ڪتاب “اکر اپجي اکر مان” بابت لکجي ته ٻيو ڪتاب لکجي وڃي. جي نه لکجي ته ڪتاب خود پنهنجو تعارف پاڻ آھي. سائين نور احمد جنجھي پنهنجي پاران شاعري بابت ڪجهھ ھيئن لکي ٿو: “شاعري بس شاعري آھي ۽ شاعري پنهنجو تعارف پاڻ آهي”. شاعري جي پيشڪش ماھرن جي اٽڪلن کان گهڻي اڳڀري آھي. انھي ڪتاب ۾ دل ديس جا حال بھترين نموني سان اوريل آھن جنهن جو ڪو اندازو ئي ناھي. منهنجي ڄاڻ ۽ تجربي مطابق اھو شاعري پنهنجي وس کان وڌيڪ حالتن جي ھٿ آهي، جن حالتن ۾ سائين اھو مواد جيڪو ترتيب ڪيو آهي ۽ انهيَ ۾ ماڻهو گهڻو ڪجھه سمجھي سگھي ٿو. اھو سٺي نموني ثابت ٿئي ٿو ته ٿر ڪيترن ئي قدرتي خوبصورت ماڳن سان ڀرپور ته آهي پر ٿر انهن ڏڪاريل ۽ بي آواز ماروئڙن جو آواز به رھيو آهي پر شاعري جي انهن لفظن ۾ لذت آڻڻ اھو نه صرف ٿر جي ڀٽڪيل ڀٽن جو تعارف آهي پر سائين نور احمد انھي شي کي پنهنجي خوبصورت لکڻين ۾ سڄي سنڌ توڙي دنيا ليول تي ٿر کي پروموٽ ڪرڻ لا سائين نور احمد انھي کي پيار جو پورھيو سمجھي لکڻ ۽ تخليقي علم اورڻ ۾ رڌل رھندو آهي. سائين لکڻ پڙھڻ واري ڪم کي ھميشه پنهنجو پورھيو سمجهي لکندو، جي چاھت ۾ مشغول ھوندو آهي. شاعري ماڻهن جي من تي مور جي رقص جيان جھمريون پائيندي رھي آهي. ڪتاب کان ھٽي ڪري جي سائين جي شخصيت بابت ڳالھائجي ته سائين پنجٽيھه ڪتابن جو مالڪ آهي. سڄي سنڌ ۾ لاڙ کان ڪاڇو تائين تمام بھترين محقق گھڻ پڙھيا ۽ وڏا اديب شاعر ويٺا آهن، جيڪي سائين تي ۽ انھي ڪتاب تي ڀلي ڀيٽا ڏئي سگھن ٿا. جنهن پنهنجي شروعاتي دور کان لکڻ پڙهڻ شاھه جي شناسائي، ڀڳت ڪبير، ميرا ٻائي ۽ شيخ اياز تي تمام گهڻو ۽ سنڌ ۾ مڃتا ماڻيندڙ ڪم ڪري نالو اجاڳر ڪيو آهي. سائين جي شاعري پڙھڻ سان دل جا اماسيل ارمان اجاڳر ٿي وقت جي ورچنا ڪندا آھن. جديد دور جي حساب سان سائين اھا به ڳالهھ ڪئي ته دنيا ورچوئل دور طرف وڃي رھي آهي. جيڪڏهن ڳالهھ اسان جي نوجوانن جي ڪريون ته اھي صرف مختصر شيون پڙهڻ چاھيندا آهن. جيئن اکر اپجي اکر مان اھو ڪتاب ھر ڪيل وڏي ڳالهھ کي سوڙي ڪري شاعري جي روپ ۾ پنهنجو رستو اختيار ڪيو ته اھا ھڪ يا ٻن صفحن تي پوري ٿئي ٿي ۽ ٽوٽل 176 صفحن تي مشتمل شاعري جو اھو ٻيو نمبر ڪتاب آهي. ھر ننڍي وڏي پڙهڻ واري جي ھٿ ۾ آهي. ايئن ناھي ته ھر لکندڙ کي قدرتي علم مليو ھجي. شاعري انسان جي ڪيفيت کي ظاھر ڪري ٿي. سائين علم کي ٽن قسمن جي ڪيفيت سان دماغ ۾ اوري ۽ انهن کي مشاعري ۾ پيش ڪرڻ لازم سمجهيو آهي.
