ملڪ جي سياست به ڪنهن مسڪين جو گهر بڻجي وئي آهي. هڪ اهڙو گهر، جنهن ۾ سياري جي اس به ليئو نه ٿي پائي. جنهن ۾ سج لٿي، چلهه ۾ باهه گرميءَ جو گيت نه ٿي ڳائي. ڇا فطرت جي موسم سياست جي مزاج تي سڌو سنئون اثر ڪري رهي آهي؟
اڳ ته اهو ڪو نه هو. اڳ ۾ ته موسم جو سياست سان اڻ سڌو تعلق هوندو هو. جڏهن ملڪ ۾ گرمي ايندي هئي ته سياست سرد ٿي ويندي هئي. جڏهن سردي ايندي هئي ته سياست گرم ٿي ويندي هئي. سياست جي موسم سان اها ابتي نسبت آخر ڇو ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي؟ ڇا ان جو سبب اهو آهي ته سياست ۾ اها عوامي سچائي باقي نه بچي آهي، جنهن جي تذڪري سان تاريخ ڀري پئي آهي. سياست کي اهو غيرعوامي ۽ غلط قسم جو روڳ ڪيئن لڳو؟ پاڪستان جهڙن ملڪن جي حالت ته تمام بري آهي، پر جن ملڪن ڪڏهن ڇٽ پٽ سان لڳايا ها. جن ملڪن ڪڏهن تاريخ جي ڌارا کي موڙي تاريخ جي هڪ الڳ ۽ منفرد تصوير پسائي هئي، هاڻي اهي ملڪ به سياسي طور تي سطحي بڻجي ويا آهن.
ڇا اهو سرمائيداريءَ جي سگهه جو نتيجو آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي به ته ڇا سرمائيداريءَ جو اهو ڏوهه انهن ذهنن کي ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي، جيڪي شين جي حقيقت کي سمجهن ٿا؟ اسان هن مهل ارتقاءَ جي جنهن لاهيءَ تان لنگهي رهيا آهيون، ان جو اڳيون موڙ ڪهڙو هوندو؟ ڇا هن حال کان وڌيڪ وائڙو ۽ افسوس جوڳو هوندو؟ ڇا دنيا ۾ هاڻي بنيادي تبديلين جو باب بند ٿي ويو آهي؟ جيڪڏهن ائين ٿي به ويو آهي ته اها سچائي ثبوتن سميت پيش ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟ جيڪڏهن هاڻي “چمن ۾ آتش رنگ بهار” جي موسم نه ايندي ۽ فطري طور تي اها اچڻي ئي ناهي ته گهٽ ۾ گهٽ عقل ۽ علم وارا ان جو آفيشل اعلان ته ڪن. اسان ته هن مهل تائين دل جي اکين سان ان دڳ طرف تڪي رهيا آهيون، جتان اسان کي تبديليءَ جو ٻرندڙ سج اڀرڻ جي اميد ڏياري وئي هئي. اسان جو مطلب هن دنيا جا اهي ڪجهه ديوانا، جن کي هن مهل تائين اقتداري سياست جي دهشت ايترو نه موهيو آهي ته اهي آصف زرداريءَ کي سٺيون صلاحون ڏين ۽ مريم نواز جي لباس تي موهجي ان جي ڪشش جا پاڪستان جي سياست تي پوندڙ مثبت اثر سوچين. هو هن مهل به طبقاتي سماجن ۾ موجود تضادن مان ڪنهن وڏي تبديليءَ جي اميد رکي رهيا آهن. هو جيڪي سوچين ٿا ته تاريخ جي نبض ڪڏهن به رڪجي نه ٿي سگهي. اها ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پنهنجو آغاز ڪندي. تاريخ جي سلسلي ۾ تبديليءَ جي تقاضا رکندڙ دوست هن مهل تائين دريده دامن آهن. هو سوچي رهيا آهن ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هي ماٺ جو طلسم ٽٽندو ۽ اهو سج اوس ڦٽندو، جنهن جي ڪرڻن ۾ اها ڪيميا هوندي، جيڪا ڪوڙ کي جلائي رک ڪري ڇڏيندي. جيڪڏهن هاڻي اهڙي ڪا تبديلي نه اچڻي آهي. جيڪڏهن هاڻي ڪا باک نئه موهن تي نه نچڻي آهي ته ان جو به ڪو علمي ادبي ۽ فڪري اظهار ته ڪيو وڃي. اسان آخر بنا اطلاع جي ڪيئن سمجهون ته تاريخ پنهنجي موت پاڻ مري وئي آهي!!؟
