ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وبائون ۽ سرمائي جو راڄ

Editorial-Article-Yameen Jatoi

وبائون هجن يا قدرتي آفتون، سرمائي جي راڄ ۾ سماج جي وڌ ۾ وڌ جن حصن جون زندگيون متاثر ٿينديون آهن، اهي پيڙيل ۽ مظلوم پرت ئي هوندا ئي آهن. ڪرونا وائرس جي صورت ۾ دنيا تي جيڪا عالمي وبا ڪڙڪي ان جا هاڃيڪار اثر به سماج جي ڄاڻايل پرتن تي ئي وڌ ۾ وڌ پيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ خبر اخبارن ۾ آئي، ان ۾ ان ڳالهه جي ثابتي ڏني وئي ته ڪيئن نه ڪرونا وائرس غريبن کي وڌيڪ غريب ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف ان وبا ۾ ئي سرمائيدار ڪمپنين اربين ڊالر ميڙيا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته سڄي دنيا ۾ گذريل سال اڌ ارب (50 ڪروڙ) کان وڌيڪ ماڻهو تمام گهڻي غربت جو شڪار ٿيا ڇو جو ڪرونا وائرس سبب کين صحت لاءِ پنهنجن کيسن مان ادائگيون ڪرڻيون پيون. رپورٽ مطابق صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) ۽ عالمي بينڪ هڪ گڏيل بيان ۾ چيو ته عالمي وبا عالمي سطح تي صحت جي خدمتن کي متاثر ڪيو ۽ 1930 کان پوءِ بدترين معاشي بحران جنم ورتو، جنهن ماڻهن لاءِ صحت جي سهولتن لاءِ ادائگي کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو. ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل تيدروس اڌانوم چيو ته سڀ حڪومتون ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري طور تي پنهنجون ڪوششون بحال ۽ تيز ڪري ڇڏين ته جيئن هر شهري کي مالي اثرن جي ڊپ کان سواءِ صحت جي سهولتن تائين پهچ ممڪن ٿئي. صحت جي عالمي اداري جي ڊي جي حڪومتن تي زور ڏنو ته هيلٿ ڪيئر سسٽم تي پنهنجو ڌيان وڌائين ۽ يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي راهه تي قائم رهن. جيڪا ڊبليو ايڇ او موجب هر ڪنهن جي سواءِ مالي ڏکيائين جي صحت جي سهولتن تائين پهچ آهي. واضح رهي ته عالمي سطح تي ڪرونا وائرس شين کي بدترين بڻائي ڇڏيو آهي ۽ 10 سالن ۾ پهريون ڀيرو اميونائزيشن جي ڪوريج گھٽ ٿي، جنهن سبب ٽي بي ۽ مليريا سبب فوتگين ۾ واڌ ٿي. غذا ۽ آبادي بابت صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر پابلو يورب چيو ته محدود مالي گنجائش اندر حڪومتن کي صحت جي بجيٽ وڌائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جهڙين ڏکين شين جي چونڊ ڪرڻي پوندي. رپورٽ موجب جيئن ته غربت وڌي ۽ آمدني گھٽجي رهي آهي ۽ حڪومتون مالي رنڊڪن کي منهن ڏئي رهيون آهن. ان ڪري مالي ڏکيائين ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي. سال 2020ع ۾ ڪورونا وبا صحت جي سهولتن کي متاثر ڪيو هو ۽ وبا جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ ملڪن جو صحت جو نظام انهن جي حدن کان وڌيڪ دٻاءَ جو شڪار ٿي ويو هو. عالمي بينڪ جي عهديدارن چيو ته عالمي وبا شروع ٿيڻ کان اڳ تقريبن هڪ ارب ماڻهو پنهنجي گھريلو بجيٽ جو 10 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو صحت تي خرچ ڪري رهيا هئا، اهو قابل قبول نه آهي.
هڪ پاسي وبائن جا اهي هاڃيڪار اثر آهن ته ٻئي طرف سرمائيدار ڪمپنين خوب ناڻو ڪمايو. جن ۾ دنيا جون هڪ سئو وڏيون ڪمپنيون اڳيان اڳيان رهيون. جن ۾ ايمازون، مائيڪروسافٽ، ايپل، ٽيسلا، فيس بڪ ۽ ٻيون ڪمپنيون شامل آهن، جن اربين ڊالر ڪمايا. مطلب ته وبائون هجن يا ٻيون قدرتي آفتون سرمائي جي راڄ کي ڪو به لهر لوڏو ڪونهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button