پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جمعي تي ساڍا سورھن ھزار برطرف ڪيل سرڪاري ملازمن کي سندن عھدن تي بحال ڪري ھڪڙي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي. ھنن ملازمن کي چار مهينا اڳ گذريل سترھين آگسٽ تي سپريم ڪورٽ جي سنگل جج بينچ تي ويٺل رٽائرڊ جسٽس مشير عالم ان ڏينهن تي بيروزگار ڪري ڇڏيو هو جيڪو ڏينهن ھن وڏي عدالت ۾ سندس آخري ڏينهن ھو. ٻئي ڏينهن تي جسٽس مشير عالم کي رٽائر ٿيڻو هو. مون ته اخبارن ۾ ھن ڏکوئيندڙ فيصلي جي خبر پڙهڻ شرط پنھنجي ذاتي ڊائريءَ ۾ نوٽ لکيو هو ته جيئن ته 16500 ڪڍيل سرڪاري ملازمن ۾ اڌ کان مٿي سنڌي آفيسر ۽ ننڍا ملازم آهن تنهنڪري سمجهان ٿو ته هيءُ فيصلو ڪراچيءَ جي ھڪڙي جج صاحب تعصب پرست بڻجي ڪيو آهي. ھاڻي ته خود سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ انھيءَ فيصلي کي باطل چئي ڇڏيو آھي ته سمجھي سگھو ٿا ته برابر ھيءَ بيواجبيءَ وارو غلط فيصلو ھو، جنھن سان ھڪ ئي ڌڪ ۾ جج صاحب ھزارين ڪٽنبن جو معاشي قتل ڪيو ھو.
ھن تاريخي فيصلي جو پس منظر ھن ريت آھي ته آصف زرداريءَ سال 2008 ۾ ملڪ جو صدر چونڊجڻ کان پوءِ تڏھوڪي وزير اعظم يوسف رضا گيلانيءَ کي صلاح ڏني ته بينظير ڀٽو جي ٻنهي حڪومتن ۾ اسان سوئي گئس، پي آئي اي، پورٽ قاسم، ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن، واپڊا، ريلوي ۽ ٻين ادارن ۾ جيڪي ملازم مقرر ڪيا ھئا تن کي ميان نواز شريف ۽ ان کان پوءِ 9 سالن تائين آمريت مڙهي ويٺل جنرل پرويز مشرف نوڪرين مان ڪڍي بيروزگار ڪري ڇڏيو هو. اوهان پارليامينٽ مان قانون منظور ڪرائي، انھن برطرف ڪيل ملازمن کي بحال ڪري ڇڏيو. يوسف رضا گيلاني قانون جي وزارت کي اھڙو بل تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو جيڪو Sacked Employees Reinstatement Act 2010 جي ٽائيٽل سان منظور ڪيو ويو. بل پاس ٿيو ته اھي 16500 ڄڻا نه رڳو پنهنجن پنهنجن ساڳين عھدن تي بحال ٿي ويا پر جيترا سال ۽ مھينا کين پگھارون ۽ الائونس نه مليا ھئا سي به قومي خزاني مان انھن سڀني کي ملي ويا. 2010 کان مختلف کاتن ۾ ٻيھر ڪم ڪندڙ انھن سينئر ٿي ويل سرڪاري نوڪرن کي آگسٽ 2021 تي ھڪڙي جج نوڪرين مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ته ظاھر آھي سڄي ملڪ اندر اھڙا ملازم متاثر ٿيا. انھن ھڙتالون به ڪيون پر سندن احتجاج تي عدالت ڪوبه ڌيان نه ڌريو. ان کان پوءِ ھنن مان ڪيترن ڄڻن وڪيلن سان رابطو ڪري سپريم ڪورٽ ۾ ھن فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ اپيلون داخل ڪيون. عدالت ۾ اھا عام رواجي ڳالهه آهي ته سنگل جج واري فيصلي خلاف داخل ڪيل اپيلون ٻڌڻ لاءِ گھڻن ججن تي مشتمل بينچ ٺاهي ان فيصلي کي صحيح يا غلط قرار ڏيئي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنجن مانوارن ججن جي بينچ ٺاهي ويئي جنهن جو سربراھه جسٽس عمر عطا بنديال مقرر ٿيو. ڪيس جي فيصلي کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ جسٽس بنديال اھو طئي ڪري وڪيلن کي ٻڌايو ته اوهان جي اپيلن کي ٻڌڻ بدران اسان ھيءَ ڪيس ئي نئين سر ٿا ھلايون جنهن ۾ ڏسنداسين ته پ پ حڪومت طرفان منظور ڪيل ايڪٽ 2010 ۾ ڪابه قانوني ڀڃڪڙي ته ناھي ڪئي