ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گوادر ڌرڻو ۽ بلوچستان جو سوال

Editorial-Article- Mumtaz Mangi

گوادر ڌرڻو هڪ مهيني جي لاڳيتي جدوجهد کان پوءِ آخر پنهنجي مطالبن مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جيڪي مطالبا رکيا ويا هئا، پهرين ڏينهن کان تمام ملڪ جي ميڊيا سياسي جماعتون ته انهيءَ کي حق بجانب ۽ جائز هجڻ جو چئي رهيون هيون پر بلوچستان حڪومت روايتي ٽال مٽول کان ڪم وٺندي لٺ ۽ چٺ هٿيار استعمال ڪندي رهي، وفاقي حڪومت جڏهن محسوس ڪيو ته گوادر ڌرڻي پوري گوادر کي سيل ڪري ڇڏيو آهي ته انهيءَ کان پوءِ اسلام آباد وٽ انهن مطالبن کي مڃڻ کان سواءِ ٻي ڪا به راهھ نه رهي تڏهن بلوچستان حڪومت کي چيو ويو ته هو ڪوشش وٺي ڳالهيون ڪري ۽ ڌرڻو ختم ڪرائي.
بلوچستان ڌرڻي ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ جيڪا تبديلي آئي اها هيءَ هئي ته ان ڌرڻي جي قيادت جماعت اسلامي جي صوبائي اڳواڻ مولانا هدايت الله ڪئي ۽ جماعت اسلامي انهيءَ جي حمايت ۾ بيهجي وئي پر انهيءَ کان وڌيڪ هن ڌرڻي جي تمام وڏي ڪاميابي هي هئي ته ان ڌرڻي ۾ جيڪي مطالبا رکيا ويا مثال غير قانوني سمنڊ ۾ ڪنڊينر جي مڇي جي شڪار تي پابندي، سون سالن کان اتان جا مقامي مڇي ماريندڙ جن جا هوڙا ۽ لانچون ضبط ڪيون ويون هيون، انهن جي واپسي، گوادر کي صاف پاڻي جو مطالبو، چيڪ پوسٽون جيڪي هر ايندڙ ويندڙ کان رڳو تلاشي نه وٺي رهيون هيون پر انهن جي تذليل به ڪري رهيون هيون، ايراني بارڊر تي وڌندڙ سختي جنهن سبب گوادر واسين جو جيئڻ جنجال ٿي ويو هو ڇو ته گوادر کي بجلي ايران کان مليل آهي، انهيءَ جا بل عوام کان ته وصول ڪيا ويندا آهن پر ايران جي بجلي پيدا ڪندڙ اداري کي پيمينٽ نالي ماتر ڪئي ويندي آهي گوادر جي سون جي تعداد ۾ منشيات جا اڏا انتظامي پاڇي ۾ هلن پيا گوادر واسين جو اهو مطالبو به هيو ته اهي منشياتي اڏا بند ڪيا وڃن ۽ منشيات فروشن کي گرفتار ڪري سزائون ڏنيون وڃن. هزارن جي تعداد ۾ نوجوانن پنهنجي سماجي فرسٽريشن ۽ بي راھه روي سبب منشيات جا عادي بڻجي چڪا آهن، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هي هيو ته جيڪڏهن هي منشيات جا اڏا بند نه ٿيندا ته علائقي جو نوجوان ۽ ايندڙ نسل مڪمل طور تي ناڪارا ۽ نفسياتي مريض بڻجي ويندو چيو ٿو وڃي، ماضي ۾ جڏهن بلوچستان جو وزير اعليٰ زهري هيو ته تڏهن صرف صاف پاڻي جي ڪرپشن ۾ هر مهيني هڪ ڪروڙ جي ڪرپشن ٿي رهي هئي، هڪ مقامي ٽي وي چينل جي تجزياتي ماهر کلي عام هي الزام هنيو ته اهو هڪ ڪروڙ وزير اعليٰ هائوس کي ملي رهيو هيو.
