڪنهن کي پوڻو آهي.
دراصل هن ملڪ جو اول ڏينهن کان وٺي الميو اهو ئي رهيو آهي ته هتي ڪڏھن به حقيقي احتساب ٿيو ئي ناهي. هتي هڪڙن چورن مٿان وري ٻيا چور ئي وارو وٺندا رهيا آهن ۽ ان سموري ڦير گهير ۾ خود نواز ليگ به حصيدار رهي آهي. سو عمران خان، نواز شريف سان جيڪو ڪجهھ ڪيو، تنهن جي خبر ميان صاحب کي ڀلي ڀَت آهي ته ان جي پُٺيان ڪير هو يا آهي. ڇاڪاڻ جيئن عمران خان نواز شريف لاءِ چور چور واري باهھ ٻاري کيس گهر ڀيڙو ڪيو، ساڳيو رويو نواز شريف پيپلز پارٽي خلاف وڏن جي پُٺڀرائي سان روا رکي چڪو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو نواز شريف عمران خان بدران کيس آڻيندڙن سان ئي لڳاتار مخاطب رهيو آهي.
هاڻ جڏهن اسٽيبلشمينٽ پاڻ کي في الحال پاسي تي رکي، نواز شريف کي سرچاءُ جو سنيهو ڏنو آهي ۽ عمران خان پلاند واري پِڙ ۾ اڪيلو بيٺل آهي، تڏھن ان تڪرار ۾ اڳي پوءِ عمراني ٽولي جي شڪست اڻ ٽر سمجهڻ گهرجي. عمران خان ڇا ڪندو آخر؟ وڌ ۾ وڌ شهباز شريف جون ضمانتون رد ٿينديون يا وري ڪنهن فائل جي جانچ بهاني ايف آئي اي وٽ مهمان ٿيندو ٻيو ڇا!! پر انهي ڪارروائي جو جيڪو فائدو نواز ليگ کي ٿيندو، تنهن جي ڪَٿ ڪرڻ جي عمران خان ۾ صلاحيت ئي ناهي.
اهو هيئن ته پنجاب جي سياسي نبض جا ڄاڻو ٻُڌائين ٿا ته عمراني ٽولي هيستائين نواز شريف سان جيڪو ڪجهھ ڪيو آهي، تنهن سان ميان صاحب لاءِ سياسي حمايت ۽ همدردي ۾ هن وقت تمام وڏو اُڀار آهي ۽ هاڻ جڏھن اليڪشن ۾ باقي ڪو سال سوا وڃي بچيو آهي، تنهن ۾ به عمراني ٽولي ملڪ کي باهھ جيان وڪوڙي ويل مهانگائي تي ڌيان ڏيڻ بدران سموري توانائي نواز ليگ سان جهيڙڻ تي سيڙائي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته عمران خان جو در سياست ۾ سدائين لاءِ بند سمجهو.
اهو هيئن ته جيڪڏھن شهباز شريف اندر ٿو ٿئي ته ان جي جاءِ تي مريم نواز سامهون ايندي ۽ پنجاب ۾ نواز ليگ جو حمايتي هُجوم ڪٺي ڪرڻ ۾ مريم آزمائجي ڪڏهوڪو ڪاميابي ٿي چڪي آهي ۽ مريم نواز جو لهجو عمران لاءِ شهباز شريف کان سئو ڀيرا وڌيڪ سخت ۽ ماڻهن کي متاثر ڪندڙ آهي. ته پوءِ ڇا عمراني سرڪار مريم نواز کي به جيل ڀيڙو ڪندي؟ ان جو جواب ٺُپ نه ۾ آهي. مريم نواز کي اسٽيبلشمينٽ هاڻ هٿ به لائڻ ڪونه ڏيندي.
ته پوءِ ٿيندو ڇا؟ ٿيندو اهو جو شهباز شريف جون ضمانتون ٻيهر ٿي وينديون ۽ ان وچ ۾ مريم نواز جيڪا عمران خان خلاف مهم هلائيندي، تنهن ۾ يار جا ڪم ئي لهي ويندا. ان سموري تڪراري مُدي جو آخري نتيجو اهو نڪرندو جو ملڪي تاريخ جي ڳٺ جوڙ واري پُراڻي ۽ اصل ڳوٺ جا ڳوٺائي يعني اسٽيبلشمينٽ ۽ نواز ليگ ٻيهر پاڻ ۾ کنڊ کير ٿي ويندا ۽ ڪپتان خان ڪياڙي کنهيندو، روانو ٿيندو ان گهر ڏانهن، جنهن گهر جي ڀاتين رات پيٽ ۾ بني گالا جا ڪاغذ پٽ تيار ڪري عمران خان کي ان نياپي سان موڪلي ڏنا هئا ته ڀل جو هُو پاڻ کڻي بي وڙو ٿي پيو آهي پر جي موٽڻ چاهي ته موٽي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button