پشاور جي مڪاني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي جيڪا مات ملي آهي، ان کي بدترين شڪست لکيو پيو وڃي. اهڙي هار جو ذڪر ائين ئي ڪيو ويندو آهي. ڇو ته مڪاني ادارن جون چونڊون گهڻو ڪري حڪمران پارٽيءَ جي حصي ۾ اينديون آهن. جڏهن وفاق توڙي صوبي ۾ حڪمران پارٽي هڪ جهڙي هجي ته پوءِ معاملو اڃان به وڌيڪ سنگين نوعيت اختيار ڪري وڃي ٿو. سياسي مبصرن توڙي سينيئر صحافين کي اصل حيرت ان ڳالهه تي آهي ته کٽڻ ۽ هارائڻ ته سياسي راند جو حصو هوندو آهي پر جيڪو بنيادي نقطو آهي ۽ جيڪو اصل پريشانيءَ جو ڪارڻ بڻجي ويو آهي، اهو هي آهي ته هن سموري پلئه پوندڙ هار جي تحريڪ انصاف کي ڪا پروڙ ئي نه هئي. وڏي ڳالهه ته وزير اعظم عمران خان کي پتو ئي نه پيو ته هن جي حصي ۾ بدترين شڪست اچي رهي آهي ۽ پشاور مان پنهنجي سوڀ جي سٺي خبر ٻڌڻ جو منتظر ويٺو هو ته هن کي اها بري خبر ملي ته هو ٻن سيٽن تان نه رڳو هارائي ويو آهي پر تمام بري ريت هارائي ويو آهي ۽ هن جي هار به ٻي ڪنهن جي هٿان نه پر پنهنجي اصل حريف مولانا فضل الرحمان کان ٿي آهي.
هار ته هونءَ به هار هوندي آهي پر ڪا ڪا هار ايندڙ شڪستن جو اعلان بڻجي ويندي آهي. ڇا هيءَ اها هار آهي، جيڪا اڳڪٿي ڪري رهي آهي ته عمران خان جو ايندڙ وقت سياسي سوڀ وارو نه هوندو ۽ جيڪڏهن ائين هوندو ته اهو ڪيترو نه برو هوندو. ڇو ته عمران خان جي هار ان هنڌ تان شروع ٿي رهي آهي، جتان هن جي جيت شروع ٿي هئي. عمران خان کي سڀ کان اڳ ۾ پشاور ئي پسند ڪيو هو ۽ هن پشاور کي پنهنجو قلعو ٺاهي پوءِ پاڪستان کي سياسي طور تي پنهنجي سوڀ ۾ آندو. هن مهل به جيڪڏهن ڪوئي پڇا ڪندو ته هن کي اهو ئي جواب ملندو ته خان صاحب جو پاور بيس پشاور ۾ آهي. هونءَ به وڏن شهرن جا ننڍن شهرن جي مٿان سڌا سنوان ۽ سگهارا اثر پوندا آهن. پشاور ۾ عمران خان جي شڪست پوري خيبر پختون خوا ۾ هن جي سياسي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ان قسم جي نتيجي ۾ ابتي ڳڻپ به ڪوٺيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن اها ابتي ڳڻپ ڪٿي نه رڪي ته پوءِ ان جا عمران خان جي سياست تي تمام ناڪاري اثر ظاهر ٿيندا.
