ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۽ دبئي: عوامي ڀلائيءَ لاءِ راضي

Editorial-Article- Mohammad Khan Siyal

سنڌ جي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ، سنڌ جا دبئيءَ سان ھڪراءِ ٿيڻ جا تفصيل ميڊيا ڇاپيا آھن. منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب ظاھري طرح ائين لڳي ٿو ته سنڌ ۽ دبئيءَ (گڏيل عرب رياستن) جي انھيءَ فيصلي مان سنڌ جي عوام کي ضرور فائدو پھچندو. سنڌ طرفان ٺاهه جي انھيءَ ڪري به وڏي اھميت آھي جو وفاقي سرڪار جو گذريل چئن ورھين کان سنڌ ڏانھن رويو، زوردار اعتراض ۽ نفرت جوڳو رھيو آھي. ھونئن به ڏسجي ته وفاقي سرڪار سڄي ملڪ ۾ ڪو خاص سڌارو ڪونه آندو آھي ۽ نه ئي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪي هاڪاري اپاءَ ورتا آھن، اٽلندو بار بار ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آڻي ۽ وڏي انگ ۾ عوام کي بيروزگار ڪري ڪروڙن ماڻھن جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آھي ۽ اھو سلسلو چوٿين ورھيه جي حڪمرانيءَ دوران اڃا به جاري آھي جيڪا دکدائڪ ڳالهه آھي. جيستائين سنڌ جو واسطو آھي ته وفاقي سرڪار جي بيانن توڙي رويي مان اھا ڳالھه چٽيءَ ريت ظاھر آھي ته سندن اصل مقصد سنڌ جي عوام جي کل لاھيڻي آھي. اھا ٻي ڳالهھ آھي ته وفاقي سرڪار تازو سنڌ ۾ ڀلائيءَ لاءِ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جي خبر ميڊيا ۾ به ڏني آھي پر اھا سچائي آھي ته کين سڄي سنڌ جي ڀلائيءَ جو ٽڪو به آسرو ڪونھي. ائين لڳي ٿو ته وفاقي سرڪار وارا خاناپري ڪرڻ لاءِ اھڙا بيان ڏيندا رھندا آھن. نه رڳو ايترو پر کين ٿوري گهڻي ھمدردي، ڪراچيءَ لاءِ ڏيکاءُ جهڙي آھي پر سڄي سنڌ سان ھرگز ڪونہي. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته وفاق کي وڏي آمدني ڏيندڙ سڄي سنڌ کي ترقيءَ لاءِ اھميت نه ڏيڻ ۽ سنڌ سان لاڳيتي ناانصافيءَ وارو رويو اختيار ڪرڻ کليو کلايو ظلم آھي.
ھاڻ اچو ته دبئيءَ سان ٿيل “مفاھمتي ياداشت” واري ٺاهه تي وڌيڪ سوچجي. خبر موجب، سنڌ انويسٽمنٽ ڪانفرنس، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ھيٺ سنڌ ۾ پاڻي ۽ بجليءَ سميت ڇھن اھم رٿائن تي “مفاھمتي ياداشت” ھيٺ صحيحون ڪيون ويون آھن. خبر ۾ اھو به ڄاڻايو ويو آھي ته دبئي ھوٽل ۾ سنڌ جي انتظام ھيٺ ٿيل سنڌ انويسٽمنٽ ڪانفرنس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پ پ پ) جي چيئرمن بلاول ڀُٽي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين به بھرو ورتو. گڏيل عرب رياستن (يو ايِ اي) جي شاھي خاندان جو سينيئر ميمبر ۽ وزير، شيخ نھيان بن مبارڪ النھيان به بھرو ورتو.
بھرحال وفاقي سرڪار طرفان سڄي سنڌ کي اھميت نه ڏيڻ باوجود سنڌ سرڪار دبئي سان سمجهداريءَ وارن ٺاھن تي صحيحون ڪيون آھن. جيڪو سنڌ سرڪار جو مکيه ڪارنامو آھي. ھتي ھڪ سمجهاڻي ڏيڻ ضروري آھي ته پاڪستان جا صوبا، ڌارين ملڪن سان ڪجھه بنيادي شرطن تي سڌي ريت ٺاهه ڪري سگهن ٿا، اھا سچائي آھي، منھنجي سوچ موجب سنڌ سرڪار جون چين سان به اڳ ۾ اھڙي “مفاھمتي ياداشت” وارو ٺاهه ٿيل آھي.
انھيءَ سلسلي ۾ بلاول ڀُٽي زرداريءَ جو بيان به ميڊيا ۾ ڇپيو آھي. سندس چواڻي: “اڄوڪي اجلاس جي ھن ڪانفرنس ۾ ايڏي وڏي انگ ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب رياستن جو بھرو ڏسي، مان انھيءَ ڳالھه تي پر اميد ٿي ويو آھيان ته اسان گڏجي پاڪستان ۾ اقتصادي ڀلائيءَ لاءِ پنھنجو ڪردار سُٺي طريقي سان ادا ڪنداسون. چيئرمن پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽي زرداريءَ جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سنڌ ۾ اقتصادي سرگرمين کي زور وٺرائڻ لاءِ اسان جو ڊگهو رڪارڊ موجود آھي. اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي سنڌو درياءَ تي سڀ کان وڏي پل ٺاھي آھي ۽ ھاڻي پنھنجو رڪارڊ ٽوڙيندي سنڌو درياءَ تي نئين سڀ کان وڏي پل ٺاھڻ جي رٿا به تيار ڪري رھيا آھيون. اسان چاھيون ٿا ته ڪاروباري برادري، سنڌ جي الڳ اسٽرڪچر کي بھتر بڻائڻ لاءِ سيڙپ ڪري. اسان به وفاق کان پنھنجن وسيلن جو حصي ملڻ جي انتظار ۾ آھيون، تنھنڪري اسان جون نظرون سنڌ جي ترقيءَ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي ٻڌل آھن. بلاول ڀٽي زرداريءَ جو اھو به چوڻ ھو ته اڄ سنڌ انويسٽمنٽ ڪانفرنس جن گڏيل يادداشتن تي صحيون ڪيون آھن، انھيءَ ذريعي پاڻي، راند ۽ توانائيءَ جي رٿن جي شروعات ٿي ويندي. اھي رٿائون ترقيءَ سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا به ڏينديون جيڪي اسان جي منشور جو سدائين حصو رھيون آھن.
