ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڊيل جون خوشيون ۽ ناراضگيون

Editorial-Article- Mumtaz Mangi

ن ليگ جي اڳوڻي اسپيڪر قوم اسيمبلي اياز صادق پنهنجي پارٽي ووٽرن ۽ عوام کي تمام وڏي خوشي ۽ فخر سان هي ٻڌايو آهي ته هو 20 جنوري تي لنڊن ويندو. بقول هن جي ته هو نواز شريف کي ملڪ واپس وٺي ايندو، جڏهن هن کان ڊيل جي متعلق سوال ڪيو ويو ته اياز صادق خوشيءَ مان ٻهڪندي جواب ڏنو ته ان جي چهري تي خوشي مان اندازو لڳايو ته ڇا پيو ٿئي. خوشي ۽ غم اشرافيا ڪلاس جي سياست ۾ اها معنيٰ رکندا آهن ته هنن کي بغير ڪنهن محنت، مزاحمت ۽ جدوجهد جي جڏهن حاصل ٿيڻ شروع ٿيندو آهي تڏهن انهن جي خوشيءَ جو مقام هوندو آهي ۽ جڏهن هنن کي مزاحمت يا اختلافن مان گذرڻو پوندو آهي تڏهن انهن جي چهرن تي مايوسيون پريشانيون ۽ بي دليءَ جون ڪيفيتون هونديون آهن.
ن ليگ گھڻي عرصي کان انهيءَ ڪوشش ۾ رهي ته هو اسٽيبلشمينٽ سان بگڙيل تعلقات بهتر ڪري. نواز شريف جنهن پنهنجو پاڻ کي تڏهن انقلابي سڏيو، جڏهن هو اقتدار کان الڳ ٿيو ۽ پوءِ چيائين ته” هاڻي مان انقلابي ٿي چڪو آهيان” ۽ هو پنهنجو ٽڪر خلائي مخلوق سان ٻڌائي رهيو هو. هن جي بيانيي ۾ ان وقت شديد غصو ۽ انقلابيت جي جھلڪ پئي لڳي. جڏهن هن تاريخ جو قرض لاهڻ لاءِ پاڻ کي پيش ڪندي چيو هو “هن ملڪ جا وزير اعظم تهمتن ۽ الزامن هيٺ ايندا رهيا آهن ۽ انهن کي ئي داغدار ڪيو ويو آهي. مان تاريخ جي ان پوري ناانصافين کي سڌي ڪرڻ لاءِ قربانيءَ جي لاءِ وڌان ٿو يا وڌيو آهيان” تڏهن سندس ڌيءَ مريم نواز وڏي شدت سان اهوئي چئي رهي هئي ته قربانيءَ جي امتحان مان ڪنهن کي ته گذرڻو آهي تنهن ڪري اسان پاڻ کي انهيءَ جي لاءِ تيار ڪيو آهي ۽ تاريخ جي سڀني گناهگارن کان حساب وٺنداسين پوءِ مسلسل سرد ۽ گرم بيانن سان گڏوگڏ هي تاثر اچڻ لڳو ته نواز شريف سولي ڊيل نه ڪندو.
پي ڊي ايم ۾ جڏهن مزاحمت جي حڪمت عملي زير بحث آئي ته اڪثر انهيءَ تي ٽال مٽول ٿيندي رهي. پورو الزام پ پ پ تي لڳندو رهيو، تڏهن ان الزام ۾ وڌيڪ شدت پيدا ٿي جڏهن استعيفائن جي سوال تي پ پ پ پي ڊي ايم کان الڳ ٿي هي اندازا ۽ امڪان وڌيڪ صاف ۽ شفاف ٿيندي نظر آيا ته هاڻي پي ڊي ايم تاريخ جي گناهن جو ليکو چوکو ڪرڻ جي لاءِ هڪ مزاحمتي تحريڪ سان اڳتي وڌندي پر پوءِ معاملو هڪ قدم اڳتي ۽ ٻه قدم پوئتي ئي نظر آيو.