1) قدرتي علم اھو آهي جيڪو ھر انسان کي عطا ٿيل آهي جيئن ھڪڙو ننڍڙو ٻار آھي اھو اٿڻ سکندو آهي ته ما انھي کي روڪيندي آهي منهنجي پٽ کي چٺا نه پون، ساڳيو ٻار ڪري ڪري اٿي ھلڻ سکندو آهي.
2) اھو علم جيڪو تجربن ۽ مشاهدن جي ذريعي حاصل ڪيو وڃي.
3) اھو علم جيڪو انسان کي انسان ٿو ٺاھي اھو آهي علم “عشق” جنهن سان انسان جا (Vehicle of thoughts) سفر ڪرڻ شروع ڪندا آهن.
شاعري جو جنم ھميشه انسان جي ڳالھائڻ کان ٿئي ٿو. ٿر نالو ئي ھڪ آرٽ جو آهي ۽ اھو آرٽ انسان جي زنده ھئڻ جي علامت آهي. ٿر فطرت جو ميوزيم آهي. سائين نور احمد جي انھي شاعري واري فڪشن ۾ ڪيتريون ئي انمول شيون آهن جيڪي هن شاعري جي روپ ۾ سرفھرست ڪيون آهن. ٿر ھڪ خوبصورت ماڳن سان ته مالامال آهي پر حقيقي بنياد تي جي اسين ڏسون ته ٿر ڪيترن ئي دردن جي داستان سان ڀريل خوفناڪ وقت جي آواز آهي، جنهن محروميت کي جنم به ڏنو آهي. اھو شعري مجموعو سندس اڳين ڪيترين ئي نثري ڪتابن کان الڳ آهي. انهي آيل شعري مجموعي ۾ اندر جي عشق اماسيل راتين جي رولاڪين وارن لفظن ۾ جاڳرتا ڏني ڪٿي وري انسانن جي حيوانن وانگر ڪيل ڪرتوتن کي سماج ۾ ٿيندڙ ظلم جي سطح کي به بيان ڪيو آهي. ڪٿي اھو به ٻڌايو ويو آهي ته دنيا دورنگي آهي ۽ انهي دورنگي واري دنيا ۾ ھلندڙ سلسلي کي آجيان جي اوٽ ملي ته ٻي پاسي جتي تنهنجي موجودگي ھجي صبح ھجي سانجھي ھجي.
اکين ۾ منظر سمورا
جي تنهنجا ئي آھين
پو ڳولا ڳلي ڳلي ۾
ڀلي ۾ يا ڍلي ۾
ڇو آهي ۽ ڇا جي آهي؟
صبح آهي ۽ سانجھي آهي.
دنيا ۾ محبت ھميشه لاحاصل ھوندي آهي محبت ۾ ابتدا ۽ انتھا آهي محبت اھڙو اڻکٽ ڪمال آهي، جنھن تي زوال نـٿو اچي سگهي. محبت به دنيا جي فطرت کي ڏسي ڪري روحاني محبت جي ڪيفيت تبديل ٿيندي آهي. پر اڄڪلھه جو زمانو ھڪڙي قسم جو گونگو ۽ ٻوڙو آهي، جنهن ۾ ھر سچو ماڻھو لڳي ٿو ڪوڙو، بس سچي ماڻھو جي انهي دنيا ۾ ماٺ ئي چڱي آهي. اڪثر ماڻهو نئين سال جي خوشي ۾ ڪجھه نئون سوچڻ تي اتاولا رھندا آهن. پر ھت ھر غريب جو ھر وقت گھاڻي ۾ گذري ٿو. اھڙن غربت جي ور چڙھي ويل انهن جو جھڙو ماضي تھڙو حال، جنهن جو ھن دورنگي واري دنيا ۾ جيئڻ ئي ھڪڙي قسم جو جنجال آهي ۽ انهن ماڻهن جي زندگي ۾ ڪھڙو نئون سال.
وقت جي وير وھندڙ آهي
وقت سدائين رھندڙ آهي
سج لھي ٿو رات ٿئي ٿي
وري پرھه ڦٽي پرڀات ٿئي ٿي
غربت انھي ڪيفيت جو نالو آهي جيڪو ھر غريب جي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي ٿي. انھي غريبي واري وقت ۾ حالتون ھڪجھڙيون نه ھونديون آهن. سائين جي شاعري اڳڪٿي ٻڌائي ٿي ته ايئن سڀاڻي ڪجھه ٿيڻو آهي. سائين نور احمد حقيقي عشق کي پنهنجي ھڪ بھترين استاد جو لقب ڏنو آهي. عشق انھي وزني شي جو نالو آهي جنهن جي ڳالهھ ڪرڻ وڏي به آهي ۽ ڳري به آهي.