ڪانفرنس ۾ گڏيل عرب رياستن جي پرڏيھي واپار جي نائب وزير ڊاڪٽر ٿاني بن احمد الرزيودي به بھرو ورتو. انھيءَ موقعي تي شريڪ ٿيندڙن سنڌ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ڪاميابي ۽ سنڌ ۾ ڪاروبار جا بھتر موقعا ڏيڻ سان گڏوگڏ دھابي اسپيشل اڪنامڪ زون، ٽيڪنالاجي پارڪ، ايجوڪيشن سٽي ۽ ھائيڊروجن پراڊڪٽس بيس جي موضوعن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.
بلاول ڀٽي زرداري سنڌ جي فائدي لاءِ بھتر قدم کنيا آھن ۽ گڏيل عرب رياستن کان انھيءَ سلسلي ۾ مدد به ورتي آھي. ھونئن به گڏيل عرب رياستون پاڪستان جي ويجهو اسلامي عرب ملڪ آھي يعني جھاز ۾ ڪراچيءَ کان اسلام آباد وڃبو ۽ ڪراچيءَ کان دبئي وڃبو ته دبئي، اسلام آباد کان ويجهو ھئڻ ڪري، اڳ پھچي وڃبو. ھونئن به گڏيل عرب رياستن سان پاڪستان جي لاڳاپن جو ڊگهو سلسلو جاري رھيو آھي. ان سان سھڪار جون، ٻيئي ڌريون آجيان ڪنديون آھن. بھرحال، پاڪستان کي ھونئن به گڏيل عرب رياستن جي مدد جي ضرورت آھي.
مون کي ياد آھي ته مان ريڊيو پاڪستان، سنڌي نيوز ڪراچيءَ ۾ جنرل يحى خان جي دور کان باقاعدي ملازم ھئس ته انھن ڏينھن ۾ اسان ريڊيو تان خبر ھلائي ھئي ته ست آزاد رياستن گڏجي گڏيل عرب رياستن (يو ايَ اي) جو نئون ملڪ ٺاھيو آھي. مان گڏيل عرب رياستون ملڪ گھمڻ ويو آھيان جيڪو مون کي پسند آيو. ھاڻي ته گڏيل عرب رياستون امير ملڪ بڻجي ويو آھي. گهڻا سال اڳ، وٽن پيسن جي کوٽ ھوندي ھئي ته دبئي حڪومت، سنڌين (ڀارت ۾ رھندڙ) کان پيسا وٺندا ھئا پر ھاڻي صورتحال مختلف آھي. انھن وڏي ترقي ڪئي آھي. مان پي آءِ اي جو پي آر او ھئس. مون کي ياد آھي ته اتان جي ھڪ عرب ملڪ قطر لاھور، وغيره لاءِ فلائيٽون ھلائڻ جي اجازت گهري ھئي سو پي آءِ اي وارن کيس ڪونه ڏني ۽ اٽلندو يو اي اي کي رٿ ڏني ته پنھنجي الڳ ايئرلائين ٺاھيو ۽ انھيءَ سلسلي ۾ پاڪستان کين پنھنجا ٻه جھاز ڏنا ۽ سھڪار ڪيو پر انھن جي امارات ايئرلائينز اڳتي ھلي سڄي دنيا ۾ زوردار ڪاميابي حاصل ڪري رھي آھي. ھاڻي ته انھيءَ ايئرلائين جو نالو وڏو آھي جو ڪراچيءَ لاءِ ھڪ ڏينھن ۾ چار چار فلائيٽون به ھلائيندا رھيا آھن ۽ ويچاري بيمار پي آءِ اي انھن لاءِ ڏھاڙي ھڪ به رٿيل فلائيٽ باقاعدي ھلائي نه سگهندي آھي.
بھرحال، پ پ پ جي سربراهه بلاول ڀٽي زرداريءَ گڏيل عرب رياستن سان جيڪو ٺاهه ڪيو آھي سو درست ۽ وقتائتو آھي. اسان سڀني کي سنڌ جي مفاد خاطر، انھن فيصلن جي واکاڻ ڪرڻ گهرجي ۽ انھن ذھني مريضن وانگيان نه ٿيڻ گهرجي جيڪي پاڻ کي سنڌ جو ته اڪيلو خيرخواهه سڏائيندا آھن پر عمران سرڪار جي چئن ورھين کان سنڌ خلاف کليو کلايو رويي تي اکر به ڪونه ڪڇندا آھن ۽ پ پ پ تي جائز تنقيد بدران کين گاريون ڏيندا رھندا آھن.
اچو تہ سڀ گڏجي اميد ڪريون ته سنڌ سرڪار جو دبئي (گڏيل عرب رياستون) سان تازو ٿيل ٺاهه اڳتي ھلي سنڌ جي عوام لاءِ فائدي ۽ ترقيءَ وارو ثابت ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button