ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

رجعت پرست قوتن جو متبادل رجعت پرست؟

Editorial-Article-Yameen Jatoi

20 ڊسمبر تي پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ هڪ اهم ترين اڳڀرائي ٿي آهي، خيبرپختونخوا جي مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آ جي اميدوارن کي بدترين شڪست ملي آهي. اها اصل ۾ ان نفرت جو اظهار آهي، جيڪا لاوو بڻجي ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي کان عوام منجهه اٻري رهي هئي. پي ٽي آ کي مليل ان شڪست جي اهميت ان ڪري به آهي ته اها ڪنهن مرڪزي پنجاب ۾ نه پر ان خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آ کي ملي آهي، جتي ڊگهي عرصي کان پي ٽي آ صوبائي سرڪار ٺاهيندي آئي آهي، ٻين لفظن ۾ اهو پي ٽي آ جو سياسي گهر آهي. ان سياسي گهر ۾ پي ٽي آ کي شڪست ملڻ اهم به آهي ته ٻئي طرف مسئلو اهو به آهي ته ان جو متبادل وري ڪير آهي؟
بهرحال، خيبرپختونخوا ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جا تفصيل ڪجهه هن ريت آهن ته حڪمران جماعت تحريڪ انصاف کي ڪيترين ئي جاين تي ميئرز جي چونڊ ۾ اپ سيٽ شڪست ٿي آهي، پشاور ۾ جي يو آ جو اميدوار ميئر چونڊجي ويو آهي ۽ پي ٽي آ جو اميدوار هارائي ويو آهي. جڏهن ته تعلقي ڪائونسلز جي چونڊن ۾ پڻ جي يو آ سڀني کان اڳتي ٻڌائي پئي وڃي. رپورٽن موجب خيبرپختونخوا جي مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ 61 تعلقي ڪائونسلز ۽ 5 سٽي ڪائونسلز لا چونڊون ٿيڻيون هيون پر بڪاخيل تعلقي ڪائونسل ۽ ڊيره اسماعيل خان سٽي جي چونڊ نه ٿي سگهي. خيبر پختونخوا جي مڪاني چونڊن ۾ 5 سٽي ميئرز لا پولنگ ٿيڻي هئي پر سٽي ڪائونسل ڊيره اسماعيل خان ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي ميئر جي اميدوار جي قتل سبب پولنگ ملتوي ڪئي وئي هئي ۽ 4 سٽي ڪائونسلز مردان، پشاور، ڪوهاٽ ۽ بنون ۾ سٽي ميئر لا پولنگ ٿي جتي تحريڪ انصاف جو ڪو به اميدوار ڪامياب نه ٿي سگهيو. غير سرڪاري نتيجن مطابق مردان ۾ اي اين پي جو حمايت الله مايار 56 هزار 458 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جي يو آ جو امانت شاهه حقاني 49 هزار 938 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ڪوهاٽ ۾ جي يو آ جو شير زمان به 34434 ووٽ کڻي ميئر جي چونڊ کٽي ويو، آزاد اميدوار سيف الله جان 25 هزار 793 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. پشاور ۾ سٽي ميئر جو ميدان به جي يو آ ماري ورتو. جتي زبير علي 62388 ووٽ کڻي ناقابل شڪست سرسي حاصل ڪري ورتي. پشاور سٽي ڪائونسل جي 521 مان 515 پولنگن جو نتيجو جاري ڪيو ويو، 6 پولنگ جو نتيجو روڪيو ويو. تحريڪ انصاف جو اميدوار محمد رضوان بنگش 50659 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. بنون ميئر لا جي يو آ جو اميدوار عرفان الله دراني 27500 ووٽ کڻي اڳيان ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته تحريڪ انصاف جو اقبال جدون خان 22800 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. خيبرپختونخوا ۾ 61 تعلقي ڪائونسلز جون چونڊون ٿيڻيون هيون پر بڪا خيل تعلقي ۾ پولنگ نه ٿي جڏهن ته وڌيڪ ٻن تعلقن جا نتيجا روڪيا ويا آهن ۽ هن مهل تائين مجموعي طور تي 58 تعلقي ڪائونسلن مان 43 تعلقي ڪائونسلن جا نتيجا سامهون اچي چڪا آهن. جن مان 13 سيٽن تي جي يو آ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، حڪمران تحريڪ انصاف جي اميدوارن 10 سيٽون کٽڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. جڏهن ته تعلقي ڪائونسلن جي چيئرمينن جي سيٽن تي 8 آزاد اميدوار به ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن. چيئرمين تعلقي ڪائونسلن جي اليڪشن ۾ اي اين پي 6، ن ليگ جا 3، جماعت اسلامي جا 2، تحريڪ استقلال پاڪستان جو هڪ چيئرمين چونڊجي آيو آهي.
