بنگلاديش جي آزاديءَ جي 50 سالا جشن جي موقعي تي واشنگٽن ڍاڪا کي اهو تحفو ڏنو ته هن کي نيم جمهوري رياست جي خاڪي ۾ وجهي، جمهوريت کي هٿي ڏيڻ بابت 9 ۽ 10 ڊسمبر تي ٿيندڙ 111 ملڪن جي ورچوئل ڪانفرنس ۾ ان کي نه رڳو دعوت ڏني بلڪه ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن آمريڪي حڪومت بنگلاديش کي نيم فوجي ريپڊ ايڪشن فورس (راب) کي 2009ع کان عدالت کان مٿانهين قتل ۽ جبري گشمدگين جي وارداتن ۾ ملوث ٿيڻ تي فرد جرم لاڳو ڪندي پابندي هڻي ڇڏي. راب جي حاضر ۽ اڳوڻن 7 سربراهن تي به آمريڪا ۾ داخلا يا انهن سان آمريڪي ادارن يا شهرين جي ڪنهن به قسم جي مالي رابطن کي روڪي ڇڏيو آهي. انهن اهلڪارن ۾ راب جي هڪ اڳوڻي سربراهه ۽ هاڻوڪي پوليس چيف بينظير احمد کي به شامل ڪيو ويو آهي.
يعني آمريڪا زميني فوج جي اڳوڻي سربراهه جنرل رٽائرڊ عزيز احمد کي به ناپسنديده شخص قرار ڏئي هن جو آمريڪي ويزو رد ڪري ڇڏيو آهي. گذريل فيبروريءَ ۾ قطري چينل الجزيره جي هڪ جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو هو ته ڪهڙي ريت زميني فوج جي سربراهه عزيز احمد قتل جي الزام ۾ قيد حارث احمد کي جيل کان ٻاهرين ملڪ فرار ڪرايو هو. جنرل عزيز کي کليل نموني پنهنجا نوازيءَ جا به الزام لڳندا رهندا آهن. آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿني بلنڪن بنگلاديش جي نيم فوجي تنظيم راب سان آمريڪي ادارن ۽ شهرين جا رابطا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته انساني حقن جي صورتحال اسان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو بنيادي محور رهندي. واضح رهي ته آمريڪا هن وقت بنگلاديش جو سڀ کان اهم واپاري ڀائيوار آهي. آمريڪا لاءِ بنگلاديش جي برآمد جو حجم 7 ارب ڊالر ساليانو آهي. ان مان 90 سيڪڙو برآمد سبيل ڪپڙن جي آهي. بنگلاديش جي ترقيءَ جي شرح گذريل ٻن ڏهاڪن کان 7 ۽ 8 ساليانو آهي. آمريڪا بنگلاديشي پوليس ۽ فوج کي تربيتي سهولتون به فراهم ڪري رهيو آهي. گذريل سال تائين افغانستان ۽ پاڪستان سوڌو انهن ٽن ايشيائي ملڪن ۾ بنگلاديش به شامل رهيو. جن کي سڀ کان وڌيڪ آمريڪي امداد ملندي رهندي آهي.
ان پسمنظر ۾ ريپڊ ايڪشن بٽالين ۽ ان جي هاڻوڪن ۽ اڳوڻن سربراهن تي پابندين جو اعلان ٻڌائي ٿو ته بائيڊن انتظاميا جي پرڏيهي پاليسي جمي ڪارٽر جي پرڏيهي پاليسي وانگر جمهوري طرز عمل ۽ بنيادي انساني حقن جي پاسداريءَ کي جاري رکندي اچي يا وري اها پابندي بنگلاديش ۽ چين جي وڌندڙ اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي ويجهڙائي تي ڪاوڙ جي علامت آهي. في الحال بنگلاديش جي ٽي طرفي پاڙيسري ڀارت کي هڪ وڏي اقتصادي منڊي هجڻ ۽ چين سان سرحدي ويجهڙائي سبب تبديل ٿيندڙ آمريڪي پاليسيءَ جي مدار مان ٻاهر رکيو ويو آهي.
انساني حقن جي سرگرم تنظيم هيومن رائيٽس واچ گذريل سال انساني حقن جي پائمالي ۽ جبري گمشدگين ۾ راب جي ڪردار تي چار رپورٽون ڇپائي چڪي آهي، پر راب جي ڊپٽي چيف ڪي ايم آزاد چوي ٿو ته “جيڪڏهن قانون تحت ڏوهاري قرار ڏنل ڪنهن ماڻهو کي ختم ڪرڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي ته پو ملڪي مفاد ۾ انساني حقن جي اهڙين ڀڃڪڙين تي اسان کي ڪا پشيماني ڪانهي.” بنگلاديش ۾ ڪرپشن جي الزامن ۾ قيد مخالف ڌر جي بيمار اڳواڻ بيگم خالده ضيا جڏهن وزيراعظم هئي ته هن امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي قابو ڪرڻ لا 2004ع ۾ گهرو وزارت ماتحت ريپڊ ايڪشن فورس قائم ڪئي هئي. شروع شروع ۾ جڏهن ڪاري وردي، ڪارو ڪن ٽوپ ۽ ڪاري چشمي واري انهي فورس غنڊن، بدمعاشن تي هٿ وڌو ته عام ماڻهن ۾ گهڻي پذيرائي ملي، هن جي 15 بٽالين 12 هزار چست ڪمانڊوز تي مشتمل آهي. جن کي ٽن هٿياربند فوجن ۽ پوليس مان چونڊيو ويو آهي. جيتوڻيڪ فورس جو سربراهه سينيئر پوليس آفيسر هوندو آهي پر مٿئين قيادت ۾ گهڻو ڪري فوجي اهلڪار آهن.
