پاڪستان پريشان آهي ته وڌندڙ سرديءَ ۾ افغان عوام جو ڇا ٿيندو؟ پاڪستان ڇو پريشان آهي؟ ان جا سبب ته سڀ کي سمجهه ۾ اچن ٿا ته ٻيا ڀرپاسي وارا ملڪ ڪنهن به قسم جي ڪا ڳڻتي محسوس ڇو نه ٿا ڪن؟ ان سوال جو جواب عالمي ۽ علاقائي ضمير کان پڇڻو پوندو. پر ڇا ضمير جي به ڪا حد مقرر ڪري سگهجي ٿي. ضمير کي سوڙهو ڪري سياست جي سرحد ۾ ڦاسائي نه ٿو سگهجي. اهو ئي سبب آهي ته جيڪي ماڻهو عالمي آدرشن لاءِ مزاحمت ڪندي مقيد ٿيندا آهن، انهن کي ضمير جا قيدي قرار ڏنو ويندو آهي. جيڪڏهن هن دنيا ۾ ضمير جا قيدي ٿي سگهن ٿا ته پوءِ ضمير جا مجرم ڇو نه ٿا ٿي سگهن؟ جيڪي انسانن کي ضمير جو قيدي بڻائن ٿا، اهي ضمير جا مجرم آهن. جيڪي انسانن جي ٻچڙن کي بک ۾ مانيءَ جي ڳڀي ۽ بيماريءَ ۾ دوا دارون کان محروم رکن ٿا، اهي جيڪڏهن ضمير جا ڏوهاري ناهن ته پوءِ آخر ڇا آهن؟ اسان ته سدائين انسانن کي صرف انسان جي صورت ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
“اسان سنڌ وارن ازل کان اياز
ڪنهين لاءِ مندي سمائي نه من”
پاڪستان جا حڪمران وڏي عرصي کان پڪاري رهيا آهن ته عالمي برادري ڪجهه اڳي اچي ۽ افغانن جي مدد ڪري. پر جيئن ته عالمي برادري آمريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ طالبان حڪومت سان شديد اختلاف رکي ٿي، ان ڪري افغان حڪمرانن جي سزا عوام کي ڏيڻ لاءِ بضد آهي. آمريڪا ته جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، اهو هن وقت به منظرعام تي اچي رهيو آهي ۽ ايندڙ وقت جي دوران اهو گهڻن ثبوتن سان سامهون ايندو پر سوال اهو آهي ته اهي ڀرپاسي واري ملڪ جن ۾ چين، روس، ايران ۽ وچ ايشيائي رياستون اچي وڃن ٿيون ۽ انهن جون ريتون رسمون ۽ انهن جي موسم به افغانستان سان ملندڙ جلندڙ آهي، انهن ملڪن ۾ کائڻ پيئڻ لاءِ به جام آهي ته اهي ملڪ آخر انهن افغانن جي مدد ڇو نه ٿا ڪن، جيڪي سچ پچ به هن مهل تمام وڏي انساني ٽرئجڊيءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن. انهن وٽ نه کائڻ لاءِ ڪا شيءَ آهي ۽ نه هن سرديءَ ۾ ٻارڻ جي لاءِ، گهڻن جا ته گهرگهاٽ وڃائجي ويا آهن ۽ هو پراڻن ڪمبلن ۾ ويڙهي ڪنبي رهيا آهن. انهن کي ڪو پتو ڪونهي ته هن سرديءَ مان پار پوندي انهن مان ڪيترا جيئرا رهندا ۽ ڪيترا مري ويندا؟
افغانستان جا حڪمران ته سدائين سخت دل رهيا آهن. جڏهن ته هي موجوده حڪمران ته ماضيءَ جي حڪمرانن کان به ٻه هٿ اڳتي آهن. ڇو ته جيڪي ويهن سالن کان وڌيڪ وقت تائين صرف موتمار مشينون ٿي هلندا رهيا آهن، انهن کي ڪهڙي پرواهه ته بک ۽ ڏک ماڻهن کي ڪيئن ماري ڏاري ٿي؟ انهن کي صرف پنهنجو مزاج ۽ پنهنجي مرضيءَ واري حڪمراني عزيز آهي. جهڙي طرح اردوءَ جي هڪ شاعر لکيو آهي ته:
“دريا ڪو تو اپني تغيانيون سي ڪام
ڪشتي ڪسي ڪي پار هو يا درميان لگي”
هو جيڪي رت جا درياهه پار ڪري اقتدار تي ويٺا آهن ۽ جن کي اها پرواهه ناهي ته عالمي برادري انهن جي فيصلن تي ڪهڙو ردعمل ظاهر ڪري ٿي. هو جيڪي بنهه ضدي ۽ صرف پنهنجي ٻڌڻ وارا آهن، انهن کي گهربو هو ته هڪ توازن واري حڪومت جوڙين ها ۽ پنهنجي عوام لاءِ عالمي برادريءَ کان وڌ کان وڌ حصو حاصل ڪن ها. پر انهن کي ڪهڙي ڪاڻ؟ انهن جي لاءِ انهن حڪومت قائم آهي ۽ بس!