پاڪستان ۾ سوشلسٽ انقلاب ڀلي ڪنهن ديواني ۽ پوليٽيڪل پاگل جو خواب سمجهيو وڃي پر گهٽ ۾ گهٽ ڍنگ جي حڪومت ته هر ملڪ جي عوام جو بنيادي حق آهي. ڀلي غيرطبقاتي انقلاب جا بغل نه وڄن ۽ تاريخ جي ميدان تي عظيم تماشا نه ٿين. ڀلي غاصبن ۽ غدارن جي مٿان عوامي عدالتن ۾ ڪيس نه هلن. ڀلي نوان قانون ۽ نوان آئين وجود ۾ نه اچن. ڀلي جيلن جا در ائين نه کلن جيئن پکين جا پڃرا کلندا آهن. پر جيڪڏهن هو چون ٿا ته هيءَ جهڙي تهڙي جمهوريت آهي ته گهٽ ۾ گهٽ جهڙي تهڙي ئي سهي پر اهڙو نظام ته هجي، جنهن مان جمهوريت جي ڪا هلڪي ڦلڪي خوشبو اچي. هن بدبو مردار نظام مان ته جيڪا بدبو اٿي رهي آهي، اها ته هاڻي برداشت کان ٻاهر آهي. پر چون ٿا ته انسان عادي ٿي ويندو آهي. هيءَ حڪومت به اهو چوي ٿي ته “هڪ طرف ملڪ ۾ مهانگائي وڌي آهي ۽ ٻي طرف ماڻهن جي قوت خريد ۾ اضافو ٿيو آهي” اهو ڪجهه ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ڇا اهو ممڪن آهي ته مهانگائي به هجي ۽ غريب ماڻهو شاپنگ جو شوق به پورو ڪري سگهن!!؟
پاڪستان جي سياست ۾ جيڪو نااميديءَ ۽ مايوسيءَ جو وڌندڙ پهلو آهي، تنهن جي تشريح ته مسلسل ٿي رهي آهي پر ان مرض جو علاج ڪرڻ جي طرف ڪوئي به ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي. صرف دٻيل لفظن ۾ اهو چيو وڃي ٿو ته هي مرض لاعلاج آهي. جيڪڏهن هي مرض لاعلاج آهي ته پوءِ آخر ان مسئلي جو حل ڪهڙو آهي، جنهن مسئلي مان اسان جي معاشري جا هزارين مسئلا ڦٽي نڪرن ٿا؟
ملڪ جي سياست هڪ اهڙي نديءَ جيان نظر اچي ٿي، جيڪا مسلسل سڪي رهي آهي ۽ ان جي ڪنارن تي آباد دنيا جي ويرانيءَ ۾ تيزيءَ سان اضافو اچي رهيو آهي. اسان کي تاريخ اهو سمجهايو آهي ته تهذيبن جو بنياد درياهن جي ڪنارن تي پيو آهي ۽ اسان کي تاريخ اهو به سمجهايو آهي ته جڏهن درياهه رخ ڦيري ويندا هئا ۽ جڏهن لهرون تهذيبن جي آبياري ڪرڻ جي حالت ۾ نه رهنديون هيون ته آباد کيتن جهڙيون تهذيبون تباهه ۽ برباد ٿي وينديون هيون. هن وقت پاڪستان جي سياسي تهذيب جي مٿان جيڪو ڪرپشن، ڪوڙ ۽ عوام دشمنيءَ جو حملو آهي، ان کي جهڙي طرح آهستي آهستي قانوني پوزيشن حال ٿي رهي آهي، ان مان اهو امڪان به پيدا ٿيڻ شروع ٿيو آهي ته سياست کي قانوني طور تي منع ڪيو ويندو ته اها تاريخي تبديليءَ جي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڏئي ۽ نه صرف اها سوچڻ ڇڏي ڏئي پر اهو به ذهن نشين ڪري ڇڏي ته اهڙو عمل عالمي سطح تي ناممڪن آهي. ان ڪري ان جي باري ۾ سوچڻ هڪ غلط ڪم جي باري ۾ سوچي، پاڻ کي منفيت طرف راغب ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي. اسان جنهن جهيڻي طرح سان سياسي زوال جي طرف وڃي رهيا هئاسين، ان ۾ اڀار جون اميدون گهٽجي رهيون آهن. انهن جو آخر ڪارڻ ڪهڙو آهي ته عوام جو سياست مان ويساهه ختم ٿي رهيو آهي؟
عوام سياست کي چورن، چالاڪن ۽ ٺڳن جو راڄ سمجهي ائين رسي وڃي رهيو آهي، جيئن ڪانگن جي زيادتين کان زوريءَ تنگ اچي هنج پکي روهه جو رخ ڪندا آهن. عوام کان سواءِ سياست سدائين هڪ ٺڳيءَ جو ٺاهه هوندي آهي. عوام کان سواءِ سياست سازش جو سلسلو هوندي آهي. عوام کان سواءِ سياست ڪڏهن به جمهوري مزاج اپنائي نه سگهندي آهي. عوام کان سواءِ سياست مان ڪنهن به صورت ۾ چڱائيءَ جي اميد رکڻ هڪ اجايو عمل آهي. عوام جي ڀرپور شرڪت ئي سياست کي پاڪ ۽ صاف بڻائي ٿي. جنهن عمل ۾ عوام شامل نه هجي، اهو عمل عوام دوست ٿي نه ٿو سگهي. اسان کي ته جمهوريت جي جيڪا مغربي معنيٰ ٻڌائي وئي آهي، اها به ڪجهه ان ريت آهي ته جنهن سياست ۾ عوام ناهي، اها سٺي سياست ته ڇا پر سياست ئي ناهي.
