ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سعودي عرب جي روشن خيالي

Editorial-Article- Asar Imam

ويجهي ماضيءَ ۾ سعودي عرب اندر جيڪي تبديليون سامهون آيون آهن، انهن کي ڏسندي هر ڪو ئي حيرت ۾ پئجي ويو آهي ته عرب سڳورن کي نيٺ ٿي ڇا ويو آهي؟ هڪڙا ماڻهو ان کي سٺو ته ٻيا خراب پيا سمجهن. هڪڙن جو خيال آهي ته اها سعودي شاهي خاندان جي روشن خيالي ۽ جمهوريت پسندي آهي ته ٻيا وري ان کي اسلام دشمني ۽ اخلاقي زوال ڏَسن ٿا.
سعودي حڪومت سينيما گهرن تان چاليهه سال پراڻي پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي. عورتن کي عبايا ۽ برقعو پائڻ جي پابنديءَ کان آزاد ڪيو ويو آهي. کين ڪار هلائڻ يا اسٽيڊيم ۾ وڃي فٽ بال ميچ توڙي سينيما ۾ وڃي فلم ڏسڻ کانسوا ميوزيڪل شو ۽ ٻين تفريحن ۾ شرڪت جي پڻ اجازت ڏني وئي آهي. جڏهن ته اڳ عورتن جي تعليم، ملازمت ۽ چرپر جا فيصلا سندن والد يا مڙس ڪندو هو پر هاڻي ان سلسلي ۾ گھڻي نرمي آندي وئي آهي ۽ عورتن کي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان گھڻو ڪجهه تبديل ڪيو پيو وڃي. ايترو ئي نه پر گاديءَ واري شهر رياض جي ڀرسان آمريڪي شهر لاس ويگاس جيڏو شهر اڏڻ جو منصوبو پڻ غور هيٺ آهي، جيڪو سمورو ئي تفريحي ماڳ هوندو. ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جو اهو چوڻ ته ايندڙ پنجن سالن کان پوءِ سعودي عرب بلڪل يورپ بڻجي ويندو، اصل ۾ ان پاسي اشارو آهي ته سعودي حڪومت تعميراتي ۽ تفريحي شعبي ۾ ايتري سيڙپڪاري ڪرڻ جو ارادو ۽ منصوبو رکي ٿي جو يورپ گھمڻ جي شوقينن کي سعودي عرب ۾ به ساڳيو ئي لطف ايندو جيڪو کين يورپ ۾ محسوس ڪرڻ جي اميد آهي. سعودي ولي عهد شهزادي جي ويزن 2030ع موجب حڪومت 64 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي جنهن سان تعميراتي شعبي توڙي تفريحي سرگرمين کي ايترو بلند ڪيو ويندو جو سگهو ئي سعودي عرب دبئي سان ڪلهو ملائڻ جي قابل بڻجي ويندي. اهڙو خدشو نه رڳو دبئي اختيارين پاران اظهاريو ويو آهي بلڪه پاڻ سعودي عرب جي حڪمرانن به اهڙن خدشن جي وضاحت ۾ ائين چئي ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان مقابلو ڪري نه پر گڏيل سهڪار ذريعي ترقي ڪندا، اصل ۾ اهو قبوليو آهي ته اسين چاهيون توڙي نه چاهيون اهو مقابلو بهرحال اڻٽر آهي. جيتوڻيڪ اهو ڏاڍو ڏکيو آهي ته سعودي عرب ان سلسلي ۾ دبئي کي مات ڏئي سگهي پر اهو ناممڪن بلڪل ڪونهي. سعودي عرب ان سلسلي ۾ اڳڀرائي شروع ڪري ڇڏي آهي. مثال طور هڪڙي نئين قانون موجب سعودي عرب ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جو ارادو رکندڙ هر ڪمپنيءَ کي سعوديءَ اندر پنهنجو هيڊڪوارٽر قائم ڪرڻو پوندو. سيڙپڪاريءَ جي شوقين ڪمپنين کي تمام گھڻيون سهولتون ۽ رعايتون ڏنيون وينديون.