ڪنهن به اداري جي شروع وارن ڏينهن ۾ سٺي ڪارڪردگي کانپو آهستي آهستي اهو ئي ٿيندو آهي، جيڪو ٿيندو آيو آهي. جڏهن آڪٽوبر 2007ع ۾ خالده ضيا حڪومت جو خاتمو ٿيو، تيستائين ريپڊ ايڪشن فورس جي شهرت اها ٿي وئي هئي ته ان کي مخالفن کي چيڀاٽڻ لا استعمال ڪيو پيو وڃي. هيومن رائيٽس واچ موجب خالده ضيا دور ۾ راب سوين ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ لڳ ڀڳ ساڍا 3 سئو ماڻهن جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو. خالده ضيا جي قانون واري وزير مودود احمد بٽالين جو دفاع ڪندي چيو ته “ٽيڪينڪي اعتبار کان توهان راب هٿان مارجي ويلن کي عدالت کانا مٿانهان قتل چئي سگهو ٿا پر آئون انهن کي قانون سان وڙهندڙن جو موت چوڻ پسند ڪندس. بهرحال اوهين ان کي ڪهڙو به نالو ڏيو، عام ماڻهو خوش آهن.”
2009ع ۾ عوامي ليگ ان واعدي سان اقتدار ۾ آئي هئي ته، اها عدالتن کان مٿانهين قتل واري لاڙي کي لغام ڏيندي. البت ريپڊ ايڪشن بٽالين قائم رهندي. پرڏيهي وزير موني احمد چيو ته سندس حڪومت عدالت کان مٿانهين قتل جي ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻيندي. پر عوامي ليگ جي اقتدار کان اڳ ۾ ٻن سالن ۾ لڳ ڀڳ 2 سئو ماڻهو بٽالين جي هٿان مارجي ويا. سياسي مخالفن جي جبري گمشدگيءَ جا واقعا به وڌڻ لڳا. 2013ع جي عام چونڊن کان اڳ ۾ 18 حڪومت مخالف ڪارڪن غائب ٿي ويا ۽ ان جو الزام راب تي لڳو. چونڊون هڪ طرفو کٽڻ جي ڪجهه عرصي کانپو 7 وڌيڪ سياسي ڪارڪن گم ٿي ويا. انهن مان هڪ جو تعلق حڪمران عوامي ليگ سان هو. ان جو لاش ٽن ڏينهن کانپو هڪ دريا ڪناري مليو. گوڙ متو ته حڪومت جاچ ڪرائي. پهرين ۽ هيستائين شايد آخري ڀيرو راب جي 25 آفيسرن تي جبري گمشدگي ۽ قتل جو فرد جرم لاڳو ڪري مختلف مدن جون سزائون ٻڌايون ويون، پر ان اپاءُ کان پو به راب جون تشدد واريون ڪارروايون هلنديون رهيون.
2019ع جي پڄاڻي تائين ٽن سالن اندر عدالت کان مٿانهين قتل جا 273 واقعا رڪارڊ ڪيا ويا، انهن ۾ هڪ نجي ڪمپنيءَ جا 3 اهلڪار به شامل هئا، جن جا مالڪ وزيراعظم جي سلامتي واري مشير ميجر جنرل طارق صديقيءَ سان ڪو ڪاروباري جهيڙو ڪري رهيا هئا. راب ڪئين سرڪار مخالف بلاگرز، ڊجيٽل ميڊيا سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي قتل ۽ اغوا يا حراسمينٽ ۾ ملوث رهي آهي. گذريل سال بنگلاديش ۾ تانا شاهي ۽ حڪومت ۽ ڏوهاري ٽولن ۾ ڳٺجوڙ بابت جيڪي دستاويزي رپورٽون الجزيره نشر ڪيون، انهن ۾ چيف آف آرمي اسٽاف عزيز احمد جو فرار ٿيل ڀا حارث احمد چوي ٿو ته بينظير احمد راب جو سربراهه ۽ راب اڃا به اسان لا ڪم ڪن پيا. 2020ع ۾ بينظير احمد کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ترقي ڏئي قومي پوليس چيف ڪيو ويو.
هن وقت بنگلاديش جيئن ته ڏکڻ ايشيا ۾ تيز رفتار اقتصادي ترقيءَ جو مثال بڻيل آهي، تنهنڪري باقي دنيا کي اتي جاري سخت گير نظام کي برقرار رکڻ وارن ادارن جي لوهي گرفت سبب ڪو مسئلو ڪونهي. پر جيڪڏهن ملڪ غريب به ٿيو ۽ تانا شاهيءَ جي گرفت ۾ به هجي ته پوءِ انساني حقن جي پائماليءَ تي گوڙ وڌي ويندو آهي. في الحال بنگلاديش سٺن ڏينهن مان پيو گذري ۽ چين ۽ آمريڪا ڄار ڪلهي تي کنيو ڀرپاسي ۾ ڦيرا پيو ڏي.