پاڪستان تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته ٻن ضدي ڌرين جي وچ ۾ ڪو نبيرو ڪرائي پر جيئن ته اسان جي حڪمرانن جو پنهنجو رڪارڊ اهڙو نه هو، جنهن جي بنياد تي انهن تي اعتبار ڪيو وڃي، ان ڪري هن مهل تائين هو افغان طالبان جي حڪومت لاءِ اهڙو ڪجهه نه ڪري سگهيا آهن، جنهن تي انهن کي فخر محسوس ٿئي. پاڪستان صرف اپيلون ٿو ڪري پر اپيلن جي اثر لاءِ به ڪجهه گهربل هوندو آهي. پاڪستان افغان حڪومت جي لاءِ عالمي برادريءَ جي دل ۾ نرم گوشو پيدا نه ڪري سگهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اهو دليل ڪتب اچي رهيو آهي ته جيڪو ملڪ پنهنجي لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي اهو ملڪ ڪنهن ملڪ جي باري ۾ ڇا ڪندو؟ پاڪستان جون پنهنجيون امدادون بند آهن ۽ پاڪستان کي جيڪڏهن قرض به ڏنا وڃن ٿا ته انهن جا شرط وياج کان به وڏا آهن. ان صورت ۾ پاڪستان جي ڪوشش آهي ته هو جيڪڏهن پنهنجي لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ افغان عوام جي لاءِ ئي ڪجهه ڪري. ان ڪوشش جو ڪارڻ اهو ناهي ته ڪو پاڪستان جي دل ۾ افغان عوام لاءِ ڪهڪاءُ آهي. ان پريشانيءَ جو سبب اهو آهي ته پاڪستان ڄاڻي ٿو ته جيڪڏهن افغان عوام بک ۽ بيمارين سبب تمام گهڻو تنگ ٿيو ته ان کي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ کان سرحدي چوڪيدار نه روڪي سگهندا. ڇو ته بک جو عذاب تمام شديد هوندو آهي.
پاڪستان کي معلوم آهي ته عالمي برادريءَ جي دل ۾ طالبان حڪمرانن جي لاءِ ڪو احساس ڪونهي ان ڪري پهريون ڀيرو پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان اهي لفظ به چوڻ شروع ڪيا آهن ته افغانستان جي حڪومت ۽ افغان عوام ٻه الڳ ڳالهيون آهن. هونءَ ته اها حقيقت به آهي ته طالبان جي موجوده افغان حڪومت افغان عوام جي چونڊيل نه پر انهن جي مٿان مسلط ٿيل حڪومت آهي. افغانستان جي ٻهراڙين جو رويو ٻيو هو پر سچ اهو آهي ته افغانستان جا شهري علائقا آمريڪا نواز حڪومت کي قبول ڪري چڪا هئا. اهو ئي سبب هو ته جڏهن آمريڪي بنا بندوبست جي پنهنجا ڪپڙا ڇڏي به راتو رات ڀڳا ته انهن جي حامي افغان عوام کي وڏو صدمو پهتو ۽ هو عملي طور تي هڪ چيخ بڻجي ويا ته اوهان تاريخ جي ايتري وڏي غداري ڪيئن ٿا ڪري سگهو؟ اوهان اسان کي دشمنن جي هٿن ۾ ڪيئن ٿا ڏئي وڃون؟ پر آمريڪين ڪنهن جي ڪا ڳالهه نه ٻڌي ۽ افغانستان کي ائين ڇڏي ويا، جيئن انهن ماضيءَ ۾ ويٽنام کي ڇڏيو هو. آمريڪين پڄاڻان افغانن جي ڪهڙي حالت ٿي؟ ان سوال جو جواب اڄ به يوٽيوب تي موجود اهي وڊيوز آهن، جن ۾ اهو ڏيکاريل آهي ته ڪابل ايئرپورٽ تي ڪجهه افغاني جهازن جي ڦيٿن ۾ چنبڙي به آمريڪين سان گڏ وڃڻ لاءِ بيتاب هئا ۽ اهي بلنديءَ تان هيٺ ڪري جهڙي طرح پنهنجا هڏگڏ ڀڃائي مري ويا، اهو سمورو نظارو آمريڪا جي بي وفائيءَ جو هو. آمريڪا جي باري ۾ ان مهل آمريڪا جي حامي ميڊيا به تمام گهڻي واويلا ڪئي.
