چونڊون اڃان گهڻو پري آهن پر پوءِ به سنڌ جي سياسي فضا ۾ نفرت جو دونهون ڀرڻ جي لاءِ جيڪي باهه ڏيندڙ ۽ باهه ڏياريندڙ پريس ڪانفرنسون ڪيون پيون وڃن، ان جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ هڪ ته تمام گهڻي وقت کان وٺي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ پاڻ ۾ ويجهو ٿيا آهن پر اها ويجهڙائي انهن ڌرين کي نه ٿي وڻي، جيڪي ڌريون سدائين نفرت جي سياست ڪنديون رهيون آهن. جن جو اصول ئي اهو رهيو آهي ته ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ ڇا سياست جي طرف محبت جو ڪوئي رتو وڃڻ ممڪن ناهي؟
اسان تاريخ مان آخر ڇو ٿا سکون؟ گذريل ڏينهن ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي تاريخ جو اهو افسوس پنهنجو پاڻ کي اظهاري رهيو هو، جڏهن اسان جو ملڪ سازشن ۽ نفرتن سبب ٻه ٽڪر ٿي ويو. اهو تمام برو ٿيو. اسان هن مهل تائين تاريخ مان سکي نه سگهيا آهيون ته جڏهن به ڪو دشمن رشتن ۽ ناتن ۾ نفرت جو بارود وڇائي ته اسان جو فرض ان بارود کي باهه لڳائڻ نه پر ان بارود کي بيڪار بڻائڻ آهي. ڪالهه جيڪو ڪجهه به بنگلاديش جي حوالي سان ٿيو، اهو اسان جي سبق سکڻ لاءِ ڪافي هجڻ گهرجي. ڇو ته اسان ايترو مهانگو سبق بار بار نه ٿا حاصل ڪري سگهون. اسان کي سکڻ گهرجي ۽ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته تاريخ جا منفي پاسا نه ورجايون پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جا نادان سياستدان سدائين شارٽ ڪٽ تي هريل رهيا آهن. انهن جي ڪوشش رهي آهي ته تڪڙي ڪاميابيءَ جي لاءِ ڪو ننڍو رستو تلاش ڪجي. محبت جي واٽ وڏي هوندي آهي پر نفرت جو رستو ننڍو هوندو آهي. ان ڪري بار بار نفرت جا تير اڇلائي اسان جي سيني کي گهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
اسان آخر ڇو وساري ويٺا آهيون ته اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۽ هاڻوڪي بنگلاديش ۾ به هڪڙا شرارتي ماڻهو هئا، جيڪي بنگالين جي عزت نفس کي مجروح ڪرڻ کان وٺي هر اها حرڪت ڪندا هئا، جنهن حرڪت سبب بنگالي عوام کي اهو احساس ٿئي ته انهن پاڪستان ۾ شامل ٿي ڪا وڏي غلطي ڪئي آهي. جڏهن بنگالي عوام کي ستائڻ ۽ انهن جا جائز حق به انهن کي نه ڏيڻ جا سمورا بندوبست ڪايا ويا ته پوءِ بنگالي عوام وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه بچيو ته انهن کي پنهنجي ملڪ کان الڳ ٿيڻو پيو. پنهنجي ملڪ کان ڪير الڳ ٿيندو آهي؟
اهو تاريخ جو ڪٺن فيصلو هو پر ان فيصلي جي سلسلي ۾ جيڪا به جنهن ماڻهوءَ جي هٿ ۾ سياسي سگهه هئي، ان اها استعمال ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان وقت مثبت ماڻهو گهٽ ۽ منفي ماڻهو گهڻا هئا. ان ڪري بنگلاديش جو سانحو اسان جي مقدر جو حصو بڻجي ويو. جيڪڏهن اسان هوش مان ڪم وٺون ها ۽ اسان جي پاسي سياسي دنيا جا سياڻا، سچا ۽ سيبتا ماڻهو هجن ها ته اهو غلط ڪم ڪڏهن به ٿي نه سگهي ها. پر تاريخ ڪڏهن ڪڏهن تمام گهڻا تلخ سبق سيکارڻ جي موڊ ۾ هوندي آهي. اسان جي حصي ۾ تاريخ جو تمام تلخ سبق آيو ۽ اهو ڪجهه ٿيو، جيڪو ڪجهه نه ٿيڻ کپندو هو پر جيڪو ڪجهه به ٿيو، اهو اڄ اسان جي آڏو آهي. اڄ اسان ان کي واپس ورائي ته نه ٿا سگهون پر گهٽ ۾ گهٽ ان مان سکي ته سگهون ٿا. اسان جي دورانديش ۽ داناهه ماڻهن اسان کي سدائين اها تلقين ڪئي ته اسان تاريخ مان ڪجهه نه ڪجهه سکون پر اسان پنهنجي حوالي سان ايترا ته هٺيلا ٿي چڪا آهيون جو اسان کي ڪنهن جي به پرواهه محسوس نه ٿي ٿئي. جيڪي ماڻهو ان قسم جي روش رکندا آهن، انهن لاءِ عام طور تي اهي لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن ته ”هو انڌ جي گهوڙي تي سوار“ آهن. اسان تاريخ ۾ تمام گهڻا ڀيرا ڏٺو آهي ۽ اهو اسان نه صرف پنهنجي ملڪ پر جڳ جهان جي تاريخ ۾ ڏٺو آهي ته جڏهن ڪو تمام وڏو موڙ ايندو آهي ته قومون ۽ انهن جي قيادت انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي ويندي آهي. ڇا ٻين جنگ عظيم کان اڳ ۾ پوري جرمن قوم هٽلر جي قيادت ۾ انڌ جي گهوڙي تي سوار نه هئي؟ ڇا ايترن گهڻن يهودين کي جنهن ڀيانڪ طريقي سان قتل ڪيو ويو اهو سڀ تاريخ ڪنهن به طرح سان فراموش ڪري سگهي ٿي؟ اسان کي تاريخ جي آڏو سدائين اکين ٻوٽ رويا نظر آيا آهن. اهي رويا جيڪي بنگلاديش جي تمام تلخ واقعي جو سبب بڻيا، اڄ اهي رويا وري ڪا نئين معنيٰ ماڻڻ جي لاءِ تياري ڪري رهيا آهن. اسان کي انهن روين جي ردعملن کان هوشيار رهڻو پوندو. جيڪڏهن اسان اهو ڪجهه نه ڪيو ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. تاريخ اسان کي بار بار اهو موقعو نه ڏيندي ته اسان پنهنجي چال کي بهتر بڻايون ۽ اهو ڪجهه سکون، جيڪو ڪجهه سکڻ گهرجي.
سياسي تاريخ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪو به ان نتيجي تي پهچي سگهي ٿو ته اسان وٽ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو پنهنجي خصيص ۽ معمولي مفاد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٿي رهيو آهي پر اسان جي انهن واپاري صفت ماڻهن کي معلوم ناهي ته عام ماڻهوءَ کي ان جو ڪيترو نه نقصان پوي ٿو ۽ هو ان جي ڪيتري نه وڏي قيمت ڀري ٿو. جڏهن به عوام ۾ ويڇا وڌا ويندا آهن، تڏهن نتيجا تلخ نڪرندا آهن. اسان اهو ڪجهه ڪالهه به ڏٺو ۽ اهو اسان اڄ به ڏسي رهيا آهن. جيڪڏهن اسان بنگلاديش جي سانحي مان سبق سکيو هجي ها ته اڄ پاڪستان ۾ صوبائي ڇڪتاڻ جو نالو نشان نه هجي ها ۽ نه رڳو وفاق ۾ انصاف جو جهنڊو جهولندو هجي ها پر صوبن جي اندر ۾ ڪا ڇڪتاڻ ۽ ڪنهن به قسم جي بيچيني نه هجي ها پر اسان ڪڏهن به وڏي کان وڏي واقعي مان ننڍي کان ننڍو سبق به نه سکيو آهي. ان ڪري اسان سدائين نقصان ۾ رهيا آهيون ۽ هن ڀيري به اسان پنهنجا پير نه جهليا ته تاريخ جي وڏي کاهي اسان جي منتظر آهي ۽ اسان کي تاريخ هن ڀيري شايد پڇتاءَ جو موقعو به فراهم نه ڪري. ڇو ته تاريخ سدائين انسانن کي ايتري گهڻي رعايت نه ڏيندي آهي. اسان جي مٿان اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته اسان تاريخ جي هن موڙ تي ماضيءَ مان سکون ۽ پاڻ کي سڌاريون.