ويئي. اپيلن واريون سڀ درخواستون رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي جڏهن انھيءَ ايڪٽ تي عدالت ويچار ڪيو ته ان ۾ ڪابه وڏي خامي نه ھئي. بلڪ جن حڪمنامن ذريعي نواز شريف ۽ جنرل مشرف ھنن سرڪاري ملازمن کي ڪڍيو سي غير قانوني ثابت ٿيا. ان ڪري ئي نئين سر ڪيس ھلائڻ جو فيصلو ڏنو ويو. ھاڻي ھن فيصلي مطابق گھڻا آفيسر توڙي ننڍا ملازم ته بحال ٿي ويندا پر جن ڪوبه امتحان پاس نه ڪيو ۽ سفارشي نموني ڀرتي ٿيا تن کي سپريم ڪورٽ باقاعدي امتحان ڏيڻ ۽ پاس ٿيڻ کان پوءِ عھدن تي رکڻ لاءِ ھرھڪ واسطيدار ڊپارٽمينٽ کي حڪم ڏنو آهي ته جيئن سندن قابليت ۽ اھليت جو پتو پوي.
منهنجي راءِ ۾ ته ھيءَ ھڪ تاريخي فيصلو آهي جنهن سان حقدارن کي سندن حق ملي سگهندو ۽ جيڪي امتحان ۾ پاس نه ٿي سگهندا تن کي گھر وڃڻو پوندو. اھا اسان جي نيم سرمائيداري ۽ وڏيرڪي نظام جي بيماري آھي ته ڪارخانيدار، سردار ، ڀوتار ۽ چوڌري انتظامي عهدن تي پنهنجن مٽن مائٽن ۽ واٺن کي ڀرتي ڪرائي ڇڏيندا آهن. اھي سرڪاري ملازم وري ناجائز پروموشن به حاصل ڪري وٺندا آهن جنهن سان ھزارين سينئر عملدارن جي حق تلفي ٿيندي آهي. پر جيئن ته سڄي ملڪ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي تنهن ڪري بي پھچ ۽ ڪمزور ماڻهن کان انصاف ڪوھين ڏور آهي. انصاف جو ترازو به سدائين طاقتور ڌرين جي پاسي لڙڪي پوندو آهي. سياسي ۽ سماجي اڻبرابري ۽ بورجوا طبقي جي بالادستي باوجود ڪڏهن ڪڏهن ڪي منصف ھمت ڪري اھڙا فيصلا ڏيندا آهن جن مان ھزارين خاندان فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ کان بچي سگهندا آهن. ھيءَ فيصلو به ان لحاظ کان ھڪڙو شاندار تاريخي فيصلو ليکيو ويندو.
ھڪ ته اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاريءَ جي ڪري ڪروڙين پورھيت ۽ پڙھيل لکيل جوان پريشان آهن ۽ ٻيو وري ھرھڪ سياسي جماعت ميرٽ جي لتاڙ ڪري رڳو پنهنجن اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي اڳواڻن جي سفارش تي سندن ئي ماڻهن کي نوڪريون ڏيئي قابليت ۽ اھميت کي بلڊوز ڪيو آهي. روح رنجائيندڙ حقيقت اھا به آهي ته گھڻا وزير ۽ ڪامورا پئسن عيوض ماستري کان وٺي پٽيوالي تائين نوڪريون کپائيندا رھن ٿا جيڪو اسان جي سماج کي ناسور جھڙي مرض جيان چھٽيل آهي. آئون مڃان ٿو ته ھنن ملازمت تي بحال ٿيندڙ خوش قسمت سرڪاري آفيسرن ۾ اھڙا به گهڻا ئي شامل آهن جن کي ڪوبه امتحان يا ٽيسٽ پاس ڪرڻ بنا با اثر سياسي اڳواڻن جي سفارش تي مقرر ڪيو ويو ھو، جنھن جو ذڪر جمعي واري ججمينٽ ۾ نه رڳو ڪيل آهي پر سترھين گريڊ تائين مٿين گريڊن ۾ (يعني آفيسرن کي) ھاڻي امتحان پاس ڪرڻ لاءِ عدالت پابند ڪري ڇڏيو آھي. جيڪڏهن سنڌ ۾ مٿين گريڊن لاءِ امتحان ۽ ٽيسٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حوالي ڪيا ويندا ته اتي ويٺل سمورن رٽائر ٿيل ميمبرن کي جاوا ڪرڻ جو وجهھ ملي سگهي ٿو. ان ڪري ضروري آهي ته ڪرپٽ ۽ رٽائرڊ آفيسرن تي مشتمل ھن ڪميشن کي اھا ذميواري ڏيڻ بدران ڀلي ساک وارن ججن جي ھڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي جيڪا ھيءَ ڏکيو ڪم سرانجام ڏيئي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ايمانداريءَ سان عمل ڪرائي سگهي.
