ڪراچي جي لينڊ مافيا، ڀتي خوري سميت انھن سمورن معاملن تي تفصيلي اسٽڊي ٿي آھي، جنھن ۾ انڪشاف ٿيو آھي تھ ھن شھر تي سمورين طاقتور قوتن پاران قبضي جا انڪري خواب ڏٺا ويا آھن تھ ٽيڪسن کي ڇڏي ڪري روزانو اربين،کربين رپين جون اوڳاڙيون ٿين ٿيون. انڪري مختلف قوتون چاھين ٿيون تھ ھي سوني جھرڪي انھن وٽ ھجي، ايم ڪيو ايم پوءِ پاڪستان ھجي يا لنڊن، ان جي جاءِ ٻين سياسي ۽ غير سياسي قوتن وٺي ورتي آھي، انڪري اھي ڪراچي شھر تي مالڪي جون جيتريون بھ دعوائون ڪن، ھي شھر انھن جي ڪنٽرول ۾ اچڻو ناھي. ڪراچي جو مڪاني نظام، جنھن کي بااختيار بنائڻ يا بي اختيار ڪرڻ جون ڳالھيون ۽ تڪرار ٿي رھيا آھن، انھن تڪرارن ۾ ظاھر طور جيڪي ڌريون نظر اچن ٿيون، اھي نالي ماتر اسٽيڪ ھولڊرز آھن، جن ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم، توڙي پي ٽي آءِ سميت سموريون پارٽيون شامل آھن. اھي روٽس، جيڪي ايم ڪيو ايم ڳولي لڌا ھئا، اھي ھاڻ پ پ سميت ٻين جماعتن بھ ھٿ ڪري ورتا آھن. نيسلا ٽاور جو ڪيس سڀني لاءِ مثال آھي. ھن معاملي تي سپريم ڪورٽ جيڪو بھ فيصلو ڏنو، اھو ڪنھن جي نظر ۾ امتيازي آھي، درست يا غلط آھي، يا ان جو ڪو ٻيو پاسو ٿي سگھي ٿو، پر ھي اھڙو ٽاور ھو، جنھن کي بچائڻ لاءِ جماعت اسلامي جھڙي پارٽي بھ عدالت پھتي، ھي ساڳي جماعت ھئي، جنھن جي اڳوڻي ناظم اعليٰ نعمت اللھ خان درخواست داخل ڪئي ھئي تھ ان ٽاور کي ڪيرايو وڃي! ھي ساڳي درخواست ھئي، جنھن جي بنياد تي اعليٰ عدالت فيصلو ڏنو. ھاڻ سموريون سياسي توڙي غير سياسي ڌريون چاھين ٿيون تھ اھي اھڙو ڪو بھ ڪم نھ ڪن، جو انھن جي طاقت ورھائجي وڃي. ھن شھر جنھن جي 100 سيڪڙو ايراضي مان 63 سيڪڙو تي ڇانوڻي آھي، باقي 37 سيڪڙو ايراضي تي جھيڙو آھي!
