ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ: حڪومت ڇا پئي ڪري؟

Editorial

سنڌ ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻي ويا آهن پر هن مهل تائين ان جو ڪو تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي. ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري، واپارين پنهنجي من پسند اگهن تي وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏيو اهي. جڏهن ته ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري جون به خبرون اچي رهيون آهن. اهڙي صورتحال خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آبادگار سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن. کڏڙو ۾ سوين آبادگارن يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف سانگهڙ-نوابشاھه مين روڊ تي سانگهڙ طرف ويندڙ سوين ٻورين سان ڀريل ڀاڻ جي ٽرالر کي زبردستي روڪي ورتو. ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا کي ٻڌايو ته “اسان کي هڪ مهيني کان ڀاڻ نه ٿو ملي، واپاري يوريا جي ٻوري 2700 جي حساب سان بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آھن، لکين ٻوريون اسٽاڪ ڪيون ويون آھن، يوريا جي في ٻوري 17 سئو رپين جي آهي، اسان اڄ واپارين جو ڀاڻ جي سوين ٻورين سان ڀريل ٽرالر روڪي اسسٽنٽ ڪمشنر کي اطلاع ڏنو، پر اي سي واپارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لا تيار ناهي. هنن گهر ڪئي ته ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو بند ڪرائي آبادگارن جو معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي.
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڀاڻ جي کوٽ واري مسئلي جي حل لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو،. اجلاس ۾ آبادگار اڳواڻن ضلعي ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ جون دانهون ڪندي ان جو ذميوار ضلعي انتظاميه ۽ فرٽيلائيزر ڊيلرن کي قرار ڏيندي چيو ته گذريل 5 ڏينهن کان ڊيلر بليڪ تي آبادگارن کي يوريا ڀاڻ 2100 کان 2800 روپين تائين وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ هن وقت ضلعي ۾ وڏي تعداد ۾ ڀاڻ جون ٻوريون به آهن پر ان جي باوجود آبادگارن کي ٻوريون نه پيون ملن.
ڀان سيدآباد شهر ۾ واپارين پاران ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ خلاف آبادگارن پريس ڪلب ڀان اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب سڄي سنڌ ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي. ڀاڻ جي سرڪاري ريٽ 1800 بدران واپاري هڪ هٽي قائم ڪري آبادگارن کي ڀاڻ 2700 رپين تي ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته ڀان ۾ ڊي اي پي بليڪ تي 9000 تي خريد ڪرڻ تي مجبور آهيون. وڏا واپاري ۽ ڊيلر ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن. هنن الزام هنيو ته ڀان ۾ واپاري هزارين ٻوري اسٽاڪ ڪري لڪائي ويٺا آهن، پر افسوس ڪير به نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي.
سڪرنڊ ۾ يوريا ڀاڻ جي ڊيلرن ۽ دڪاندارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن گهر ڪئي ته فوري طور قدم کڻي يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
گمبٽ ۽ آس پاس وارن علائقن کھڙا، صائدي، جادو واھڻ، اڳڙا ۽ ٻين شھرن ۾ واپارين سرڪاري اگھن کي ٿڏي ڇڏيو آهي. ڀاڻ جي هٿرادو قيمت مقرر ڪري آبادگارن کي ڦري رهيا آهن. آبادگارن جو چوڻ آهي ته “ھتي من پسندن يا وڏن زميندارن کي سرڪاري اگھه تي 1768 رپيا في ٻوري جي حساب سان ڀاڻ ڏنو وڃي ٿو، باقي ھارين کي 2500 رپيا ۽ مختلف اگهن تي ڏنو وڃي ٿو. ڇاپا ھڻي ڀاڻ جي ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪري سرڪاري اگهه تي ڀاڻ ڏنو وڃي.”
ٽنڊوالهيار ۾ زراعت کاتي جي عملدارن ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري لکين رپين جي اسمگلنگ ٿيندڙ ڀاڻ سان ڀريل ٽرڪ ۽ ٽرالر کي هٿ ڪري ورتو آهي ٻڌايو وڃي پيو ته ڀاڻ پنجاب مان اچي رهيو هو، جنهن کي واپاري ڳجهه ڳوهه ۾ مختلف گدامن ۾ منتقل ڪرڻ وارا هئا، جنهن دوران ڪارروائي ڪئي وئي. بي سيڪشن پوليس ٽرالر ۽ ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ زراعت کاتي جي فوڪل پرسن ٻڌايو ته “جيڪا ٽنڊوالهيار جي ڀاڻ جي ڪوٽا آهي، اها ڪوٽا ٻين شهرن ڏانهن اماڻي پئي وڃي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، ان ڪري اسان ڪارروائي ڪئي آهي، اڳ ۾ به ضلعي انتظاميا جي مدد سان آبادگار ڀائرن کي ڀاڻ ڏنو ويو هو، هي ڀاڻ به آبادگار ڀائرن کي ئي ڏنو ويندو، هن ڀاڻ جي ماليت لکين رپيا آهي.” سنڌ آبادگار اتحاد جي ضلعي صدر چيو ته “ٽنڊي الهيار ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ڪئي وئي آهي، ٽي ٽي هزار ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي.” ٽنڊي الهيار ۾ ٿيل ان ڪارروائي سان آبادگارن ۽ هارين جون اهي شڪايتون درست ثابت ٿين ٿيون ته ڀاڻ جا ڊيلر ڀاڻ ذخيرو ڪري، بليڪ تي وڪڻي رهيا آهن. سڄي سنڌ ۾ اهڙي صورتحال جون دانهون ٿي رهيون آهن، تنهنڪري سڄي سنڌ ۾ اهڙيون ڪارروايون ٿيڻ گهرجن. ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي، حڪومت کي پنهنجي اها ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي.
پاڻي جي ورڇ جي مسئلي کان ويندي نقلي ڀاڻ ۽ ٻجن جي وڪري ۽ فصل جا اگهه گهٽ ملڻ تائين ننڍو آبادگار ۽ هاري ئي ڀوڳي ٿو، جڏهن ڀاڻ جي فراهمي جو موقعو اچي ٿو ته پو به انهن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ جتي جتي به ڊيلر ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري ۾ ملوث آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. جڏهن ته ڀاڻ جي سرڪاري اگهه تي فوري طور عمل ڪرايو وڃي. جيڪي ڊيلر ننڍن آبادگارن ۽ هارين جو استحصال ڪري رهيا آهن، انهن خلاف قانوني چاره جوئي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button