ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڀاڻ جو ذخيرو ۽ پريشان آبادگار

Editorial

سنڌ ۾ اٽي ۽ کنڊ جي بحران کان پوءِ ڀاڻ جو نئون بحران هلي رهيو آهي. پر ان بحران کي وڌائڻ ۾ انتظامي نا اهليءَ جو وڏو ڪردار آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن کان ڀاڻ جو بحران پيدا ٿيو آهي، ان کان پوءِ نه رڳو آبادگار پريشان لڳا پيا آهن، پر ڀاڻ کي بليڪ تي وڪرو ڪندڙ مافيائن جي ٻيگهي متي پئي آهي. جنهن جي ڪري نه رڳو ڀاڻ جي رسد آبادگارن لاءِ مسئلو بڻجي وئي آهي پر جيڪو ڀاڻ کين ملي رهيو آهي، اهو به گهڻي مهانگي اگهه تي پيو ملي. پر ڇا سنڌ حڪومت انهن مافيائن آڏو ايڏي بيوس آهي جو اها انهن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي. هن صورتحال ۾ ته ٿيڻ ائين گهرجي ها جو جڏهن اهو بحران پيدا ٿي رهيو هو ته سنڌ حڪومت ان وقت ئي ان بحران جو حل ڳولي وٺي ها، ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن ۽ بليڪ تي وڪرو ڪندڙن خلاف وقتائتي ڪارروائي ڪري وٺي ها، پر ٿيو ڪجهه به ڪونه ۽ هاڻ حالت اها آهي جو ڀاڻ ذخيرو ڪندڙ پنهنجي مرضيءَ جي اگهه موجب آبادگارن کي ڀاڻ وڪرو ڪري رهيا آهن. ڪالهه به هڪ اهڙي خبر آئي آهي، جنهن موجب 400 کان مٿي ڀاڻ جون ٻوريون هٿ ڪيون ويون آهن.
رتيديري ۾ ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن خلاف انتظاميه ڪارروائي ڪري 400 کان مٿي ڀاڻ جون ٻوريون ھٿ ڪري ورتيون، جڏهن ته آبادگارن ڊيلرن خلاف احتجاج ڪيو. خبر موجب رتيديري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر سعيد سومرو ڀاڻ جي کوٽ واري شڪايتن تي علي نواز سيلرو جي رائيس مل تي ڇاپو هڻي سوين يوريا ڀاڻ جون ٻوريون هٿ ڪري ورتيون آهن، ان موقعي تي ڀاڻ خريد ڪرڻ لا آيل وڏي انگ ۾ آبادگار ۽ هاري پهچي ويا ۽ نعريبازي ڪندي احتجاج ڪيو، هنن چيو ته ڪڻڪ جي پوکائي کي ھڪ مھيني کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي، ڀاڻ جا ڊيلر ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري مختلف جڳھين تي ذخيرو ڪري رھيا آھن، جتان پنھنجي من پسند اگھه تي يوريا ڀاڻ آبادگارن کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏھن ڪو ھاري يا آبادگار مقرر قيمت کان وڌيڪ اگھه نٿو ڏيڻ چاھي ته ان کي يوريا ڀاڻ نه ھجڻ جو جواب ڏنو وڃي ٿو. ڀاڻ جو ڊيلر محمد ايوب چنو ڀاڻ جون ٻوريون رائيس مل ۾ لڪائي ڪيتري ئي وقت کان بليڪ تي وڪرو ڪري رهيو هو ۽ اسان کي 1768 روپين واري ڀاڻ جي ٻوري 28 سئو ۾ وڪرو ڪري ڏئي رهيو هو. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته ذخيرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي. جڏھن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر سعيد احمد سومرو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان کي جيئن ئي ڀاڻ جي ذخيره اندوزي جو اطلاع مليو ته اسسٽنٽ ڪمشنر سان گڏ فوري طور تي ڪارروائي ڪري 400 کان وڌيڪ يوريا ڀاڻ جون ٻوريون ھٿ ڪيون آهن، جيڪي موقعي تي ئي آبادگارن کي سرڪاري طور مقرر ٿيل اگھه تي وڪرو ڪري ڏنيون ويون آهن. ھن چيو ته جتي به ڀاڻ جي ذخيره اندوزيءَ جو اطلاع ملندو اتي ڪارروائي ڪنداسين.
هيءَ سٺو عمل آهي ته هڪ جاءِ تان ڀاڻ جون ٻوريون هٿ ڪيون ويون آهن پر اهو ناڪافي عمل به آهي، ڇاڪاڻ ته هي رڳو هڪ شهر مان ٻوريون هٿ ڪيون ويون آهن. سنڌ جي تقريبن هر ننڍي وڏي شهر ۾ ڀاڻ کي ذخيرو ڪندڙ موجود آهن ۽ انهن جو پتو لڳائڻ سنڌ حڪومت لاءِ ڪو مسئلو ناهي پر ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ حڪومت وڌيڪ چستيءَ جو مظاهرو ڪري. هر آبادگار جو اهو حق آهي ته ان کي گهڻي اگهه تي نه پر جيڪو سرڪاري اگهه آهي، ان تي ڀاڻ فراهم ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته آبادگار اڳ ئي ڪيترين ئي پريشانين ۾ ورتل هوندا آهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ جتي به ڀاڻ ذخيرو ڪندڙ موجود آهن، انهن خلاف ترت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ آبادگارن کي سستو ڀاڻ فراهم ڪري بحران کي ختم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button