اسلامي ملڪن جي تنظيم واري عالمي ڪانفرنس:
ايڪيتاليهھ سال اڳ 1974 ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو وزيراعظم ھو ته ھن سعودي عرب جي بادشاهه فيصل، ايران جي بادشاهه رضا شاهه پهلوي، ابو ظھبي جي شيخ زيد بن سلطان، لبيا جي معمر قذافي، شام جي حافظ الاسد، الجزائر جي صدر ابو محي الدين، عراق جي صدر صدام حسين، مصر جي صدر انور سادات کان ويندي ٽي سال اڳ آزاد ٿيل بنگلاديش جي سربراھه شيخ مجيب الرحمان کي لاھور ۾ گڏ ڪري اسلامي ملڪن جي تنظيم OIC جو بنياد وڌو، جيڪو آمريڪي سامراج جي اک ۾ ڪنڊو بڻجي ويو. ان تنظيم کي جڏو ۽ بي اثر ڪرڻ خاطر سي آئي اي وارن شاهه فيصل کان ڀٽو تائين ۽ معمر قذافي کان صدام حسين تائين مسلمان ملڪن جي ليڊرن جو جيڪو عبرتناڪ حشر ڪيو، انهيءَ جا تفصيل تاريخ جي رڪارڊ ۾ محفوظ آهن. اڄ 41 سالن کان پوءِ ھن ساڳي اسلامي ملڪن جي تنظيم جا اڳواڻ وزير اعظم عمران خان جا مھمان ٿي رهيا آهن، سا ڳالهه ته اھم آهي. پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته گذريل چئن ڏهاڪن ۾ ھن تنظيم ڇا ڪو ٻوٽو ٻاريو آهي؟ فلسطين ھجي يا ڪشمير، افغانستان ھجي يا لبيا، ھرھنڌ نظر اچي ٿو ته ھيءَ تنظيم رڳو نالي ۾ نھال آهي. دنيا جي مسلم ملڪن جي بدترين حالت کي سڌارڻ لاءِ ھن تنظيم ڪوبه ساراهڻ جوڳو عمل نه ڪيو آهي. ڏسون ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ گڏجاڻيءَ مان ڪو کڙتيل نڪري ٿو يا ھميشه وانگر نشستند، گفتند، برخاستند ئي ٿيندو!
ھن مھل عالمي سطح تي جن ملڪن جا پنھنجن مفادن خاطر اتحاد ٺھي رهيا آهن تن ۾ آمريڪا، انڊيا ۽ اسرائيل ھڪ پاسي آهن. آمريڪا ۽ اسرائيل ڪنهن به صورت ۾ ايران جو گھيرو ڪري، ان جي ايٽمي ھٿيارن جا ڪارخانا تباھه ڪرڻ جي نيت سان اسرائيل کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ ھٿيارن سان سٿي ڇڏيو آھي. پاڪستان ۾ هي اسلامي ڪانفرنس اھڙي ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ ٿي رهي آهي تنهن ڪري چائنا ۽ روس کي به خاص دعوت ڏني ويئي آهي ته ھي ٻه سپر پاور اسلامي ملڪن جو ساٿ ڏين. ڏسڻو اهو آهي ته ڇا چين ۽ روس اسلامي ملڪن جي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿين ٿا نه؟