ڪراچي شھر ۾ ڪير بھ کير جو ڌوتل ناھي، ان ۾ ايم ڪيو ايم جا سمورا گروپ ھجن، پ پ ھجي، پي ايس پي ھجي، جماعت اسلامي ھجي، پي ٽي آءِ ھجي يا ڪا ٻي ڌر. ھنن سمورين ڌرين کي خطرو سياسي نھ پر غير سياسي ڌر کان آھي، جيڪي واڳون جيان شھر جي وسيلن، سامونڊي پٽي، مالي وسيلن توڙي واپارين جي چندي تي قابض ٿي رھيون آھن. اھي جيڪي خالي ھٿئين انھن فورسز جو حصو ٿين ٿا، اھي ڪروڙ پتي يا ارب پتي ٿي واپس ورن ٿا. ھي شھر سڀني ڌرين لاءِ سوني جھرڪي آھي، جنھن جو ڪابھ ڌر ساھه ڪڍڻ نٿي گھري، انڪري سموريون سياسي ڌريون، پنھنجي حصي پتي لاءِ دانھون ڪوڪون ڪري رھيون آھن. پيپلز پارٽي ڪافي عرصي کان اقتدار ۾ آھي، انڪري ان کي اھي سمورا گھاٽ معلوم ٿي ويا، جيڪي جوڳي رقم جا ذريعا آھن، اھو ئي سبب آھي جو باقي ڌريون حصي پتي لاءِ دانھون ڪري رھيون آھن. حقيقت ۾ ھي ڪو لساني جھيڙن يا فساد ڦھلائڻ جو معاملو گھٽ نظر اچي ٿو. ايم ڪيو ايم سميت سموريون ڌريون پنھنجي ٻولي ڳالھائيندڙن لاءِ جيترا بھ واڳون وارا ڳوڙھا ڳاڙين، انھن کي ظاھري طور تي ڪابھ موٽ نھ ملندي نظر اچي پئي، اندر خانا ڪو لائو پچي رھيو آھي تھ ان لاءِ کوج لڳائڻي پوندي. ھينئر تائين لوڪل گورنمنٽ ترميمي بل تي سمورين ڌرين جيڪي واڪا ۽ دانھون ڪيون، ان جو عوامي سطح تي ڪوبھ ردعمل سامھون نھ آيو آھي. جيڪي پ پ حڪومت خلاف تحريڪ ھلائڻ جون ڳالھيون ڪن ٿا، انھن جي سگھه جي بھ سڀني کي خبر آھي. جيڪي متبادل قوتون شھر تي قابض ٿيون آھن، اھي سياسي ڌرين کي ھڪ ڀيرو ٻيھر يرغمال بنائڻ مشڪل سان ڏينديون. ھينئر تھ پ پ جا روايتي علائقا ھجن يا ايم ڪيو ايم يا پي ٽي آءِ يا ڪنھن ٻئي ڌر جا اتي بھ ھيٺئين سطح تائين غيرسياسي قوتن جي قبضي ھيٺ آھن، يا وري سموري نظام کي اھي ئي ڪنٽرول ڪن ٿيون، انھن قوتن وٽ سمورا وسيلا آھن ۽ ھو ڪنھن بھ سياسي پارٽي کي اٿڻ يا ويھڻ لاءِ چوندا تھ اھا اٿ ويھه بھ شروع ڪري ڇڏيندي.
سنڌ حڪومت جي وزيرن جي ھي ڳالهھ درست آھي تھ اھي قوتون، جيڪي مردار ٿي ويون آھن، يا انھن جي جسم مان ست ۽ ساھه ڪڍيو ويو آھي، اھي تھ سوديبازي لاءِ ڦڙڪيون ھڻنديون،اھي قوتون ڏسن پيون تھ ھو ڪھڙو پتو استعمال ڪن، جنھن جي کين عوامي سطح تي موٽ ملندي. ھن ملڪ ۾ آمريڪا جي خلاف جيڪا Polictical investment ٿي، ان جون جھڙي ريت پاڙون ھينئر بھ مضبوط آھن، ساڳي انداز سان لساني نفرت جون پاڙون بھ ڪافي سگھاريون آھن، جن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد سرفھرست آھن. ھنن اھم شھرن تي حڪمراني ڪندڙ ڌريون پنھنجي پراڻي نفرت واري Investment مان واڻئي جي ھريڙن جيان فائدو حاصل ڪرڻ گھرن ٿيون. جيئن ڪنھن زماني ۾ سنڌ جي ڏوراھن علائقن ۾ وڏيرن کي رياست يا انتظاميا پنھنجن بيساکين تي بيھاريو ھو ۽ ساڳي انداز سان شھرن ۾ ايم ڪيو ايم جھڙين پارٽين جو پاسو کنيو ھو، ھاڻ انھن کي ديوار سان لڳايو ويو آھي، يا وري انھن جي حصي پتي ۾ جوڳي گھٽتائي ٿي وئي آھي، انڪري انھن کي ايترو ئي رکڻو آھي، جيتري طاقتور ڌرين کي ضرورت آھي.
