شيخ اياز جو معاملو سنڌ جي جن ماڻهن لاءِ حساس هوندو آهي، انهن ۾ آئون به شامل آهيان. شيخ اياز جي باري ۾ حساس هجڻ جو سبب اهو ناهي ته ڪو شيخ اياز وڏي گاديءَ جو مالڪ آهي يا هو هڪ تمام گهڻو شاهوڪار شخص هو. پر هن پنهنجي ڏات سان سنڌ جي ادب کي جيڪي هيرا ۽ موتي ڏنا، انهن جو ته ڪو ملهه ڪٿي نه ٿو سگهجي. ان سلسلي ۾ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن به هن جي مٿان ڪو ساڙ ڀريو تبصرو ٿيندو آهي ۽ جڏهن به هن جي ذات کي تنقيد جو نشانو بنايو ويندو آهي، تڏهن اهي سمورا عمل ياد اچي ويندا آهن، جيڪي شيخ اياز جي خلاف هن جي زندگيءَ ۾ به ڪيا ويا. انهن سازشين ۽ انهن مڪارين سبب هڪ حساس شاعر جي روح کي ڪيتري تڪليف ٿيندي هئي؟ ان سوال تي سنڌ ڪڏهن به نه سوچيو. ان جو سبب اهو هو ته سنڌ کي ان مهل تائين شيخ جي اصل اهميت جو اندازو نه هو. سنڌ ۾ جيستائين ڪوئي ماڻهو عالمي ادب جو معيار نه ٿو پرکي تيستائين هو صحيح طرح سان شيخ اياز جو قدر به ڪري نه ٿو سگهي.
شيخ اياز جي ڏات کان هن مهل تائين ڪو انڪار نه ڪري سگهيو آهي، ان ڪري جڏهن به ڪو ساڙ ۽ حسد ڀريو شخص شيخ اياز جي مٿان ڪو تير هلائڻ چاهيندو آهي ته هن جي ذات کي نشانو بڻائيندو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته اوهان ذاتي طور تي ڪنهن به شخص جي مٿان ڪو به الزام هڻي سگهو ٿا. شيخ اياز جي مٿان مجموعي طور جيڪا به تنقيد ڪئي ويندي آهي، ان جو محور هن جي زندگيءَ جا اهي ڪجهه سال آهن، جن جي دوران هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر جي ذميواري نڀائي. شيخ اياز پنهنجن ڪتابن ۾ ان ملازمت جي سلسلي ۾ تمام گهڻو ڪجهه لکيو آهي پر ساڙ سڙين ماڻهن کي ڪو نه ڪو بهانو گهرجي. پر ان سان ڇا ٿيو آهي؟ جڏهن به ڪنهن شيخ اياز جي مٿان شخصي تنقيد ڪئي آهي ته ان جي موٽ ۾ سنڌ جو نوجوان نسل شيخ اياز جي طرف وڌيڪ راغب ٿيو آهي ۽ هو جڏهن به شيخ اياز جي فن جي ويجهو اچي ٿو ته هن کي ان مان تمام گهڻي مهڪ اچي ٿي ۽ هو پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو آئينو شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ڏسي ٿو. سنڌ جي نوجوانن سدائين شيخ اياز جي شاعريءَ کي محبت سان پڙهيو ۽ ٻڌو آهي. اهو ئي سبب آهي ته جيڪڏهن شيخ اياز جي نالي ۾ ڪي غيرمعياري پروگرام به ٿين ٿا ته نوجوان انهن ۾ وڃن ٿا. هو دراصل انهن پروگرامن کي نه پر شيخ اياز جي نالي ۽ حوالي کي اهميت ڏين ٿا. شيخ اياز کي جيڪي سنڌ جي نئين نسل پاران محبت ملي، ان محبت کي ڏسي هن تي ساڙ ڪندڙ ماڻهو هن جي باري ۾ گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ هن جي مٿان الزام هڻڻ شروع ٿي ويندا هئا.
