ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مني بجيٽ: عوام تي مالي بار جي تياري

Editorial

اهي ماڻهو، جن تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏنو هوندو، اهي ضرور اهو سوچيندا هوندا آهن ته انهن پاڻ سان ڪيتري ناانصافي ڪئي آهي. پر انهن ووٽ تحريڪ انصاف جي انهن وعدن تي ڏنا هئا، جن ۾ عمران خان چيو هو ته هو ڪنهن به مالياتي اداري يا ملڪ کان قرض جي خيرات نه گهرندو. عوام تي ٽيڪس لاڳو نه ڪندو ۽ نه ئي ڊيزل ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌائيندو. پر هن پنهنجن سڀني وعدن جي ابتڙ ڪري ڏيکاريو آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو عوام لوڙي رهيو آهي پر ان جي مالي حالت به ڏٻري ٿي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ عوام اڄ به هاڻوڪي حڪومت کان اهو مطالبو ڪري ٿو ته مهانگائي گهٽائي وڃي ۽ انهن مٿان وڌيڪ ٽيڪسن جو بار نه وڌو وڃي پر حڪومت جي ڪن تي جونءِ ڪانه ٿي سُري. اها لاڳيتو ٽيڪس وڌائيندي پئي وڃي. ڇا پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جتي ٽيڪس عوام کي بهترين قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن. جڏهن ته ملڪ ۾ ايتري ٽيڪس ڪليشن ئي ناهي ۽ سڌي يا اڻ سڌي ريت عوام تي ٽيڪس مڙهي، ان جو رت چوسيو ٿو وڃي. هاڻوڪي حڪومت ته حد ڪري ڇڏي آهي. ان هڪ پاسي ته عام واهپي جون شيون مهانگيون ڪيون آهن ته ٻئي پاسي ان ايترا ٽيڪس مڙهيا آهن جو عوام جي چيلهه چٻي ٿي پئي آهي. هڪ ڀيرو وري مني بجيٽ آڻڻ جي تياري پوري ٿي وئي آهي.
وفاقي حڪومت مني بجيٽ پاس ڪرائڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان ناڻي کاتي جي ترجمان موجب 12 جنوريءَ تي آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ڇهون جائزو پيش ڪيو ويندو. ذريعن موجب ناڻي واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان 12 جنوريءَ کان اڳ آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪندو ۽ مني بجيٽ فنانس بل ذريعي پاس ڪرائي ويندي. جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جو قانون به پارليامينٽ ذريعي پاس ٿيندو. اختيارين موجب مني بجيٽ ذريعي 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ واپس ورتي ويندي. ان مان اهو لڳي ٿو ته هاڻوڪي حڪومت آءِ ايم ايف آڏو سمورا هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن. آءِ ايم ايف جڏهن به پاڪستان جي هاڻوڪي حڪومت کي جيڪي به شرط پورا ڪرڻ لاءِ چوندي آهي ته اهي پورا ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي آهي. اهي شرط عوام مٿان اضافي ٽيڪس مڙهي پوريا ڪيا ويندا آهن. انهيءَ سان نه رڳو عوام جي کيسي تي مالي بار پوي ٿو پر ان جي مالي حالت به خراب ٿي ويندي آهي. جنهن ملڪ جي معاشي ماهر، جيڪي حڪومت جي ٽيم ۾ شامل هجن، اهي هاڻي اهي ڳالهيون ڪندا هجن ته پاڪستان جو ڏيوالو نڪري ويو آهي ته پوءِ ان کان خراب ڳالهه ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته حڪومت عوام کي حقيقتون ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي. جڏهن حڪومت آڏو حقيقتون رکيون وڃن ٿيون ته اها انهن کي قبولڻ لاءِ تيار نه هوندي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي رهي ٿي پر اسان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي مسئلا پڻ پيدا ٿيندا آهن. هاڻ هڪ ڀيرو وري مني بجيٽ آڻي عوام تي ٽيڪس به بار وڌو ويندو.
جيڪڏهن پي ٽي آءِ حڪومت عوام کي ڪو رليف نٿي ڏئي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ اها مني بجيٽ پيش ڪري ان جي ڦٽن تي لوڻ ته نه ٻرڪي. ان سان نه رڳو حڪومت جي نا اهلي ثابت ٿئي ٿي پر اها به خبر پوي ٿي ته حڪومت وٽ ڪابه اهڙي معاشي ٽيم ناهي، جيڪا معيشت کي ٽيڪو ڏئي سگهي. تنهنڪري عوام کي رڳو آسرا ڏنا ويندا آهن ته بس اوجهو مهانگائي ختم ٿيڻ واري آهي ۽ ڪجهه مهينن ۾ مهانگائي ختم ٿي ويندي. مهانگائي ته ان صورت ۾ ختم ٿيندي جڏهن ملڪ امپورٽ کان وڌيڪ ايڪسپورٽ ڪندو.
اسين سمجهون ٿا ته مني بجيٽ عوام جو وڌيڪ معاشي استحصال ڪندي ۽ ان سان عوام لاءِ وڌيڪ پريشانيون جنم وٺنديون. تنهنڪري مني بجيٽ کي نا پاس ڪرائڻ ۾ اپوزيشن پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪري ڇاڪاڻ ته عوام وڌيڪ مالي بار برداشت نه ڪري سگهندو. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هي حڪومت ڪجهه هوش کان ڪم وٺي ۽ ملڪي معيشت تي رحم ڪرڻ سان گڏوگڏ عوام تي به رحم ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button