اسان سمورا جيڪي ھنن شھرن ۾ گذريل چئن ڏھاڪن کان رھي رھيا آھيون، اھي ان ڳالهھ جا شاھد آھيون تھ ھتان جي قوتن، جن پھريان مذھب ۽ فرقي جي بنياد تي پاڻ کي جمھوري قوتن کان الڳ رکيو ھو يا انھن کي ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو، پوءِ مارشل لا جي ڏينھن کان انھن کي نسلي بنياد تي منظم ڪري، انھن کي ٿلھو ٿنڀرو ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، انھن کي ڪيترو عرصو اڳ مري ويل ماڻھن بھ ووٽ وڌا. ھاڻ ھي ٽيون مرحلو آھي، جو انھن قوتن کي پاسيرو ڪيو ويو آھي ۽ اھي ويچارا حيران ۽ پريشان آھن. اھي جيڪي فاروق ستار ۽ ٻين روپن ۾ Sleeping cells ۾ آھن، يا وري اھي پنھنجي مناسب استعمال لاءِ انتظار جا پل ڳڻي رھيا آھن، ھاڻ اھي استعمال لائق آھن يا نھ، پر ھو پر سوئي رھيا آھن. انھن کي ڊگھي آرام ڪرڻ لاءِ چيو ويو ھو، پر ھي ڏسي حيرانگي ٿئي ٿي تھ عوامي سطح تي انھن لاءِ بھ ڪو سافٽ ڪارنر ناھي.
پيپلز پارٽي وارا چون ٿا تھ اھي جيڪي ھاڻ مردار آھن، اھي فساد ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا. پيپلز پارٽي توڙي جو لوڪل گورنمنٽ ترميمي بل ۾ اھڙيون شقون شامل ڪيون آھن، جيڪي اعتراض جوڳيون آھن، جن ۾ پوليس کي ميئر جي حوالي ڪرڻ يا ڪيترائي ٽيڪس ڪراچي جي مقامي حڪومت جي حوالي ڪيا ويا آھن. ھي سمورا اختيار سموري سنڌ ۾ ڏنا ويا آھن، جن تي اعتراض واري سگھجن ٿا. جيستائين ھي ڳالهھ تھ سنڌ حڪومت جو ڪو وزير اختيار استعمال نھ ڪرڻ وارو جواز آھي، ان ۾ ڪابھ حقيقت ناھي، ظاھر آھي تھ جيڪڏھن صوبي جو چيف ايگزيڪٽو ھوندو تھ اھو اختيار بھ استعمال ڪندو. جيڪڏھن ڪو ھي چئي تھ سنڌ حڪومت ديھي يا ٻھراڙين جي سوچ ذريعي ڪراچي تي قبضو ڪرڻ گھري ٿي تھ اھا ڳالهھ درست ناھي، ڇاڪاڻ تھ سنڌ جي گادي وارو شھر ڪراچي ايم ڪيو ايم ھجي يا ڪا ٻي ڌر ان کي ننڍي کنڊ جي ورھاڱي وقت قابيني ۾ تھ نھ مليا ھئا، نھ ئي اھي ڀارت مان ڪراچي کڻي آيا ھئا، ھي شھر تھ پھريان بھ سنڌ جو اڻٽٽ انگ ھو ۽ ھاڻ بھ آھي. باقي جيستائين گڏجي رھڻ جي ڳالهھ آھي تھ سنڌ يقينن ٻولي جي فرق کانسواءِ سڀني جي آھي. جيڪڏھن ڪشمور، جيڪب آباد يا سنڌ جي ڪنھن ٻئي شھر جو عوام پ پ کانسواءِ ڪنھن بھ ڌر کي ووٽ ڏئي تھ ان