عمران خان جي شڪست جي باري ۾ ڪنهن جو ڪهڙو ڪهڙو رايو آهي ۽ ڪنهن جو ڪهڙو رايو آهي. ڪوئي وزير چئي رهيو آهي ته عمران خان پنهنجي واعدي مطابق آزاد ۽ صاف شفاف چونڊون ڪرايون آهن. ان قسم جو دليل ته پاڻ عمران خان جي خلاف اڀريل نظر اچي ٿو. ڇو ته عمران خان هن کان اڳ ۾ جيڪي به سوڀون ماڻيون آهن، انهن جي باري ۾ اها راءِ هڪ غلط قسم جو تاثر جوڙي رهي آهي. پنهنجي حلقي مان جڏهن اهو خيال پيش ٿيندو هجي ته اسان جي شڪست جو سبب صاف ۽ بي ايمانيءَ کان آجيون چونڊون هيون ته پوءِ ان سان جيڪو تاثر جڙي ٿو، اهو تمام برو آهي. جڏهن ته عمران خان جي ان وزير جو موقف پوءِ به ڪنهن حد تائين درست محسوس ٿي رهيو آهي، جنهن چيو آهي ته اسان کي ملڪ ۾ موجود مهانگائيءَ سبب گهٽ ووٽ مليا آهن. اها ڳالهه درست آهي ته مهانگائي هن حڪومت جي سڃاڻپ بڻجي وئي آهي ۽ هر ماڻهو دانهون ڪري رهيو آهي ته ان کان اڳ ۾ هن ڪڏهن به اهڙي ڀيانڪ مهانگائي نه ڏٺي هئي. هن مهانگائيءَ ته ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ ماڻهو هڪ ويلو کائين ۽ ٻي ويلي لاءِ سوچين ٿا ته ايندڙ ويلي جو ڇا ٿيندو؟
حڪومت ۾ هجڻ جا جيڪي به فائدا ٿي سگهن ٿا، اهي ڀلي ڪرپشن جي صورت ۾ نه هجن، تڏهن به اهي فتح جو سبب بڻجي سگهجن ٿا ۽ ان سلسلي ۾ سرڪار جي مٿان جيڪا تنقيد ٿي رهي آهي، اها به اجائي ناهي. اسان کي معلوم آهي ته حڪومت پاڻ جيڪڏهن ڪوشش وٺي ها ته پشاور چونڊ جا اهڙا نتيجا نه اچن ها. پي ٽي آءِ جا ڪجهه فرد اها راءِ به پيش ڪري رهيا آهن ته انهن جي شڪست جو ڪارڻ اهو هو ته پشاور ۾ پارٽي اختلافن جي ور چڙهي وئي، جيڪڏهن ائين به ٿيو ته ان کي سنڀالڻ جو ذمو ڪنهن جو هو؟ عمران خان ته هن مهل ملڪ جو وزير اعظم آهي ۽ هو تمام گهڻين مصروفيتن ۾ ڦاٿل آهي. پر سوال اهو آهي ته هن کي جيڪي رپورٽون پيش ڪرڻ وارا هئا، انهن اهي رپورٽون ڇو پيش ڪيون ته پشاور جي مڪاني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي سوڀ اڻٽر آهي؟ اصل ۾ ان قسم جون رپورٽون ڪنهن به حڪومت لاءِ تمام گهڻي مصيبت جو سبب بڻبيون آهن. ظاهر آهي ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ته هڪ اڳواڻ مڪمل طور تي پارٽيءَ پاران پيش ٿيندڙ رپورٽن تي ئي اعتبار ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن هن کي رپورٽون غلط پيش ڪيون وڃن ته پوءِ ان قسم جي غلط بياني هڪ تمام غصي ۽ غم واري پڄاڻيءَ جي شروعات هوندي آهي. ممڪن آهي ته ڪجهه سياسي مبصر موجوده چونڊن جي نتيجن کي ڏسي اهو سوچيندا هجن ته This is Beginning of the End يعني اها انتها جي ابتدا آهي. جيڪڏهن ڪوئي ان قسم جي راءِ رکي ٿو ته ان تي چڙڻ بدران ان کي صبر ۽ سڪون سان سمجهڻ گهرجي. ڇو ته ان قسم جي صورتحال ۾ ان قسم جا تبصرا تمام گهڻا فطري ٿيندا آهن.
پشاور ۾ پيش آيل صورتحال جي سلسلي ۾ عمران خان کي ٻيو ڪجهه نه ته گهٽ ۾ گهٽ اها حقيقت قبول ڪرڻي پوندي ته هو ايترا سارا وسيلا هجڻ جي باوجود به هڪ “بيخبر حڪمران” آهي. جڏهن به ڪو بادشاهه اصل صورتحال جي حوالي سان بيخبر بڻجي ويندو آهي ته هن جي حڪومت جي باري ۾ تبصرا سدائين تلخ ئي هوندا آهن. ڳالهه ڪجهه به هجي ۽ سبب ڪهڙا به هجن پر جيڪي به ٽيڪنيڪل سبب آهن، انهن سببن جو اصل سبب اهو آهي ته وزير اعظم عمران خان جنهن جي باري ۾ مشهور آهي ته هو هر شيءِ جي باري ۾ پاڻ باريڪ بينيءَ سان نظر رکندو آهي، سو هن ڀيري پشاور جي مڪاني چونڊن جي حوالي سان صحيح ۽ درست معلومات حاصل ڪري نه سگهيو. هن جي مات جو ڪارڻ هن جي غلط معلومات هئي. پارٽيءَ ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو هو ۽ اختلافن جي ڪري ٿي سگهي ٿو جيڪو به ماحول جڙي رهيو هو، ان جي باري ۾ عمران خان کي اصل ۽ حقيقي معلومات هجڻ کپندي هئي. جڏهن به بادشاهه پنهنجي راڄ جي راهه تي هلندي بيخبر بڻجي ويندا آهن ته تاريخ انهن کي تلخ انجامن سان ملاقات ڪرائيندي آهي.
