اهو تاثر ھينئر بھ موجود آھي تھ ڪي پي ۾ مڪاني چونڊن ۾ عمران خان جي سياسي obituary لکجڻ باوجود، ھو اقتدار جي ايوانن ۾ رھندو! ھي منطق ڪنھن جي بھ سمجھه ۾ نھ ايندو. جيڪڏھن تبديليءَ لاءِ جھيڙيندڙ سياسي قوتون حڪمرانن تي ڪو وڏو حملو ڪري وجھن ٿيون تھ عمران خان جا ھوش اڏامي ويندا ۽ ان طرف تيزيءَ سان وکون کڄي رھيون آھن. پر ان ڳالھه تي اتفاق آھي تھ ڏينھن ۽ ھفتا نھ ئي سھي، پر ڪجھه مھينن اندر سمورو وايو منڊل بدلجي سگھي ٿو. ھي رڳو ھڪ اھم نان سويلين عھديدار جي تبديليءَ جو نتيجو ناھي، پر اصل ۾ عمران خان جي مٿان ھٿ ھٽي وڃڻ يا آشيرواد کان محروم ٿيڻ کانپوءِ نيون حقيقتون سامھون اچڻ شروع ٿي ويون آھن. اھي قوتون جيڪي چونديون رھيون تھ عمران خان جو مينڊيٽ جعلي آھي، ھي سليڪٽرز جي سليڪشن ھئي، شايد اھي بنھه غلط بھ نھ ھيون. جيڪي اڳڪٿيون ڪن ٿيون تھ عمران خان جي اصل سياسي ۽ پارلياماني سگھه ھڪ کان ڏيڍ درجن قومي اسيمبليءَ جون سيٽون مشڪل سان ھوندي، انھن جي ان دعويٰ کي درست سمجھڻ ۾ توڙي جو وقت لڳندو، پر جيڪا ھوا خيبرپختونخوا ۾ هُلي، توڙي جو اھا ايتري ٿڌي ناھي، جو جسم ۾ ڪنبڻي اچي وڃي يا ماڻھو ڏڪڻ لڳن، پر ھر ڪوئي محسوس ڪري سگھي ٿو تھ موسم تبديل ٿي وئي آھي.
اڳوڻي صدر آصف زرداري، جيڪو ڪجھه تعزيتون ڪرڻ دوران چيو ۽ ميڊيا کي مصالحو ڏنو،اھو سڀ ڪجھه شايد درست ثابت ٿي رھيو آھي. ھن جو اھو چوڻ تھ فارمولا پيش ڪرڻ کان اڳ ۾ عمران خان کي گھر ڀيڙو ڪريو، ان کانپوءِ باقي ڳالھيون ٿينديون. ھن بيان کي ائين بھ ورتو ويو تھ شايد آصف زرداري فوجي اسٽيبلشمينٽ کي ڪوديتا لاءِ چيو تھ جيئن سويلين راڄ جو ڍينگو ڍيري ٿي وڃي! اھا سمجھه جي ڳالهھ آھي. ڪيترن ئي مھينن کان مائينس ون فارمولي جون ڳالھيون ھلي رھيون ھيون، ان کانپوءِ پنجاب، سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ بلوچستان ۾ بي اعتماديءَ جون رٿون پيش ڪرڻ لاءِ مشورا ٿي رھيا ھئا، پر ميان نواز شريف جي ھوڏ ھئي تھ نگران حڪومت تي اتفاق ڪيو وڃي، ان کانپوءِ ڇھن مھينن اندر نيون چونڊون ٿين ۽ جيڪا پارٽي چونڊون کٽي، اقتدار ان جي حوالي ڪيو وڃي يا ميثاق جمھوريت تحت، جنھن پارٽيءَ جون سيٽون پارليامينٽ ۾وڌيڪ ھجن، حڪومت ٺاھڻ جو پھريون حق ان جو ھوندو. ان جي ابتڙ پيپلز پارٽيءَ جو فارمولو ھي ھو تھ عمران خان مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ جمھوري طريقو بي اعتمادي جون رٿون آھن. ان کانپوءِ مستقبل جي سياسي ايجنڊا تي ڳالھيون ٿين، جيڪو اتفاق راءِ ٿئي، ان تي عمل ڪيو وڃي ۽ اھو ئي موجوده بحران مان نڪرڻ جو حل آھي.