بهرحال هڪ ڊگھي جدوجهد کان پوءِ بلوچستان حڪومت ڌرڻي جي آرگنائيزرن ۽ مولانا هدايت الله سان ڳالهيون ڪري معاهدو ڪنهن بند ڪمري ۾ ڪرڻ جي بجاءِ کليل ڌرڻو لڳائيندڙ جي سامهون ڪيو ويو تمام جو تمام مطالبا تسليم ڪيا ويا آهن جن تي هڪ مهيني جي اندر عمل ٿيندو، ڌرڻي جي آرگنائيزرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا، گوادر تي مافيا رڪاوٽ پيدا ڪئي، حڪومت ٽال مٽول ڪئي ته پوءِ هڪ تاريخي لانگ مارچ يعني ملين مارچ ڪوئيٽا شهر ۾ انهيءَ کان پوءِ اسلام آباد ۾ مارچ ڪري ۽ ڌرڻو هنيو ويندو.
هڪ نقطه نظر واضح ۽ چٽو هي آهي ته هن ڌرڻي جي قيادت مولانا هدايت الله جهڙي صاف ڪردار ۽ شريف انسان ڪئي، انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته قيادت جي ثابت قدمي ۽ ڪردار جدوجهد کي ڪڏهن مايوس ڪمزور ۽ پوئتي ناهي هٽائيندو پر گوادر واسي جن تاريخ جو هڪ ڊگھو جبر برداشت ڪيو آهي ۽ گوادر کي مافيا جا واڳون پنهنجي ڏندن سان چٻاڙي خوراڪ ڪندا رهيا آهن، انهن خلاف عوام هي ٺيڪ طرح سان سمجھي چڪو آهي ته انهن جو مقابلو ڪهڙي هٿيار سان ۽ جدوجهد سان ڪرڻ گھرجي، اهو جدوجهد جو هٿيار پر امن مستقل مزاجي جو هٿيار آهي، هي به حقيقت آهي ته اڪثر ڪرپٽ ۽ بزدل قيادت ڊرائنگ روم ۾ ڊيل ڪري پنهنجا پيٽ به ڀريندي آهي ۽ بزدلي ڪري جدوجهد کي منزل تي پهچڻ کان اڳ ۾ وڪرو ڪندي آهي پر جڏهن عوام ڀرپور طاقت سان ۽ حقن جي شعور سان منظم طريقي سان اڳتي وڌي ٿو ته قيادت جي ڪا به ٽال مٽول دوکي بازي کين ڇڙوڇڙ نٿي ڪري سگھي پوري انساني تاريخ اسان کي سمجھائي ٿي ته عوام پنهنجي جدوجهد جي ذريعي سان سياسي شعور حاصل ڪندو آهي ۽ جڏهن اهو سياسي شعور ٺيڪ بنيادن تي عوام تائين منتقل ٿي ٿو وڃي يا عوام حاصل ڪري ٿو وڃي ته پوءِ ڪاميابي انهن جو مقدر بڻجي ٿي ناڪامي جو تصور ڪرڻ به احمقي ۽ بيوقوفي ٿيندي.
هي امڪان هاڻي به رد نٿو ڪري سگھجي ته گوادر تي قابض مافيائي ٽولا جن جو تعلق حڪومتن سان گھري کان گھرو آهي اها مافيا پوري ڪوشش ڪندي ته مطالبن جي مڃتا ۾ دير ڪجي ۽ ڪجهھ مڃجن ۽ ڪجھه نه، ۽ جن تي عمل ٿئي به ته اڌو گابرو، جيئن هي تاثر ملي ته عمل ٿئي پيو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ هي به ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته سرگرم ۽ متحرڪ ڪردار کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پيڪيج جي قيد ۾ آندو وڃي يا ڪجهھ ڪردارن کي گم ڪرڻ جي حرڪت ٿئي.