سعودي عرب جهڙي قدامت پرست ملڪ ۾ هندوستاني اداڪار سلمان خان ۽ مشهور ڪينيڊين ڳائڻي جوسٽن بيبير جا شو ٿيڻ يقينن تمام وڏي تبديليءَ جي علامت آهن. ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي دعوت تي سلمان خان ته سعودي عرب پهتو پر ان سان گڏ مشهور اداڪارا شلپا شيٺي ۽ جيڪولين فرنينڊس به پنهنجي حسن جا جلووا ڏيکارڻ لاءِ شو ۾ شامل رهيون. ان شو ۾ گھٽ ۾ گھٽ 80 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ ان کي روشن خيال سعودي عرب جي عنوان سان سڏيو ۽ سڏرايو پيو وڃي. ان کان اڳ 6 ڊسمبر تي ساڳي شهر رياض ۾ جسٽن بيبير جو شو به ٿيو هو جنهن ۾ لڳ ڀڳ 70 هزار مداحن شرڪت ڪئي هئي. سلمان خان جو شو شروع ٿيڻ کان اڳ سندس هٿن جي ترين جو عڪس ورتو ويو جيڪو رياض جي مشهور رستي تي سجايو ويندو. سعودي حڪومت پاران اهو تمام وڏو اعزاز آهي جيڪو سلمان خان لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي. نه رڳو ايترو پر سعودي حڪومت اڃان اڳتي وڌي اهو قبوليو آهي ته ماضيءَ ۾ اولهه جي طاقتن خاص ڪري آمريڪا کي خوش ڪرڻ لاءِ مختلف اسلامي ملڪن اندر وهابيت، مذهبي شدت پسندي ۽ دهشتگردي ڦهلائيندا رهيا آهيون ته جيئن سوويت يونين جو رستو روڪي سگهجي. سعودي حڪومت تبليغي جماعت کي سماج لاءِ خطرناڪ قرار ڏيندي ان تي پابندي مڙهي آهي. مذهبي معاملن جي وزارت پاران تبليغي جماعت کي دهشتگرديءَ ڏانهن پهرين وِک قرار ڏيندي مولوين کي حڪم ڏنو ويو آهي ته جمعي نماز کان اڳ وارين تقريرن ۾ تبليغي جماعت جي لاک لاهيندا رهن نه ته پگهار ۽ ملازمت توڙي مراعات وڃائي ويهندا. پراڻي زماني ۾ ملان بادشاهه جي سياسي مدد ڪندا هئا ۽ بادشاهه سندن مالي توڙي اخلاقي مدد ڪندي کين قانون سازي ۽ خانداني زندگيءَ تي حاوي رهڻ جي اجازت ڏيندو هو پر هاڻي ملن جي نه ٿي هلي. انهن جو سياسي اثر رسوخ به گھٽجي ويو آهي. حڪومت وڌيڪ طاقتور آهي ان ڪري اها ماضيءَ جيان ملن کي سياسي اقتدار ۾ ڀائيواري ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. مُلن کان اهڙن عملن جي حمايت ڪرائي پئي وڃي جيڪي هيل تائين غير اسلامي سمجهيا ۽ ٻڌايا ويندا هئا. اهڙا ڪجهه مثال مٿي بيان ڪري آيا آهيون. اهڙي ئي هڪڙي سرگرمي هلندڙ مهيني ۾ فارمولا ون ڪار جي ڊوڙ جو انتظام ڪرڻ هو. جڏهن ته ماضيءَ ۾ اهڙين سرگرمين کي لهو و لعب ڪوٺي انهن جي نندا ڪئي ويندي هئي.
سعودي عرب جي 3 ڪروڙ 20 لک آباديءَ منجهان 70 سيڪڙو کان به وڌيڪ جي عمر 30 سالن کان به گھٽ آهي. اهڙي نموني سعودي عرب خطي جو اهڙو ملڪ بڻجي وڃي ٿو جنهن جي اڪثريتي آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي. ايتري تائين جو بادشاهه سلمان جڏهن پنهنجو ولي عهد مقرر ٿي ڪيو، تڏهن ان جي نظر به پنهنجي هڪڙي 32 سالا نوجوان پٽ تي پئي. ظاهر آهي نئون نسل قدامت پرستيءَ بدران جدت کي پسند ڪري ٿو. ايتري تائين جو شاهي خاندان جا فرد به قدامت پرستي ۽ مذهبي اثر کي اهڙي نموني قبولڻ لاءِ تيار ناهن جهڙي نموني اتي ويهين صديءَ دوران ماحول جڙيل هو.
