ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مڪاني چونڊن جو نئون نياپو

Editorial-Article-Irshad Leghari

خيبر پختونخواه ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي دوران سترنهن ضلعن جا جيڪي هيستائين نتيجا سامهون آيا آهن، تن ۾ عمراني ٽولي جي بنادير تڏا ويڙهه جو نياپو موجود آهي. ٻيو ته ٺهيو پر اهي ضلعا جن کي عمراني ٽولي جو ڳڙهه سمجهيو پئي ويو، تن ۾ به مولانا فضل الرحمان جي سنگت “فتح” جو جهنڊو کوڙي مٺايون کائي، هضم به ڪريون ڇڏيون. پشاور جيڪو پختونخواه جي گادي وارو شهر آهي، تنهن مان عمراني ٽولي جي شڪست کان پوءِ هاڻ باقي بچي ڇا ٿو؟ جنهن آڌار عمران اها رٽيل هام هڻندو ته عوام هاڻ هن ملڪ جي ڪرپٽ ۾ پراڻن چهرن مان بيزار ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري عوام هاڻ تبديلي جا واٽ تي وڌندو ويندو!! واضح رهي ته اهڙو اظهار عمران خان الجزيره کي ڏنل پنهنجي تازي انٽرويو ۾ به ڪيو آهي. پاڻ ان ڳالھه سان ضرور سهمت آهيون ته هن ملڪ جو مظلوم ۽ محڪوم عوام تبديلي جا خواب اکين ۾ سنڀالي هلي ٿو پر اها تبديلي ٿاڦيل نااهل عمراني ٽولي واري نه پر تاريخ جي اها تبديلي آهي، جنهن جي اڳواڻي عوام پاڻ ڪندو آهي ۽ پاڻ کي سورنهن آنا پڪ آهي ته اها تبديلي هن ملڪ ۾ هڪ ڏينهن لازمي نروار ٿيڻي آهي، جنهن تبديلي ۾ جبر جا سمورا تخت ۽ تاج تختا تختا ٿي اڏامندا.
ها سو پاڻ ڳالھه پئي ڪئي مڪاني چونڊن جي نئين نياپي جي ته ان نياپي ۾ ڇا ڇا آهي؟ تنهن ڪري اچو ته ان جو ڇيد ڪريون.
دراصل هي رياست، جيڪا پنهنجي ڳر ۾ ڪڏهن به عوامي رهي ئي ناهي، تنهن ردعمل ۾ اندرو اندر عوامي ڪاوڙ جو جيڪو ٻارڻ ٻري رهيو آهي، تنهن جو اسٽيبلشمينٽ کي چڱي ريت اندازو هئڻ کان پوءِ منجهن ايتري قوت هاڻ بچي به ڪٿي آهي جو ويهي عمراني ٽولي جي نااهلين ۽ نخرن جو وڌيڪ بار کڻي سگهن!! تنهن ڪري اهو جيڪو مڪاني چونڊن ۾ ترجيحن جو ڦيرو نظر آيو آهي، سو اڻٽر هو. عمراني ٽولي جي تاريخي ناڪامي ۽ خواري کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ وٽ ان کان سواءِ ٻي راھه ئي ڪونه بچي آهي ته اها پراڻن آزمايل گهوڙن کي ٻيهر ان ريس ۾ ڊوڙائي، جن کان افغانستان کان ويندي سعودي عرب سان نوان معاملا طئي ڪرڻ تائين اهو ڪم وٺي سگهجي، جيڪو عمران جي وس ۾ ئي ناهي.
جيتوڻيڪ معاملا ته علائقي جي ٻين قوتن سان پڻ نئين سڱ جا گهرجائو آهن پر في الحال افغانستان سامھون آهي ۽ ان سان گڏ اهو سعودي عرب پڻ، جنهن پنهنجي روايتي پاليسي ۾ تيزي سان تبديلي آڻي پاڪستان کي به اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ته هاڻ گهڻو ٿيو!! اهو ئي سبب آهي جو پختونخواه ۾ مولانا فضل الرحمان تي مهربانيون ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن ۽ سگهو ئي پاڻ کي پنجاب ۾ نواز ليگ پڻ عمراني ٽولي کي ٻُهارو ڏيندي نظر ايندي. جنهن کان پوءِ انهن ٻنهي گهوڙن مان هڪڙي کي افغانستان ۽ ٻئي کي سعودي عرب ۾ ڊوڙايو ويندو.
باقي بچن ٿا سنڌ ۽ بلوچستان سو پاڻ کي ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڇا ٿو ٿئي!؟
ان تناظر ۾ بلوچستان اندر پڻ هڪ حد تائين پُراڻي شڪل سامهون اچڻ جا واضح امڪان آهن. بلوچستان اندر هاڻ انهن ڌرين کي ئي وارو ڏنو ويندو جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جهڙين پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو تجربو به رکن ٿيون ۽ انهن جي ٿوري گهڻي عوامي ساک بچيل پڻ آهي. باقي بچي ٿي سنڌ ته ان ۾ هيلوڪيون مڪاني چونڊون ڏسڻ وٽان هونديون. اهو ان ڪري جو اطلاع اهي آهن ته سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽي جي ئي حوالي ٿيندي ۽ ان ۾ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ هڪ اهڙي انتظامي اختيار واري کِچڙي ورهائي ويندي، جنهن سان سڀني کي ٿورو ٿورو ڪري ريجهايو ويندو. ڇاڪاڻ ته ڪراچي ئي آهي، جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ آخري راند کيڏندي آهي ۽ هاڻ ان راند ۾ ڪجھه اهڙو ٿي سگهي ٿو، جيڪو گهڻن کي حيران ڪري ٿو سگهي. ان راند ۾ چيو پيو وڃي ته پيپلزپارٽي ۽ مصطفي ڪمال وارو ٽولو هڪ ٻئي کي “ملڪ ۽ سنڌ جي وسيع تر مفادن خاطر” ايئن ئي ٽوپيون پارائيندا جيئن ڪالهھ نائين زيرو تي ٽوپين جي مٽاسٽا ڪئي وئي هئي!!
ايئن جڏهن سموري ملڪ ۾ مڪاني چونڊون مڪمل ٿينديون تيئن ئي سڀني کي اهو سنيهو به ملي ويندو ته مرڪز ۾ ڪهڙا ڪمدار ويهڻ وارا آهن. ۽ پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته اسٽيبلشمينٽ وٽ اڄڪلهھ نرمي ۽ لچڪ رکڻ وارو ڪمدار ڪهڙو آهي!؟ ان جو پاڻ نالو هتي في الحال ان ڪري نه پيا لکون ته جيئن ان پڌري پٽ پيل ڳُجهارت جي ڀَڃڻي لاءِ پڙهندڙ به پنهنجو حصو پتي وجهي سگهن.
باقي عمراني ٽولي جي خُواري هاڻ ايندڙ هر ڏينهن ڏسڻ وٽان هوندي!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button