يقينن هو مين قيادت مولانا هدايت الله کي ته ڪجھه نٿا ڪري سگھن پر باقي پرت ۽ متحرڪ ڪردار هن کان جدا ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندا، بلوچستان جنهن مني صدي مزاحمت جي پيڙا ڀوڳي آهي اتان جو عوام اهو سڀ ڪجھه سمجھي ٿو ۽ پاڻ به هي سمجھون ٿا ته مافيائون پنهنجي فطرت جي ابتڙ ڪردار تبديل نه ڪنديون ۽ انهن مان ٻي اميد رکي سگھجي ٿي پر هي جدوجهد بلوچستان عوام جي لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي ۽ ٽيسٽ ڪيس جي طور تي پهريون ڏاڪو آهي پاڻ هي به آساني سان سمجھون ٿا ته هاڻي ناڪام ڪرڻ جون سازشون تقريبن ناڪام ٿينديون پر هڪ وڏو سوال بلوچستان جي متعلق هي آهي ته جيڪڏهن هي ڪاميابي قدم به قدم اڳتي وڌي ته پوري بلوچستان جي عوام کي پنهنجي ڌارا ۾ آڻيندي جنهن سان تمام وڏو نقصان ان سياسي ٽولي جو ٿيندو جنهن هر وقت سياست کي نيلام ڪيو آهي عوام جي ترقي کي برباد ڪندي بد کان بد ترين ڪرپشن ڪئي آهي انهن جي ان سياست کي پرامن عوامي جدوجهد تمام گھڻو نقصان پهچائيندي.
۽ انهن قوتن کي به نقصان ٿيندو جيڪي بلوچستان جي سياسي مينڊٽ کي پنهنجي آڱرين تي نچائيندا رهيا آهن، اهي قوتون ڪڏهن به نه چاهينديون ته بلوچستان جو عوام پنهنجي وطن جي وارثي ڪري ۽ اڳتي وڌي. بلوچستان جو پيچيدا سوال اسان کي ان صورت ۾ اڳيان آهي ته هڪ سياسي لاڙو هي رهيو آهي ته پر امن جدوجهد کي بي نتيجا سمجھندي هٿيار بند مزاحمت جي چونڊ ڪئي وئي، انهيءَ جي لاءِ هنن وٽ ڪيترا به دليل آهن ۽ انهن جي حق بجانب هجڻ جا ڪجھه مثال به آهن، پر تاريخ اهو ثابت ڪيو آهي ته موجوده جدوجهد ۾ هٿيار بند جدوجهد عوام کي تمام گھڻو نقصان ڏئي ٿي ۽ سياسي تحريڪ ڪمزور کان ڪمزور ٿيندي ٿي وڃي. تشدد جي سياست ڪيتري به پاپولرٽي ۽ همدردي رکي پر ڪڏهن به عوام ۾ منظم ڌارا جوڙي ناهي سگھي، عوام جي منظم کان ۽ مضبوط کان مضبوط طاقت پر امن جدوجهد آهي اسان هي باآساني سمجھي سگھون ٿا ته هاڻي بلوچستان ۾ گوادر جدوجهد جو نئون مرڪز بڻجندي نه رڳو بلوچستان جي سياست مان تشدد جو خاتمو آڻيندي پر ان جا اثر سنڌ تي به پوندا جو سنڌ جي اندر به ڪجهھ گروهھ مزاحمت جي سياست کي تشدد سان ڳنڍي رهيا آهن.
هي تحريڪ جيڪڏهن حڪومتن جي ٽال مٽول سان ناڪام ٿي ته تاريخ جو هڪ وڏو گناھه حڪومتن جي حصي ۾ ايندو پر پاڻ اها ئي اميد ٿا رکون ته هاڻي عوام ان گرائونڊ تي نه ويندو، جيڪو گرائونڊ مافيائون چاهين ٿيون ته حقن جي نالي تي تشدد ٿئي ۽ پوءِ تشدد جي خاتمي تي هڪ پوري ايمرجنسي رهي. عوام خوف ۾ مبتلا ٿي سياسي جدوجهد کان ڪٽجي وڃي پرامن سياسي جدوجهد مظلوم طبقن ۽ مظلوم عوام جو اهڙو طاقتور هٿيار آهي جنهن سان طاقتور کان طاقتور ظالم ۽ انهيءَ جا هٿيار شڪست کائي وڃن ٿا ۽ عوام پرامن جدوجهد جي رستي تي وڌندي تمام وڏو سياسي شعور حاصل ڪري ڪاميابي جي طرف وڌي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button