2014ع ۾ هڪڙي سروي ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ظاهر ٿيو ته سعوديءَ جي 10 منجهان 9 شهرين وٽ سمارٽ فون آهي ۽ ملڪ جي ٻه ڀاڱي ٽي آبادي هفتي ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪڙي آن لائين فلم ضرور ڏسي رهي آهي. گھٽ ۾ گھٽ 10 لک سعودي شهري ٻاهرين ملڪن منجهان پڙهي آيل آهن. ماڻهن جي آمدنيءَ توڙي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ به تمام گھڻو فرق موجود آهي. هڪڙي سعودي سرڪاري اداري جي رپورٽ ۾ بيان ڪيو ويو هو ته رڳو 2017ع دوران ئي سعودي شهرين ڏيساور وڃي تفريح ۽ عياشي ڪرڻ تي 30 ارب ڊالر خرچ ڪيا هئا. ظاهر آهي حڪومت اهي سڀ ڳالهيون به سامهون رکيون هونديون ته ايتري رقم سعودي شهري وڃي دبئي، بحرين يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ رڳو ان ڪري ڇو خرچ ڪري اچن جو پنهنجي ملڪ ۾ کين اهڙي سهولت نه پئي ملي. اهڙي ريت جديد ٽيڪنالاجيءَ جي اچڻ کان پوءِ سينيما گهرن تي پابندي ته رڳو هڪڙي مسخري هئي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو انٽرنيٽ ذريعي جهڙي مرضي پوين فلم ڏسي سگهن پيا. ايتري تائين جو انهن لاءِ پروجيڪٽر ۽ عارضي اسڪرين لڳائي سينيما وارو مزو وٺڻ به ناممڪن نه رهيو هو.
آخر ۾ اسان کي ان سوال جو جواب لهڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي ته سعودي عرب کي اوچتو اها ڳالهه ڪيئن ۽ ڇو سمجهه ۾ آئي آهي ته ملڪي پاليسين ۾ ڪجهه بنيادي تبديليون آڻڻ ضروري آهن؟ هونءَ ته ان جا گھڻا ئي سبب ٿي سگهن ٿا پر ٿُلهي ليکي ڳالهه ائين آهي ته سعودي عرب وٽ تيل جا ذخيرا پڄاڻيءَ جي ويجهو اچي پهتا آهن، جنهن ڪري حڪومت متبادل معيشت بابت سوچڻ تي مجبور ٿي آهي. سرڪاري شعبن ۾ نوڪريون ڪونهن ان ڪري مستقبل ۾ سعودي شهرين کي نجي ڪمپنين ۾ ڪم ڪرڻو پوندو. رهائشي گهرن جون قيمتون چڙهنديون پيون وڃن ۽ تعليم توڙي صحت جون سهولتون به نجڪاريءَ جي حوالي ٿي رهيون آهن. حڪومت هن وقت پنهنجي عوام کي جيڪي سهولتون ۽ مالي فائدا ڏئي رهي آهي اهي گھٽائڻا پوندس، جنهن جي نتيجي ۾ شاهي خاندان خلاف شهرين جي ڪاوڙ تيز ٿيڻ لڳندي. عوام سياسي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪري ايندو. شاهي خاندان پنهنجي ماڻهن کي سماجي آزادي ڏئي رهيو آهي ته جيئن کين سياسي آزادي نه ڏيڻي پوي.
ان کانسوا ويجهي ماضيءَ ۾ آمريڪي سامراج پاران وچ اوڀر ۾ پنهنجي مخالف حڪومتن کي ختم ڪري اتي پنهنجي مرضيءَ جي حڪومتن قائم ڪرائڻ جو نالو عرب بهار هو. يمن، مصر، عراق، شام، لبيا ۽ تيونس وغيره ۾ اهڙيون ڪارروايون ڪرايون ويون هيون. هاڻي اسين ڏسي رهيا آهيون ته سعودي عرب پنهنجو پاڻ کي تيزيءَ سان تبديل ڪري اصل ۾ ان بهار جي امڪاني آمد کي روڪڻ جي ڪوشش پڻ ڪري رهيو آهي. ان سامراجي بهار جي خطري کانسوا 2023ع ۾ ان معاهدي جي پوري ٿيڻ جو خطرو پڻ موجود آهي جنهن جي نتيجي ۾ سعودي عرب کي ورائي ترڪيءَ جي حوالي ٿيڻو آهي. ان سموري صورتحال ۾ اسان پاڪستانين لاءِ اهو سوال موجود آهي ته سموري دنيا جا ملڪ پنهنجي معاشي ۽ سياسي مفادن کي نظر ۾ رکي رياستي پاليسين ۾ بنيادي تبديليون آڻي رهيا آهن ته اسين ڇا لاءِ هروڀرو بانس تي چڙهيا بيٺا آهيون؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button