غيرعوامي سياست جو غبار هر ڏينهن گذريل ڏينهن کان وڌي رهيو آهي. هاڻي ته ڪوڙ ۽ ڪرپشن جو اهو ڪوهيڙو ايترو گهڻو گهاٽو ٿي ويو آهي جو ماڻهوءَ کي اڳيون ماڻهو نظر ئي نه ٿو اچي. جڏهن سياست وٽ نظريو نه رهندو آهي، تڏهن سياست نابين ٿي ويندي آهي. نظريو هڪ اهڙي وٿ هوندو آهي، جنهن مان اونداهيءَ جي ٻي پار به نهاري سگهجي ٿو ۽ اهو ڪجهه پسي سگهجي ٿو، جيڪو ڪجهه اسان کي هن مهل تائين نه صرف نه پسايو ويو آهي ۽ اسان کان لڪايو ويو آهي پر ان کي پسڻ به تمام وڏو سياسي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي.
سياست کي سپنن کان ڪٽي، ان جو ناتو صرف ۽ صرف اڏوهي کاڌل اقتداري ڪرسيءَ سان جوڙي، جيڪو اڌ تتر ۽ اڌ ٻٽير وارو نظام جوڙيو ويو آهي، ان جي لاءِ اسان صرف اهو پڇا ٿا ڪريون ته ڇا اهو هلي به سگهندو؟ جيڪڏهن پاڪستان ۾ وڏي هنر ۽ حرفت سان پيدا ڪيل سرڪاري سياست جو سرشتو هلڻ جهڙو هجي ها ته اڄ پاڪستان جو اهڙو حشر نشر ڇو ٿئي ها؟ هونءَ ته پوري دنيا ۾ عوامي، انقلابي ۽ آدرشي سياست جي تمام وڏي کوٽ آهي پر جيڪو برو حشر اسان وٽ آهي، اهڙو ڪٿي به ڪونهي. ان جا اثر ملڪ جي عوام جي مٿان پئجي رهيا آهن ۽ عوام تمام گهڻي تڪليف محسوس ڪندي مايوسيءَ جي اوڙاهه مان پاڻ کي گذرندو ڏسي رهيو آهي. اها سياست ئي آهي، جنهن جي ڪري ماڻهو مهانگائيءَ جي مصيبت ۾ مبتلا آهن. اها سياست ئي آهي، جنهن جي ڪري پاڪستاني شهرين جي دنيا ۾ نه صرف آجيان نه ٿي ڪئي وڃي پر انهن جي ايئرپورٽن تي توهين ٿئي ٿي ۽ انهن کي ڊگهين قطارن ۾ بيٺي به ويزا نه ٿو ملي ۽ جيڪڏهن ٻاهرين ملڪن ۾ اچ وڃ ۽ رهڻ سهڻ جو حق حاصل آهي ته انهن فردن کي جن جي مٿان لٽ مار ۽ چوري جا ڪيس هلي رهيا آهن. انهن کي ته آزادي آهي ۽ سهولت به حاصل اٿن ته پنهنجي مرضيءَ سان چلن ڦرن پر عوام بنا ڪنهن ڏوهه جي ائين سوگهو آهي، جيئن بنا بجيٽ جي ٿاڻن کي هلائڻ جي لاءِ مسڪين ۽ معصوم ماڻهن کي رستن تان کنڀي کنيو ويندو آهي.
سياست ۾ عوام جي داخلا ڪهڙي ريت بند ڪئي وئي؟ ان سوال جو جواب موجود آهي. هن مهل جڏهن سياست جي سرگرميءَ ۾ عوام جي ٿوري حصي کي معمولي رقم تي گهرايو وڃي ٿو ته دراصل اهو ڪم عوام جي اڪثريت سان تمام وڏي دوکي جي برابر آهي. موجود حالتن ۾ ته اسان به عوام کان سندس سرگرم شموليت جو مطالبو ڪري نه ٿا سگهون. ڇو ته جڏهن مشهور قيادت ڪرپٽ آهي ته اها عوام جي سرگرميءَ جو تمام سستو سودو ڪندي. ان صورت ۾ عوام کي وري هڪ نئون ۽ تازو صدمو ملندو. ان حالت ۾ آخر ڇا ڪجي ۽ ڇا نه ڪجي؟