سندس ديس مٿان اڄڪلھه جڏھن لڳاتار پارو وسي رهيو آهي، تڏھن ھن به آشرم جي مچ لاءِ پنهنجي سنگ سان رلجي ڪڙڄ ڪاٺـيون ميڙڻ واري رفتار تيز ڪري ڇڏي آهي ته جيئن آشرم ۾ فڪري ۽ فني آسيس وٺڻ لاءِ ايندڙن کي سِيءَ جي لهر کان بچائي سگهي. ڪڙڄ ۽ ڪاٺين ميڙڻ واري ان ڪاڄ ۾ ساڻس پنهنجي ديس جي اها جُنگ جواني پڻ ساڻي آهي، جنهن جواني جي اکين ۾ ديس جي عزت، مان مرتبي ۽ خوشحال آجپي جا کيپ وسن ٿا. اها جواني جيڪا آشرم ۾ ظاهري ڪتابن جي جاءِ تي سيني مان سيني ۾ منتقل ٿيندڙ وديا جو ونڊ ماڻي قدم قدم اڳتي وڌي رهي آهي. ۽ هونئن به:
ڪتابِ دل جنهن پڙهي ڏٺو تنهن
وري پڙهيو ڪو ڪتاب ڪونهي
دل حرف اول، دل حرف آخر
سوال ڪونهي، جواب ڪونهي!!
آشرم جي انهي جڳ مشهور ٻول جيان ڪتاب هن به جيئن ته اصل ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر پڙهيا آهن، تنهن ڪري هو پنهنجي جواني کي ڪتابن جون ڳالهيون ٻُڌائي به ته آخر ڪهڙيون؟ ٻيو وري جيڪي به ٻه چار ڪتاب پڙهيا اٿائين، تن مان ياد وڃي ڪا ڪا ڳالھه بيٺي اٿس. جڏهن ته آشرم سان شناسائي واري پهرئين پل کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن نثر توڙي نظم ۾ ڀڪشوئن کان جيڪي ڪجهه به ٻڌو ۽ ڏٺو آهي، سو سڀ سيني ۾ جيئن جو تيئن سمايل اٿس.
۽ ها تنهن ڏينهن به کيس ڪنهن ڏاهپ جي ڪتاب ۾ پڙهيل اها سٽ ياد پئي آئي ته:
“انسان جي مڪمل نجات اوستائين ممڪن ناهي جيستائين ٽن شين جو مڪمل ادراڪ نٿو ماڻي. انهن ٽن شين ۾ سڀ کان اول آهي فطرت، جنهن کان پوءِ اچي ٿو سماج ۽ ٽين آهي انسان جي پنهنجي ذات.”
ظاهر آهي هي جيئن ته خيال جي قافلي مان آهي، تنهن ڪري فطرت توڙي سماج ڏانهن جيڪي سائنسي رويا ۽ رجحان آهن يا جيڪو ان ڏس ۾ جديد دريافتن جو علم توڻي هنر آهي، تنهن جي ته هن کي ڪا ُسڌ ُٻڌ ناهي. بس ايترو سو ڪري سگهيو آهي ته جيڪي ان علم جي ڄاڻ جا دعويدار آهن، تن کي پنهنجي وس موجب جيترو به ممڪن ٿي سگهيو آهي، ويجهي کان وڃي ڏٺو اٿائين ته انهن جو علم کين ڪيئن ٿو جيئڻ سيکاري؟ ۽ ساڳي ريت آشرمين جي جيئڻ جا سانگ پڻ ُرلي ُرلي پروڙيا اٿائين. جنهن کان پوءِ هن کي اهو سمجهه ۾ آيو آهي ته جيڪو پنهنجي ذات جو ادراڪ ماڻي وٺي ٿو، تنهن لاءِ فطرت ۽ سماج سڻاوا ٿي پون ٿا. پر جيڪي پنهنجي ذات جي ادراڪ کان اوپرا رهجي ٿا وڃن، سي ڀل فطرت ۽ سماج جي سائنس جو سمنڊ جھاڳي به اچن، تڏهن به انهن مان اويساهي آخر تائين نٿي وڃي. ۽ جيستائين ڪنهن مان اويساهي نٿي وڃي، تيستائين اهو ڪنهن به ڄاڻ مان ٽُٻي هڻي اچڻ جي ڳالهه ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟
خير هن جو مقصد ڪڏهن به ڪنهن ٻئي کي مڃڻ مڃائڻ نه پر رڳو پنهنجي اندر جي اسرار جون مختلف ڪيفيتون سلڻ رهيو آهي، تنهن ڪري اجاين بحثن کان پاسو ڪري، هن سدا ڳوليون آهن اهي صورتون، جن کي پسي، ايئن لڳندو آهي ته واعدي واري ڏينهن هي به انهن جي آسپاس هو.