اهي احساس ۽ جذبات جيڪي مون مٿي پيش ڪيا آهن، انهن مون کي پنهنجي طرف ان ڪري ڇڪيو جو مون ڪجهه ڏينهن کان وٺي محسوس ٿي ڪيو ته چونڊن ۾ پنهنجي پنهنجي آباديءَ کان ووٽ کڻڻ جي لاءِ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جون اڪثر شڪليون، هڪ ٻئي جي مٿان طعنا ۽ طنزن جا تير هلائي رهيون آهن. انهن کي اهو ته معلوم آهي ته ان قسم جي بيانن کان پوءِ جڏهن هو گڏيل پارٽين ۾ ملندا ته انهن جا پاڻ ۾ تعلقات تمام گهڻا قربت وارا هوندا پر هو اها ڳالهه سمجهڻ جي لاءِ تيار ناهن ته جڏهن اردو ۽ سنڌي آبادين جا عام ماڻهو پاڻ ۾ اجايو بحث ڪندا ته انهن جي وچ ۾ جيڪي نفرت جا ويڇا پيدا ٿيندا، انهن جو کين تمام گهڻو نقصان ٿيندو.
لساني ۽ ٻوليءَ جي فرق تي سياست ڪندڙ سازشي ماڻهو ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هٿ پير هڻي ڪا نه ڪا پوزيشن حاصل ڪري به وٺن ٿا پر سوال اهو آهي ته اسان جي عام ماڻهوءَ کي ان عمل مان نقصان جي بدران آخر ٻيو ڇا ٿو پلئه پوي؟ اسان اڄ به جنهن موڙ تان گذري رهيا آهيون، ان ۾ نه رڳو ماضي بعيد پر ماضي قريب جا به جيڪي واقعا ٿي گذريا آهن ۽ انهن ۾ جيڪا به رتوڇاڻ ٿي آهي، ان جا هيٺ عوام کي تمام گهڻا نقصان پيا آهن ۽ اسان اڃان تائين هڪڙن نقصانن جون قسطون به ادا نه ڪيون آهن ته مٿان ٻين نقصانن جا حساب ڪتاب تيار ٿي رهيا آهن.
سنڌ جا شهر ۽ خاص طور تي ڪراچي مس مس وڃي سک جو ساهه کنيو آهي پر نفرت جي سياست ڪندڙ هن مهل به ٻنهي طرفن کان جيڪي چوچڙيون ڏئي رهيا آهن، انهن جو مقصد باهه جو ڀنڀٽ مچائڻ آهي. اسان جي بدعقل ۽ بدنيت سياستدانن کي اهو معلوم ناهي ته اها نفرت جي باهه تمام گهڻو ڪجهه ساڙي ڇڏيندي. ان ڪري ان مان بچڻ لازمي آهي. اسان کي هاڻي به پنهنجي پير روڪڻ گهرجن ۽ انهن ماڻهن جي مخالفت ڪرڻ گهرجي، جيڪي ماڻهن کي شهرن ۽ ڳوٺن توڙي سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ جي فرق سان ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهن ماڻهن جي منصوبن کي ناڪام ڪرڻ ئي اسان جو اولين فرض هجڻ گهرجي. ڇا اسان ان عظيم ڪم جي لاءِ پاڻ کي ذهني طور تي تيار ڪيو آهي؟
تاريخ ۾ هڪ وقت اهڙو به هو جڏهن ادب ۾ ايتري طاقت هوندي هئي ته اهو ماڻهن جي وچ ۾ پيدا ٿيل فاصلا ۽ وٿيون ختم ڪري انهن کي پاڻ ۾ ويجهو ڪندو هو پر هڪ ته هاڻي ان پائي جو ادب پيدا نه ٿو ٿئي ۽ ٻيو ته هاڻي ميڊيم به تبديل ٿي ويو آهي پر سياست هن مهل به ان سگهه جي مالڪ آهي ته اها ڪجهه به ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ اسان کي اهو خوف آهي ۽ اهو خوف هٿرادو نه پر حقيقي آهي ته پنهنجي جيري جي مفاد لاءِ اها تنگ نظر ۽ تعصبي سياست عوامي مفاد جي ٻڪري ڪهي سگهي ٿي. ان ڪري اسان کي ڀرپور طرح سان ان نفرت جي ڪوشش کي ناڪام ڪرڻ لاءِ پنهنجي حصي جو عمل ڪرڻو پوندو ۽ اهو ڪجهه ڪري ڏيکارڻو پوندو، جنهن سان نه رڳو سنڌ جو عوام سک ۽ امن سان رهي پر اهو پنهنجا صوبائي حق به وٺي. اهو صرف ان صورت ۾ ممڪن آهي، جنهن صورت ۾ عوام ڪنهن جي به منفي چڪر ۾ نه اچي. سنڌ جي سياست ۾ ماکيءَ جي بدران زهر ملائڻ وارن جا چهرا بي نقاب ٿيڻ گهرجن ۽ انهن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ عوام پنهنجي ڀرپور انداز سان اڳتي اچي ته جيئن عوام جي جهوليءَ ۾ امن ۽ تاريخي سوڀ پئجي سگهي.