ڀارت جا چينل ته آمريڪي انخلاءَ جي منظرن کي بار بار نشر ڪري بنهه ڇتا ٿي پيا هئا ۽ هو آمريڪا جي اهڙي انداز کي نه صرف افغان عوام پر عالمي برادريءَ سان به وڏو دوکو قرار ڏئي رهيا هئا پر هاڻي اهي سڀ خابرو ادارا خاموش آهن. هن وقت جڏهن افغان عوام موسم جي سختيءَ ۽ عالمي برادريءَ جي بي رخيءَ سبب موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن ته انهن جي باري ۾ ڪنهن کي ڪا ڳڻتي ڪانهي. جڏهن هي اها مهل آهي جڏهن افغان عوام جي مدد ڪري انهن کي محسوس ڪرائڻ گهرجي ته مثالي نظام قائم ڪرڻ جون دعوائون ڪرڻ وارن طالبان حڪمرانن کي صرف مارڻ اچي ٿو، انهن کي جيئارڻ جو ڪو به فن نه ٿو اچي. هو ان صلاحيت کان محروم آهي ته موت جي منهن ۾ ويندڙ معصوم ٻار کي ڪيئن بچايو وڃي. افغان طالبان جي پوري تربيت موت ورتي رهي آهي. انهن جي مهارت ماڻهن کي مارڻ واري آهي، انهن کي ڪهڙي خبر ته ماڻهن کي موت جي منهن مان ڪيئن بچائبو آهي؟ اهو ئي سبب آهي ته اهڙين سخت حالتن ۾ به افغان طالبان هٿ تي هٿ رکي عالمي برادريءَ جي بيرخيءَ جو تماشو ڏسي رهيا آهن. انهن کي ته هر ڏينهن تازا نان ۽ گرم قهوا ملن ٿا. انهن کي ڪهڙي پرواهه ته قنڌار کان وٺي پنجشير تائين عام افغان عوام ڪهڙي پيڙا مان گذري رهيو آهي ۽ انهن جي زندگين مٿان موت جا پاڇا ڪيتري نه گهاٽي طرح سان پئجي رهيا آهن.
افغانستان ۾ ڪم ڪندڙ امدادي ادارا بار بار دانهون ڪري رهيا آهن ته انهن وٽ جيڪي به وسيلا موجود آهن، اهي افغان عوام جي بک ۽ بيمارين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪافي ناهن. انهن جو صاف موقف اهو آهي ته هن مهل افغانستان جي صورتحال اهڙي آهي ته جيڪڏهن گڏيل قومن جو ادارو پنهنجا مجموعي وسيلا به استعمال ڪري ته هو افغان بحران کي حل ڪري نه ٿو سگهي. افغانستان ۾ بکن ۽ بيمارين جو واحد حل اهو آهي ته دنيا جا ملڪ ملي ۽ منظم طرح سان افغان عوام جي مدد ڪن ۽ ان سلسلي ۾ هو صرف انسانيت کي ڏسن. انسانيت ۽ سياست ٻه متضاد لفظ بڻجي ويا آهن ۽ اهو هن دور جو الميو آهي. هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن سياست انسانيت جو نعم البدل لفظ بڻجڻ جي ڪوشش ڪندي آهي پر هاڻي اها روش ختم ڪئي وئي آهي ۽ ماڻهو صرف “قومي مفاد” جي نالي ۾ ذاتي ۽ گروهي مفاد جي پويان ڇتا ٿي پيا آهن.
افغانستان ۾ جيستائين آمريڪا موجود هو، تيستائين روس کان وٺي چين ۽ ايران تائين سمورن ملڪن کي تشويش هئي پر هن مهل جڏهن هو “بظاهر” ۽ “وقتي طور” نڪري ويو آهي ته سمورن ملڪن پنهنجي امدادي مٺ ڀيڪوڙي ڇڏي آهي. جڏهن ته هو ڪالهه تائين افغانستان جي نئين سر تعمير جا نعرا هڻندا هئا پر جڏهن انهن کي محسوس ٿيو ته هو افغانستان ۾ آمريڪا وانگر پنهنجي بي تاج بادشاهي قائم ڪري نه سگهندا ته انهن پنهنجن قولن ۽ قرارن کي ائين وساري ڇڏيو، جيئن شرابي رات وارا واعدا صبح جو وساري ڇڏيندو آهي. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن کان ته انهن جا اعلان وسري ويا پر افغان عوام تمام گهڻي تڪليف سان انهن جو هڪ هڪ لفظ ياد ڪري ويٺو آهي. ڇا افغانستان عالمي ضمير جي بي وفائيءَ سبب بکن ۽ بيمارين ۾ پاهه ٿيندو؟
ڇا عالمي ضمير کي پتو ناهي ته بک جي ڪک مان سدائين ڏهڪائيندڙ ڏوهه پيدا ٿيندا آهن؟