مڪاني چونڊڻ ۾ اهڙي بدترين شڪست کي پي ٽي آ تسليم ڪري ورتو آهي. وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته “ڪي پي ۾ تحريڪ انصاف ان ڪري شڪست کاڌي جو پي ٽي آءِ جو مقابلو پي ٽي آءِ سان هو، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته 14 ضلعن ۾ ڪامياب ٿي وڃون ها. مڪاني چونڊن ۾ ڪارڪنن کي متحرڪ نه ڪري سگهياسين، ايندڙ چونڊن ۾ حڪمت عملي تبديل ڪنداسين ۽ پارٽي جا ضابطا ٺاهينداسين.” ٻئي پاسي ڪي پي جي صحت واري صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي مڪاني چونڊن ۾ شڪست جو سبب مهانگائي کي قرار ڏنو. هن چيو ته اسان سٺا اميدوار بيهاريا هئا پر هارائڻ جو سبب مهانگائي آهي.
جڏهن ته جمعيت علماءَ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان خيبرپختونخوا ۾ حڪمران جماعت تحريڪ انصاف جي شڪست تي چيو آهي ته “پشاور ۾ جي يو آءِ (ف) جي اميدوار جي ڪاميابي اهو ثابت ڪيو آهي ته گذريل عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي هئي. خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن ۾ حڪومت تي سندس پنهنجي ماڻهن عدم اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ صوبي جي ماڻهن پيغام ڏنو آهي ته هي جعلي حڪومت آهي. جي يو آءِ (ف) يونين ڪائونسلز ۽ تعلقي سطح تي اڃان به سڀ کان وڏي جماعت آهي، اسان جي جماعت سڀ کان وڏي سياسي طاقت بڻجي اڀري آهي.”
مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز خيبر پختونخوا ۾ حڪمران تحريڪ انصاف پارٽي جي مڪاني چونڊن جي ناڪامي تي چيو آهي ته “تبديلي اچي نه پئي پر بدنامي ۽ ڪروڙين بددعائون وٺي واپس وڃي رهي آهي.” سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ طنز ڪندي مريم نواز چيو ته تبديلي اچي نه پئي پر وڃي رهي آهي ۽ اها تبديلي مايوسي، بدنامي ۽ ڪروڙين پَٽون کڻي پئي وڃي. 22 ڪروڙ عوام جي ملڪ کي مهانگائي، لاقانونيت، نالائقي ۽ نااهلي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ۽ هر شعبي ۾ تاريخي ناڪامي جا نه ڊهندڙ چُٽا پنهنجي نِرڙ تي سجائي تبديلي وڃي رهي آهي.”
ٽن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود پي ٽي آ سرڪار جي سربراهه عمران نيازي وٽ هڪڙو ئي بيانيو هو ته اين آر او نه ڏيندس. جڏهن ته ڪيترن ئي موقعن تي پاڻ اين آر او ورتائين، بهرحال، بعد ۾ اهڙي بي بنياد بيانيي تي چٿرون ٿيڻ بعد همراهه يوٽرن وٺندي وري اهو بيانيو ٺاهيو ته مهانگائي سميت جيڪي به معاشي مسئلا آهن، اهي اڳوڻين حڪومتن جي ڪري آهن. هڪ حد تائين ايئن هو به سهي. ڇاڪاڻ ته گهٽ ته پ پ ۽ نواز ليگ جي اڳوڻين سرڪارن به نه ڪئي هئي، انهن به عوام دشمني ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي پر سوال وري به اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ انهن کان وڌيڪ عوام دشمن هئي ۽ آهي، ان جو ڇا ٿيو؟ ان تي نيازي صاحب هڪڙو اکر به ڳالهائڻ لا تيار نه هو ۽ نه ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو وفاقي سرڪار جي ان کوکلي پروپئگنڊَا کي عوام ڪا به موٽ نه ڏني. ڇاڪاڻ ته عوام به سمجهي ٿو ته ٽن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود سڀ ڪجهه هٿن ۾ هوندي به نيٺ هنن ڇا ڪيو آهي سوا عوام لا مصيبتون پيدا ڪرڻ جي؟ “تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رياست جا سڀ ادرا هڪ پيج تي هئڻ” جو تاثر ڏيڻ (بعد ۾ هڪ پيج وارو ڊرامو به ناڪام ٿيو) باوجود به معيشت جو ٻيڙو غرق ڇو ٿيندو رهيو ۽ اڃا به ٿئي پيو؟ ان مان اهو ئي ثابت ٿئي ٿو ته معيشت کي عوام دوست بنيادن تي بيهارڻ پي ٽي آ سرڪار جي ايجنڊا ئي نه هئي. ان جي ايجنڊا صرف ۽ صرف جمهوري ۽ سياسي آزادين تي راتاها هڻڻ، عوام کي معاشي طور سوڙهو ڪري، ان جو رت ست چوسي اسٽيبلشمينٽ کي سمورا وسيلا ڦري ڏيڻ آهي. بهرحال، پي ٽي آ سرڪار جي ان عوام دشمن ايجنڊا خلاف عوام پنهنجو رد عمل ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي شروعات پي ٽي آ جي پنهنجي ئي گهر خيبرپختونخوا مان ٿي چڪي آهي. پر اهو به ڪنهن الميي کان گهٽ ڪونهي ته جيڪي کٽي آيا آهن، اهي نه ڪنهن جمهوريت ۾ يقين ٿا رکن، نه سيڪيولرزم ۽ نه ئي عوامي راڄ ۾. انهن جي ايجنڊا به وچين دور جو سماجي-سياسي نظام قائم ڪرڻ آهي. بنيادي خامي وري به انهن ترقي پسند سياسي ڌرين جي آهي جيڪي عوام آڏو پاڻ کي متبادل قوت طور پيش نه ڪري سگهيون آهن، اهو ئي سبب آهي جو عوام هڪڙين رجعت پرست قوتن کي ٿڏي ٻين رجعت پرست قوتن کي چونڊڻ تي مجبور ٿئي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button