ن ليگ جي اڪثر اشرافيا ڊيل جي يعني مفاهمت جي نقطي تي زور ڏئي رهي هئي تڏهن مريم نواز کي چوڻو پيو ته “مزاحمت ڪبي ته پوءِ مفاهمت ٿيندي” پر هاڻي لڳي ٿو ته مزاحمت کان پهريان مفاهمت جا پيپر تيار ٿي ويا آهن. توڙي جو هي ڌمڪي جو ۽ اعلانيل مارچ ۾ مارچ ويجھو اچي رهيو آهي پر اهو سڀ ڪجھه مفاهمت جي ماحول لاءِ سازگاري مارچ کان سواءِ ڪجھه ڪو نه ٿو نظر اچي. اهي اندازا سڀ جو سڀ پوئتي ٿيڻ شروع ٿيا آهن جن ۾ هي نظر پئي آيو ته نواز شريف هاڻي اهڙي ڪا به مفاهمت نه ڪندو جيڪا ورجاءَ ۾ کيس وري ڪمزور گرائونڊ تي آڻي بيهاريس.
فرد جو ڪردار طبقي جي ڪردار سان گھڻي ڀاڱي جڙيل رهي ٿو پر ڪڏهن ڪڏهن شعور ۽ مزاج فرد کان اهو ڪردار ادا ڪرائيندو آهي جيڪو طبقاتي مفادن ۽ مزاجن جي خلاف هوندو آهي، اهڙا تاريخ ۾ تمام گھڻا مثال ڳڻائي سگھجن ٿا پر هڪ طبقي جي پوري مزاجي ڪيفيت تبديل ناهي ٿيندي تنهن ڪري هڪ فرد مان اميدون ۽ آسارا رکڻ هرو ڀرو خام خيالي ۽ يوٽوپين ناهي هوندو. نواز شريف جنهن ٿرڊ ڊيل يعني ٽي ڊيل مان گذري پيون اها ڊيل هن کي تاريخ جي ڪهڙي خاني ۾ بيهاريندي انهيءَ کي سمجھڻ ڏکيو ناهي ۽ هاڻي کان پوءِ سندس بيانيي ۾ جيڪڏهن ڪا مزاحمت يا اختلاف ۽ انڪار نظر آيو ته اهو گيم کان سواءِ ڪجھه به نه هوندو پر ڇا ان پوري ڊيل جي مرحلي ۾ جيڪا ڏي وٽ ٿيندي انهيءَ ۾ جڏهن ڀاري پلڙي جو پهلو اڳيان ايندو ته انهيءَ جو ڇيد ۽ تجزيو لازمي ٿيندو ۽ لازمن هي به ڏٺو ويندو ته ڪنهن ڪيترو سبق حاصل ڪيو آهي يا ڪير ڪنهن کي سبق سيکارڻ ۾ ڪامياب ويو. مثال اسٽيبلشمينٽ مان اها اميد رکڻ
صريحن غلطي ٿيندي ته هو پنهنجي ڪنهن تجربي کي ناڪام سڏي.
عمران خان جو تجربو اسٽيبلشمينٽ کي ڪيترو ڏکيو پيو آهي انهيءَ جي تفصيلي بحث جي هن وقت گنجائش ناهي پر هي صاف ۽ چٽو نظر اچي پيو ته اسٽيبلشمينٽ هڪ مهري کي وڌائي ٻه شڪار ڪيا آهن، هڪ هي ته تبديليءَ جو نعرو ۽ ڀڙڪيون جيڪو اسان جو خان ڀائي ڏيندو رهيو، انهيءَ ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي هن جي تبديليءَ جو حشر ڀٽي صاحب جي سوشلزم کان بدتر ٿيو ۽ برو تجربو ٿيندي بري ناڪامي جي طرف وڌي ويو پر جيڪڏهن پاڻ هن کي ناڪامي جي بجاءِ هي چئون ته تبديلي جو نعرو ڌمڪي ۽ بليڪ ميلنگ کان سواءِ ڪجھه به نه هو يا عوام جي جذبات سان کيڏڻ جي راند هئي ته ٺيڪ ٿيندو. انهيءَ نام نهاد انقلابي تبديليءَ جو برو حشر ڪرڻ کان سواءِ ٻيو شڪار هي ڪيو ويو ته نواز شريف کي زندگيءَ جي آخري تجربي جي انقلابيت کان سبق سيکاري مفاهمت جي معذرت تي آندو ويو. جنهن جي خوشخبري جي ن ليگي اشرافيا وڏي فخر ۽ خوشي سان اعلان ڪري رهي آهي، يقينن انهيءَ خوشخبري جو اثر