کي قبول ڪرڻ گھرجي. ساڳي صورتحال ڪراچي جي آھي، ھتي سنڌي ڳالھائيندڙ ۽ اردو ڳالھائيندڙ ھڪ ئي سڪي جا ٻھ پاسا آھن،عوامي سطح تي ڪنھن بھ نفرت کي عوام تائين پھچائڻ جي اجازت نھ ھجڻ گھرجي. ھي راز خوشي جي ڳالھه آھي ۽ سڀني کي کليل ڇوٽ آھي تھ اھي پنھنجي ووٽ جو حق ڪيئن استعمال ڪن ٿا. اسان وٽ مڪاني حڪومتن جي ڪيتري حيثيت آھي يا انھن جا اختيار ڪيترا آھن؟ ھي توڙي جو آئيني ادارا آھن، جن جي گھڻي اھميت ھجڻ گھرجي، پر اھي سياسي توڙي مالي لحاظ کان ڪمزور ترين آھن. انھن ادارن جي ساھه جي رڳ بھ ڪنھن ٻئي جي قبضي ۾ آھي. سمورين سياسي پارٽين کي ھي سمجھڻ گھرجي تھ اھي جيستائين غيرسياسي قوتن جي چنڀي مان آزاد نھ ٿينديون تيستائين اختيارن سميت سمورا معاملا حل ٿي نھ سگھندا. پھريان بنا فرق جي سڀني ڌرين کي غير سياسي قوتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ گھرجي ۽ انھن کان ڊڪٽيشن نھ وٺڻ گھرجي، ان کانپوءِ گڏيل فارمولي تي اتفاق ڪجي تھ بھتر ٿيندو. ھينئر ھڪ ڀيرو ٻيھر عوام ۾ نفرت جا ٻج ڇٽڻ ڪنھن جي بھ مفاد ۾ نھ ھوندا.
ھي بھ ڏسڻ گھرجي تھ اسان سياسي لحاظ کان وڏا ٽپا ڏيڻ جا عادي آھيون، سنڌ ۾ مخالف ڌر خاص ڪري ايم ڪيو ايم ھميشھ چاھيو آھي تھ انھن جي ميئر کي اھي اختيار ملڻ گھرجن، جيڪي لنڊن، نيويارڪ، واشنگٽن، پيرس يا ماسڪو جي ميئر وٽ آھن. جڏھن تھ پيپلز پارٽي وري شھري حڪومتن جي حوالي سان Passive موقف اختيار ڪندي رھي آھي، گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان پ پ جو ھي رويو رھيو آھي تھ مڪاني چونڊون مورڳو ٿين ئي نھ.! جيڪڏھن ٻنھي ڌرين جي سوچ کي ڏسجي تھ اھي درست نھ آھن. جيڪڏھن مڪاني ادارن کي ماضي جھڙا ميونسپل اختيار ملي وڃن تھ اھا بھ غنيمت ٿيندي. ديارچي جي نظام يا وري 1935 جي ايڪٽ ۾ جيڪي اختيار ايڪائين يا ھيٺئين سطح تي ھئا، اھي بھ حاصل ناھن. خودمختياري تھ ڄڻ ھيٺان کان مٿي تائين ختم ٿي چڪي آھي. اختيار ڪنھن ھڪ ڌر جي مٺ ۾ بند آھن، ان کان آجپو حاصل ڪرڻ ئي اصل عوامي ويڙهھ آھي، پر جيڪي سياستدان طاقتور حلقن جي سلامي ڀرڻ کانسواءِ ڪجهھ ڪرڻ جي سگھه نھ رکندا ھجن، انھن مان ڪھڙي اميد لڳائي سگھجي ٿي. ھي اھڙي ويڙهھ آھي، جيڪا ھڪ ڏينھن سڀني کي گڏجي وڙھڻي آھي.