ھاڻ وري آصف زرداري، (ن) ليگ ۽ تحريڪ انصاف کي چيلينج ڪندي چيو تھ ھو لاھور ۾ خيما کوڙي ويھندو، پوءِ ڏسون تھ ڪير ٿو ميدان ۾ رھي. عمران خان جي جيتامڙي وزير فواد چوڌري وري شھباز گِل سان گڏجي لاھور ۾ آصف زرداريءَ کي جواب ڏنو تھ ان جي حالت اھڙي ڪندا، جھڙي ٻرڙو ڪري ٻارن سان، ھن کي لاڙڪاڻو ۽ نواب شاه بھ ھٿ نھ ايندو. بقول ھنن جي زرداري گدڙ ڀڀڪيون ڏئي ٿو. ڪٿي مِھر علي، ڪٿي تيري ثنا! ڪٿي آصف زرداري ۽ ڪٿي فواد چوڌري! ھي تھ ميچ ناھي. ملھه پھرين جوڙ ۾ ٿيندي، ممڪن آھي تھ عمران خان ميدان ۾ پھلوان طور ھجي ئي نھ ۽ مقابلو آصف زرداري ۽ ميان نواز شريف ۾ ٿئي؟ آصف زرداريءَ جون ڳالھيون ٻڌي ميان نواز شريف بھ لنڊن ۾ سندرو ٻڌڻ شروع ڪيو آھي ۽ پاڻ بنفس نفيس واپس ورڻ جو اعلان ڪيو آھي. ھو ڪڏھن ٿو واپس وري، تاريخ جو اعلان تھ نھ ٿيو آھي، پر تياريون شروع ٿي ويون آھن.
واڳ ڌڻين، نئين راند کيڏڻ شروع ڪئي آھي، انھن ڪي پي ڪي ۾ عمران خان کي ميدان ۾ اڪيلو ڇڏي، مخالف ڌر کي نيڪ خواھشن جو پيغام ڏنو، پر ٻنھي مک پارٽين (ن) ليگ ۽ پ پ کي حيران ڪري ڇڏيو. مخالف ڌر جي ٽين قوت، جي يو آءِ (ف) کي ميدان کليو ڏنو ويو. ممڪن آھي تھ عمران خان خلاف ڪاوڙ ۽ نفرت جو ووٽ مولانا فضل الرحمان کي مليو ھجي، پر ڪي پي جي سرحد پار قوتن جي ردعمل کي بھ ڏسڻو پوندو. ڪي پي ۾ سوڀ کانپوءِ مولانا فضل الرحمان مذھبي تاويلن کي وڌيڪ شدت سان بيان ڪيو. مولانا جي ڳالهھ کي سرحد جي ھن پار بھ ٻڌو ويندو. مولانا عليڳڙهه جي ارڙھين صديءَ ۾ قائم ڪيل پھرين مدرسي جو حوالو ڏنو ۽ چيو تھ ان مان دين جي تعليم کي خارج ڪيو ويو، ھاڻ بھ ائين ئي ٿي رھيو ھو. ھي عمران خان جي مديني جي رياست جو جواب ڏئي رھيو ھو. مولانا جي سوچ ڀلي سندس والد مفتي محمود صاحب جيان يا جي يو آءِ ھند سان ملندڙ جلندڙ ھجي، پر اھا ڪنھن بھ صورت ۾ جمھوري رياست جي ٿي نٿي سگھي. ھي پ پ توڙي (ن) ليگ،جن جو مولانا اتحادي رھيو يا آھي، انھن لاءِ بھ الارم آھي. مولانا فضل الرحمان جي مذھبي ڪيمسٽري تھ عمران خان سان ملي ٿي. پارليامينٽ ۾ عورتن جي حوالي سان جيڪي بل آيا،انھن جي مخالفت مولانا جي پارٽي ڪئي، مولانا واسع تھ مولانا فضل الرحمان کان بھ ٻھ رتيون مٿي آھي، جيڪو ھينئر جي يو آءِ (ف) جو فارمل حصو ناھي.
آصف زرداريءَ جو اشارو ڏيڻ تھ ھن جون واڳ ڌڻين سان ڳالھيون ھلندڙ ھيون، ان بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلايو، ان سان گڏ (ن) ليگ، جيڪا ڪيترين کي سوچن ۾ ورھايل آھي ۽ انھن سڀني جو محور ميان نواز شريف کي سمجھيو وڃي ٿو، اتي بھ مختلف بيانين جي جنگ ھلندڙ آھي. اڳ ۾ بھ محمد زبير کان وٺي اياز صادق تائين ۽ اھي جن جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿي ويو، انھن اعتراف ڪيو تھ ھو واڳ ڌڻين سان رابطي ۾ ھئا ۽ آھن. ميان شھباز شريف بھ ساڳي سوچ کي اڳتي وڌايو ٿي، ھاڻ نواز شريف بھ ساڳي پِچ تي اچي ويو آهي. ھي ساڳي سياسي قيادت آھي، جيڪا عمران خان جي نظر ۾ ڪرپٽ مافيا ۽ چورن جو ٽولو ھو، ھاڻ واڳ ڌڻي بھ انھن سان ويجھڙائپ جا اشارا ڏين ٿا! ھاڻ خبر ناھي تھ عمران خان جي دل تي ڇا گذرندو ھوندو؟ اھي جيڪي چوڪيدار ھئا، اھي جن کي “چور ۽ ڌاڙيل” سمجھيو ويو، انھن سان ڪيئن ملي ويا آھن.