شيخ اياز جي مٿان ذاتي تنقيد جو سلسلو وقت سان گڏ گهٽ ٿيو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته ايندڙ وقت ۾ شيخ اياز جي مٿان تنقيدي آڱر کڻڻ وارو شايد ئي ڪوئي هجي پر هن مهل به جيڪي شيخ اياز جي مٿان تنقيد ڪن ٿا، اهي اهو ڇو نه ٿا سمجهن ته جيڪڏهن هن جو ڪوئي به احتساب ٿيڻو آهي ته اهو شاعريءَ جي حوالي ئي ٿي سگهي ٿو. شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ ته ڪٿي به ڪا وٿي نه ڇڏي آهي. ان ڪري هو وري به موٽي اياز جي ذات مٿان خصيص حملا ڪن ٿا. اها روش ماضيءَ ۾ ته تمام گهڻي هئي پر ان جو نتيجو ڇا نڪتو؟ جڏهن قومپرستن شيخ اياز جي هڪ وائيءَ کي پنهنجو جماعتي ترانو بڻايو هو ته انهن شيخ اياز کان اجازت به نه ورتي هئي. ان ڪري جڏهن هڪ وقت دوران انهن کي اهو خيال آيو ته هو شيخ اياز جي بدران ڪنهن ٻي سنڌي شاعر جي شعر کي ترانو بڻائين ته ان سلسلي ۾ انهن سنڌ جي ڪجهه شاعرن تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي، اها ڪميٽي ڪجهه ڏينهن تائين مهمانيون کائيندي رهي پر ان ڪميٽيءَ طرفان اهڙو گيت نه اچي سگهيو، جيڪو قومپرست نوجوانن جي دلين کي موهي ڇڏي. اهو ئي سبب آهي ته اختلافن جي باوجود به انهن شيخ اياز جي ان وائيءَ کي هن مهل تائين پنهنجي تنظيم جو ترانو بڻائي ڳاتو آهي. جڏهن ته شيخ اياز جي عظمت ان ڳالهه ۾ هئي ته هو به نظرياتي طور تي اختلاف رکڻ جي باوجود به ڪنهن طرح سان ڪنهن کي نه روڪيو ته هو سندس شاعريءَ کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪن. جنهن شاعر ۾ ايتري مروت ۽ ايتري دلي ڪشادگي هجي، ان جي مان ان قسم جي تنقيد جيڪا هاڻي سوشل ميڊيا تي ڪرڻ آسان بڻجي وئي آهي، ان سان آخر اسان پنهنجو قومي، ادبي ۽ ثقافتي نقصان ڪرڻ بدران ٻيو ڇا ٿا ڪريون؟ جڏهن اسان پنهنجن مهان شاعرن ۽ اديبن جو قدر نه ڪنداسين ته آخر ڪير ڏات جي اها صليب کڻڻ چاهيندو؟
شاعرن ۽ اديبن کي سدائين محبت ڀري موٽ موهيندي آهي. هو جڏهن ڏسندا آهن ته انهن جي گيتن جي موٽ ۾ انهن کي گلن جي بدران گاريون ملن ٿيون ته انهن جي دل ارهي ٿي ويندي آهي ۽ انهن جي تخليقي عمل ۾ رڪاوٽ پئجي ويندي آهي. ان جو نقصان ڪنهن کي پوندو آهي؟ اها ساڳي ڳالهه شيخ اياز پنهنجي زندگيءَ ۾ به ڪندو هو ۽ ان جا شاهد اڄ به حيات آهن. جڏهن هو سنڌ جي سياسي اڳواڻن پاران پنهنجي مٿان اجائي تنقيد پڙهندو ۽ ٻڌندو هو ته تمام افسوس ڀري لهجي ۾ اهو چوندو هو ته هو آخر ڇو نه ٿا سمجهن ته مان انهن جو ئي ڪم ڪري رهيو آهيان. هن وقت به جيڪي شيخ اياز جي شخصيت مٿان تنقيد جا تير هلائي رهيا آهن، انهن کي اهو احساس ٿيڻ گهرجي ته هڪ شاعر جي پرک هن جي شاعري هوندي آهي. هو جڏهن شاعريءَ ۾ ڪا کوٽ ڏسي نه ٿا سگهن، تڏهن انهن جو مارو شيخ اياز جي ذات جي مٿان ٿئي ٿو.
شيخ اياز پنهنجن سطحي نقادن کي مخاطب ٿيندي ڪالهه به چيو هو ۽ اڄ به هن جا ٻول ڏين وانگر ٻرن ٿا پر ڪو به انهن ۾ موجود معنيٰ جا موتي ميڙي نه ٿو سگهي. اهو شخ اياز کي هو جنهن لکيو هو:
“هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو
ايندو نه وري هي وڻجارو
ڪجهه ڏات ڏسو، پوءِ بات ڪيو
هي شور اجايو آ پيارا”
اهو شور ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ گهٽ ته ٿيو آهي پر اهو شور مڪمل طور تي ڪڏهن ختم ٿيندو؟