۽ اڄڪلھه هو اهڙي ئي هڪ صورت جي اسرار ۾ جڏهن ُرلي ٿو، تڏهن هن جو فطرت توڙي سماج سان پاڻمرادو ڳانڍاپو جڙي پيو آهي. باقي ذات جي سوال کي ته هو تنهن ڏينهن کان پنهنجي گودڙي ۾ کڻي گهمي رهيو آهي، جنهن ڏينهن کان سندس سماعت ۾ مرشد جي ان خيال سُڻڻ سان اصل ساهھ پيو هو ته:
حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو
۽ هن وقت هي جنهن صورت جي ڌيان ۾ ُرلي ٿو، تنهن جو به اسرار اهو ئي ته آهي جو هيستائين ساڻس هو فقط هڪڙي ئي سڏ پڙاڏي مان گذريو آهي پر محسوس ايئن ٿو ٿئيس ته هن کي ڄڻ پنهنجي ان ساز جي تار ملي وئي آهي، جنهن ساز کي هن سالن کان ان يقين سان سنڀالي رکيو آهي ته جڏهن به ان ساز پاڻ چيو ته:
“ها! مون کي تند تار ملي وئي آهي”
تنهن ڏينهن هو ان تند تار سان جُڙي، اها ڌن تخليق ڪندو، جيڪا سڄي جهان جي ٽٽل دلين لاءِ دلاسو بڻجي. ۽ هن کي هاڻ لڳي ٿو ته اهو وقت ويجهو اچي رهيو آهي، جنهن ۾ هن جي ساز کي تند تار ملڻي آهي.
اهڙي يقين کيس سندس ديس مٿان وسندڙ پاري ۾ اڃا ويتر سگهارو ڪيو آهي.
اڃان ڪالهھ ئي هن ٺريل رُت منڊل ۾ اهو سوچيو پئي ته:
“جي نه اڄ محبوبن جي درشن جي بهاري ٿي پئي ته هوند آشرم جي اڃايل وڻن جي َمر لهي پوي”
هن اڃا اهو سوچيو ئي مس ته ُرت پنهنجي رنداڻي رمز وارو مهربان روپ ڌاري آشرم مٿان ڇانئجڻ شروع ڪيو ۽ وسندڙ پاري جي رٿ ۾ هن کي اها صورت نظر آئي، جنهن سان هن جيتوڻيڪ اڃان پِريت – پنڌ جي باقائدي ڪا مام ته نه سلي آهي، پر کيس محسوس ايئن ٿو ٿئي ته هڪڙي ئي نهار ۾ سلهاڙجڻ واري شام کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، اُن سُبحان صورت ساڻس گڏ گڏ پنڌ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهو پنڌ، جنهن ۾ محڪوم ۽ پيڙيل زندگي جي شفا جو ثمر مطلوب آهي. اها شفا جنهن کي ڪڏهن به وري ڪنهن اگھائي جو اُلڪو نه هجي. اُها شفا جنھن لاءِ سندس مُرشد جي هن دُعا ۾ هي بشارت موجود آهي:
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
ايئن هن جو پنڌ به سواءِ ان جي ٻيو ڪنھن به شئي لاءِ ناهي ته سنڌ وطن جي سدا سُک سان گڏ جڳ جهان جو پڻ خير هجي.