اھي جن 10 سالن جي ايجنڊا جو اعلان ڪيو ھو، انھن کي ڪھڙي پاسي جي ھوا لڳي، جو اھي نھ رڳو پنھنجي ايجنڊا تان ھٿ کڻي ويا، پر پنھنجي مک “ڪپتان” يا بقول ٽوئيٽر جي تبصري نگار جي پليئر کي بي يارو مددگار ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. جنھن وقت عمران خان جي حامين ان کي پليئر سڏيو تھ مريم نواز وري نواز شريف کي ڪوچ قرار ڏنو. ھي جيڪي ڪجھه ٿي رھيو آھي ۽ واڳ ڌڻي، نون يا پراڻن سياسي کيڏارين جي ڳولا ۾ نڪتل آھن،انھن يقين سان سيني تي پٿر رکي ڪپتان کي عاق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھوندو. ھاڻ انھن ادارن جي محنت جو ڇا ٿيندو؟ جن ھڪ اڳوڻي جج جي بقول تھ شريف خاندان خلاف جيڪا ٽن سالن تائين محنت ڪئي، ان تي تھ پاڻي ڦيرجي ويو؟ واڳ ڌڻي جي اھم کيڏاري، جنھن پنھنجي مدي پوري ٿيڻ کان اڳ گريزن جا دورا شروع ڪيا آھن، ڇا اھي معمول جون سرگرميون آھن يا مستقبل جي چيف کي وڏو اپ سيٽ ڏيڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي؟ واڳ ڌڻين ھينئر تائين جيڪي فيصلا ڪيا يا ڪرڻ وارا آھن، ان سان انھن جو پروجيڪٽ تھ لڙھي ويو. پوءِ ميان نواز شريف، آصف زرداري، مريم نواز، شھباز شريف ۽ ٻين اھم سياسي کيڏارين جي ڪيسن جو ڇا ٿيندو؟ ڇا نيب جو چيئرمين بقول شاھد خاقان عباسيءَ جي تھ ڏھاڙي تي مقرر آھي، ٻڏل ٻيڙيءَ جون ھن کي جيڪي ھريڙون ھٿ آيون، ھو انھن تي بھ قناعت ڪندو! سياسي پنڊت چون ٿا تھ جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال ۽ نيب جي اڳوڻي چيئرمين سيف الرحمان ساڳي ٻيڙيءَ جا سوار آھن.
خيبرپختونخوا مان جيڪا ھوا گھلڻ شروع ٿي، اھا سموري سياسي تاڃي پيٽي کي تبديل ڪري ڇڏيندي. تيزيءَ سان تبديليءَ جو واسطو ان ڳالهھ سان آھي تھ ڳالھين ۾ شريڪ کيڏاري ڳالھين جي عمل کي ڪيترو تيز ڪن ٿا. ان دوران اھي سوال بھ پڇيا ويندا تھ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ڊيل يا مِني بجيٽ جو ڇا ٿيندو؟ ڇا مني بجيٽ موجوده پارليامينٽ منظور ڪندي يا نھ؟ ڇا آءِ ايم ايف کي صدارتي آرڊيننس لاءِ راضي ڪيو ويندو؟ مني بجيٽ کانپوءِ عمران خان جي حڪمراني جيڪا ھينئر انتھائي ڪمزور ٿي چڪي آھي ۽ عوام جيڪو وڌيڪ محصولن جو ٻوجھه کڻڻ جي پوزيشن ۾ ناھي، ان جو ڪھڙو ردعمل ھوندو؟ جيڪڏھن تبديليءَ جي ھوا آءِ ايم ايف محسوس ڪري ٿو تھ پوءِ عمران خان سان ٺاهه تھ نھ ٿيندو. ان سان گڏ عالمي قوتون جيڪي لنڊن پلان جو حصو ھونديون، ڇا انھن جي ضمانت اھڙي تھ نھ ھوندي، جھڙي محترمه بينظير ڀٽو کي ڏني وئي؟ ھينئر ڏسڻو ھي آھي تھ مخالف ڌر ۽ واڳ ڌڻي ڪھڙي ورڪ پلان تي اتفاق ڪن ٿا؟ جيڪڏھن مستقبل جو سياسي سيٽ اپ شفاف ھجي تھ واڳ ڌڻين جي ان مداخلت کي ڪيترو قبول ڪري سگھجي ٿو؟ مستقبل ۾ ان جي ضمانت ڪير ڏيندو تھ جنھن پلان تي اتفاق ڪيو ويندو، ان کي واڳ ڌڻي بگاڙڻ يا خراب ڪرڻ جي ڪوشش نھ ڪندا؟ ھاڻ ڳالھين جا جيڪي بھ نتيجا سامھون اچن، عمران خان جي حڪومت جو بار عام ماڻھو کڻي نٿو سگھي. اھو تھ چاھيندو تھ جيترو جلد ٿي سگھي، کيس ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.