پنجاب جي اشرافيا جي مٿان ته پوندو ئي پوندو پر اهو اثر سنڌ جي سياسي اشرافيا تي پوڻ به اڻٽر آهي، انهيءَ ڪري آصف علي زرداري ان سڄي صورتحال کي محسوس ڪندي پنهنجي لاءِ مستقبل جو خطرو به محسوس پيو ڪري ته جنهن محنت سان هن ۽ مخصوص حڪمتِ عملين سان پ پ پ کي عوامي سياست کان ٻاهر ڪڍي فيوڊل اشرافيا جي پارٽي بڻايو ۽ پوءِ جيڪڏهن اها اشرافيا ايندڙ وقت ۾ کيس الوداع ڪري وئي ته هن جي لاءِ سياسي بحران بد کان بدتر حد تائين نظر پيو اچي، تڏهن هن فورن پنهنجي گروھه کي هڪ ٻيو لالي پاپ ڏنو ته “هن کي چئي رهيا آهن ته ڪو فارمولو ڏي” آصف زرداري جي چوڻ مطابق ته مان انهن کي هي چيو آهي ته پهريان هن کي هٽايو ۽ پوءِ مون سان ڳالهايو. توهان جي تجربن ملڪ جو برو حشر ڪيو آهي ۽ وري ٻئي ڏينهن تي زرداري صاحب وڏي غصي مان هي چيو آهي ته هو لاهور ۾ خيما کوڙي
سياسي ٽڪراءَ ڪندو. اسٽيبلشمينٽ جي اعتماد جوڳن ترجمانن جي بقول ته هن جي پهرين بيان کي اسٽيبلشمينٽ رد ڪندي هن کان اها وضاحت گھري آهي ته هو ان جو نالو کڻي جنهن کيس فارمولا گھريا آهن ۽ جي نه ته سندس خلاف قدم کنيو ويندو. خير پاڻ انهيءَ لالي پاپي بحث ۾ نٿا وڃون پر هي آساني سان سمجھون پيا ته هن ڊيل ۾ پ پ پ ڊرائنگ روم کان ٻاهر بيٺل آهي، انهيءَ ڪري آصف علي زرداري جنهن پنهنجون چڱيون خاصيون خدمتون رضاڪارانا يا اميد آسرن تي ڏنيون، اهو ضرور اهڙو ئي ري ايڪشن ڏيکاريندو، اميد آسرن تي پنهنجي گروهھ کي به بچائيندو ۽ پنهنجو پاڻ کي به سرگرم رکڻ جي لاءِ اڳتي وڌندو، هن ڊيل ۾ جيڪي نتيجا سامهون ايندا، انهيءَ جو باآساني اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي، هڪ طاقت ڪجھه هٽي ٻئي جي لاءِ اسپيس پيدا پئي ڪري پر هو ان گرائونڊ کي ڪڏهن پنهنجي پاڇي کان خالي نه ڪندي جنهن گرائونڊ تي ن ليگ پنهنجي خوشيءَ واري ڪامياب ڊيل جو جشن ملهائڻ جي لاءِ پاڻ کي تيار پئي ڪري ۽ هن ملڪ جو عوام تاريخ جو اهو ورجاءُ وري ڏسندو ته اقتدار پرست گروھه جي انقلابي سياست يا انقلابي نعرا ڪهڙا ٿيندا آهن ۽ پاڻ کي ايندڙ وقت جا وڌيڪ ۽ شديد معاشي بحران نظر پيا اچن، عوام انهن بحرانن جي چڪيءَ مان پنهنجو پاڻ کي آجو ڪرائڻ جي لاءِ صرف سوچيندو ئي رهندو ۽ جنهن مان اميد رکندو اهي وڌيڪ بحران کڻي ايندا ۽ وري ساڳيو ئي ورجاءُ نظر ايندو ته ماضيءَ جي حڪومت جيڪي غلط فيصلا ڪيا آهن، انهن جي سزا عوام کي ئي ڀوڳڻي پوندي پر خوشي جي ڌارا انهن لاءِ هوندي جيڪي هر دور ۽ هر حال ۾ خوش رهيا هوندا آهن ۽ رهن پيا هي ڊيل ڪڏهن به اهڙي نه ڪئي ويندي جيڪا ڊيل عوام جي خوش حاليءَ جو بنياد بڻجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button