اسان اهو ڪو نه ٿا چئي سگهون ته عمران خان کي پيش آيل پشاور جي شڪست ابدي ۽ ازلي شڪست آهي ۽ ان شڪست کان پوءِ عمران مسلسل هيٺ ويندو رهندو پر اهو به ٿي سگهي ٿو ۽ هن جي هار جو سلسلو رڪجي به سگهي ٿو پر ان سلسلي ۾ هن کي پنهنجي پارٽيءَ جي صفن اندر ختم ٿي ويل نظم ۽ ضبط ٻيهر بحال ڪرڻو پوندو. آخر اهو به عمران خان ئي هو جنهن ملڪ جي وڏين پارٽين کي شڪست ڏني ۽ هڪ پاپولر وزير اعظم طور اڀري آيو. ان وقت عمران خان ۾ جيڪي گڻ هئا، انهن جي ڪري ئي هن جي سوڀ حقيقي ٿي سگهي. آخر هر سياسي سوڀ جي پويان تمام گهڻي محنت ۽ درست فيصلن جو هٿ هوندو آهي. جڏهن به ڪوئي سياستدان محنت ۽ مشقت کي ڇڏي غلط فيصلن جي ور چڙهي ويندو آهي ته هن جو حال تمام برو ٿيندو آهي. ان جي باري ۾ اسان کي ٻي ڪا راءِ به سوچڻ گهرجي. ڇو ته اهو ئي سياسي تاريخ جو نچوڙ آهي. سياست کي سوڀ سان همڪنار ڪندڙ شيون ٻه هونديون آهن. هڪ تمام گهڻو پورهيو ۽ ٻيو صحيح وقت تي صحيح فيصلو. جيڪڏهن ڪو انهن ٻنهي صلاحيتن کان محروم آهي، اهو سدائين غلط رخ ۾ ويندو ۽ ان جي مقدر ۾ جيت نه پر مات ايندي. عمران خان جي جيت ۽ مات کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اسان انهيءَ تناظر جي چونڊ ڪريون ته اسان لاءِ اهو هر حوالي سان بهتر ٿيندو. ٻيو ڪو به فارمولا عمران خان جي پشاور واري شڪست جي سببن جي سلسلي ۾ فٽ نه ٿو ٿئي. اسان وري به موٽي ان موڙ تي پهچون ٿا ته هڪ هوشيار اڳواڻ کي پنهنجي فتح ۽ شڪست جي ذميواري پنهنجن ڪلهن تي پاڻ کڻڻي پوندي آهي. جيڪڏهن هو پنهنجي جيت ۽ مات جي ذميواري ٻين جي ڪلهن تي وجهندو ته پوءِ هن جي ايندڙ وقت جون ويڙهون به هن جي باري ۾ تاريخ جي مورخ کان ڪو بهتر باب نه لکرائينديون.
سياست جي سموري تاريخ ان سچائيءَ جي حق ۾ شاهدي ڏئي ٿي ته جيڪو به فتح ۽ شڪست جو معاملو هوندو آهي، اهو ان تحريڪ جو اڳواڻ پاڻ ئي طئي ڪندو آهي. عمران خان مسلسل سوڀون ماڻي هن مهل جنهن حيثيت کي پهتو آهي، اها هن جي پنهنجي سوڀ آهي. هن جي ٽيم ۾ جيڪي به هن جا ساٿي آهن، انهن جو ساٿ به تمام گهڻو اهم آهي پر ٽيم جي چونڊ به ڪپتان پاڻ ڪندو آهي ۽ هو ئي فيصلا وٺندو آهي. ان ڪري هن جي فتح توڙي شڪست جي واکاڻ توڙي تنقيد هن جي حصي ۾ ايندي آهي. عمران خان کي پشاور جي شڪست قبول ڪرڻ گهرجي ۽ ان جا ڪارڻ به سمجهڻ گهرجن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان جي شهرت جو چنڊ هن مهل گرهڻ واري مرحلي ۾ آهي ۽ ان جو وڏو ڪارڻ ملڪ ۾ تمام گهڻي مهانگائي آهي پر ان مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ پنهنجي معلومات جا ذريعا بهتر بڻائڻ جو ڪم به هن کي پاڻ ئي ڪرڻو آهي ۽ ان سلسلي ۾ آخر ٻيو هن جي ڪهڙي مدد ڪري سگهي ٿو؟ دنيا ته ڪاميابيءَ تي تاڙيون ۽ ناڪاميءَ تي تنقيد ڪرڻ واري هوندي آهي.